Home / افيئر / سنڌ، جتي هاري اڄ به وڏيري جو غلام بڻيل آهي
above article banner

سنڌ، جتي هاري اڄ به وڏيري جو غلام بڻيل آهي

گذريل شماري ۾ “ خوشحال سنڌ، ڏٻرا ماڻهو” ۾ مون سنڌ ۾ بدترين غربت جو ذڪر ڪندي ،ان جي ڪارڻن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن ، جنهن جي ڪري سنڌ ڏينهون ڏينهن غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندي پئي وڃي.جيتوڻيڪ سنڌ قدرتي وسيلن سان  مالا مال آهي پر پوءِ به سنڌ جي معاشي حالت بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي.جيتوڻيڪ گڏيل قومن جا ادارا سنڌ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن جو تناسب 33 سيڪڙو ٻڌائين ٿا. پر زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته زندگي جي بنيادي ضرورتون پوريون نه ڪندڙ ماڻهن جو تعداد 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي، مون ذاتي طور تي هڪ ڳوٺ ۾ عورتن جي ڪرايل گڏجاڻي ۾ جنهن ۾ 100 کن عورتون هيون، تن کان جڏهن هي سوال ڪيو ته توهان مان ڪيتريون اهڙيون عورتون آهن، جن کي  ڏينهن رات ۾ ٽي ويلا ( نيرن، منجهند ۽ رات) ماني ميسر ٿئي ٿي، تڏهن فقط ٻه هٿ ۾ بلند ٿيا. ان جو مطلب ته ان ڳوٺ ۾ 98 سيڪڙو گهرن ۾ کائڻ لاءِ ٽي وقت ماني به مُيسر ناهي!

هي حقيقت به عالم آشڪار آهي ته سنڌ پاڪستان جي مڙني صوبن کان وڌيڪ آمدني ڏيندڙ صوبو آهي، بلڪه معاشي انگ اکر ته اهو ٻڌائين ٿا ته اڪيلي سنڌ صوبي جي سالياني آمدني،باقي ٽنهي صوبن پنجاب، خيبرپختون خواهه ۽ بلوچستان کان به وڌيڪ آهي، جڏهن ته وفاقي پول ۾ جمع ٿيندڙ ان آمدنيءَ جي ورڇ جو واحد طريقو اهو رکيو ويو آهي ته جنهن صوبي جو ملڪي آدمشماري ۾ جيترو حصو هوندو، ان صوبي کي آمدني جي ورڇ واري پول مان به اوتروئي حصو ملندو. اهڙي ورڇ جو فارمولو فقط ان ڪري ٺاهيو ويو جو پنجاب صوبي جو ملڪي آبادي ۾ تناسب 57 سيڪڙو آهي، ان ڪري فارمولي هيٺ اهو سوال هاڻي ڪا به معنيٰ نٿو رکي ته ڪهڙي صوبي جي سالياني آمدني ڪيتري آهي، پرکيس رقم اوتري ملندي جيترو وٽس آدم آهي. اهڙي ورڇ آڌار سنڌ وفاقق کي ڪيترو ڪمائي ڏنو. ان مان ئي سنڌ کي فقط ملڪ جي ڪل آمدني جو 23 سيڪڙو واپس مليو، جيڪو سندس ملڪي آدم شماري ۾ سندس حصي برابر آهي. اهڙي صورتحال ۾ سواءِ سنڌ جي ملڪ جي باقي ٽنهي صوبن کي فائدو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي ملندڙ حصو، سندن آمدنيءَ کان گهڻو وڌيڪ آهي. جڏهن ته سنڌ صوبي کي سندس آمدني جي ڀيٽ ۾ فقط 17 سيڪڙو رقم واپس ملي رهي آهي. هي ڳالهه رڪارڊ جو حصو آهي ته باقي ٽنهي صوبن کي ملندڙ رقم کان اڪيلي سنڌ جي سالياني آمدني وڌيڪ آهي. ان جو مطب اهو ٿيو ته ٽئي صوبا سنڌ جي آمدني تي ڀاڙين ٿا.

سنڌ جي اهڙي صورتحال جتي آمدني جو فقط 17 سيڪڙو ان عوام تي خرچ ٿئي،اهڙي خطي ۾ يقينن ترقي جو نالو نشان نه هوندو ٻئي طرف اهو به ته ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت جي موجودگي ۾ ته سنڌ جي خوشحالي هڪ ديواني جو خواب ئي ٿي سگهي ٿو.

جيتوڻيڪ سنڌ جي معاشي بدحالي جا ڪيترائي ڪارڻ آهن جن ۾ سنڌ کي پنهنجي خود مختياري نه هئڻ، نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت، وڏيرن جو راڄ، ادارن جي تباهي وغيره، پر مونکي سنڌ جي هاڻوڪي معاشي بدترين حالت جو هڪ مک ڪارڻ سنڌ ۾ وڏي زمينداري به نظر اچي ٿو، بلڪل ايئن جيئن پنجاب صوبي جي زرعي ترقي ۽ معاشي بهتري جو مک ڪارڻ اتي ننڍي آبادگاري آهي، پنجاب ۾ زرعي زمين رکندڙ خاندانن جو تناسب سنڌ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي، جنهن سبب ٿوري زمين هئڻ سبب اهي ماڻهو پاڻي زمين کي وقت تي ڏين ٿا ۽ سموري زمين آباد ڪن ٿا.جنهن سبب وڌيڪ زمين آباد هئڻ سان گڏو گڏ في ايڪڙ پيداوار پڻ بهتر ٿئي ٿي ۽ نتيجي ۾ پنجاب ۾ عوام يا اهو طبقو جيڪو زراعت سان لاڳاپيل آهي، وڌيڪ خوشحال آهي.جڏهن ته سنڌ ۾ پنجاب جي  ابتڙ وڏي زمينداري جو نظام آهي،هتي زمين رکندڙ خاندانن جو تناسب تمام گهٽ آهي، جڏهن  ته هزارين ايڪڙ زمين رکندڙن جو تعداد جهجهو آهي. اهوئي مک ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾ هڪ تمام وڏو طبقو زرعي زمين کان محروم آهي ۽ جيڪي خاندان به زرعي زمين رکن ٿا انهن مان اڪثريت وٽ وڏي زمينداري آهي، جڏهن ته ننڍو آبادگار يا ته پاڻي نه هئڻ سبب يا زمين آباد ڪرڻ لاءِ رقم نه هئڻ سبب فصل پوکڻ کان قاصر آهي.نتيجي ۾ زمينداري سنڌ ۾ هڪ مخصوص ڪلاس جي ئي ڪرت وڃي رهي آهي.منهنجي خيال ۾ جيستائين سنڌ ۾ وڏي زمينداري نه ٽٽندي تيسين سنڌ ۾ خوشحالي وارو خواب هڪ ديواني جو خواب ئي رهندو. هتي هڪ اهم سوال اڀري ٿو ته پنجاب ۾ وڏي زمينداري ايتري ناهي جيتري سنڌ ۾ ، ته پوءِ ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي جو زرعي زمين رکندڙن جو تعداد سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي آهي. اصل ۾ نه رڳو ملڪي حڪمرانن پر پاڪستان ٺهڻ کان پهريان انگريز سرڪار پڻ سنڌ ۾ وڏي زمينداري کي ئي هٿي وٺرائي هئي. ته جيئن هو پنهنجا حمايتي پيدا ڪري سگهن. اهو ئي سبب هو جو انگريز سرڪار زرعي زمين کي وڏي هٿيار طور استعمال ڪيو ۽ سکر بئراج، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ تائين سنڌ مڪمل طور تي جاگيردارن ۽ وڏن زميندارن جي جڪڙ ۾ اچي چڪي هئي.

اچو ته اهڙي صورتحال جو تاريخي جائزو ٿا وٺون. جيتوڻيڪ سنڌ جي زمين تي سرڪار جي مدد سان قبضاڪرڻ جو سلسلو ته پراڻو آهي پر ان ۾ تيزي تڏهن آئي، جڏهن سنڌ انتظامي طور بمبئي جو حصو هئي. ان وقت بمبئي سرڪار هڪ حڪم جاري ڪيو جنهن هيٺ “ وڌيڪ زرعي زمين کي آبادي هيٺ آڻڻ لاءِ هر اها زمين جيڪا 5 سال لڳاتار آباد نه ٿيندي، تڏهن پنجين سال زميندار انهيءَ زمين جو ان سال لاءِ ٽيڪس ادا ڪندو. اهڙيءَ صورتحال بعد زميندار ان ڳالهه جو پابند بنايو ويو ته اهو زمين آباد ڪري يا نه ڪري، پنجين سال هر حال ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ پابند هوندو ۽ ناڪامي جي صورت ۾ سرڪار کي اهو قانوني حق حاصل هوندو ته 5 سال لڳاتار زمين آباد نه ٿيڻ سبب پنهنجي قبضي ۾ وٺي. ان وقت جيئن ته ملڪ ۾ زرعي آبپاشي جو ڪو بهتر نظام نه هو ان ڪري جاگيرداري طور انگريزن کان مليل لکين ايڪڙ زمين ٻيهر انگريز سرڪار جي قبضي ۾ اچي وئي.پر جلد ئي جڏهن 1930ع ۾ سکر بئراج ٺهي مڪمل ٿيو تڏهن اهڙن سمورن جاگيردارن انگريز سرڪار کي گذارش ڪئي ته سرڪار پاران غيرآباد پيل اهي سموريون زمينون کين واپس ڪيون ويون جيڪي سرڪار 5 سال لڳاتار آباد نه ڪرڻ سبب قبضي ۾ ورتيون آهن.انگريز سرڪار فراخدلي جو مظاهرو ڪندي اهڙي بنجر پيل 5 لک ايڪڙ زمين جيڪا سکر بئراج مان آباد ٿي سگهي ٿي ۽ سرڪار جي قبضي ۾ هئي. انهن ساڳن جاگيردارن کي واپس ڏئي ڇڏي،جڏهن هاري ۽ خود آبادي ڪندڙ ننڍي آبادگار کي هڪ ايڪڙ زمين به نه ڏني وئي. ايئن انگريز سرڪار سنڌ ۾ وڏي زمينداري ۽ جاگيرداري نظام جون پاڙون وڌيڪ پڪيون ۽ پختيون ڪيون.ان سلسلي ۾ 37-1936ع ۾ نيشنل پلاننگ بورڊ سنڌ ۾ زمينون رکندڙ زميندارن متعلق انگ اکر پيش ڪيا،جيڪي صوتحال کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪن ٿا. گذريل سال ۾ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل هڪ رپورٽ مطابق سنڌ صوبي جي فقط 3 سيڪڙو خاندانن وٽ هڪ هزار ايڪڙ زمين يا ان کان وڌيڪ زرعي زمين آهي. اهي ان وقت سنڌ جي آباد ٿيندڙ زمين جو 48 سيڪڙو حصو آهي.

هي ان وقت سنڌ جي ڪل آباد ٿيندڙ زمين جو تقريبن اڌ حصو ، صوبي جي فقط 3 سيڪڙو خاندانن جي قبضي ۾ هو جيڪا ڳالهه حيران ڪندڙ آهي.نيشنل پلاننگ بورڊ اڳتي هلي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته تمام آباد ٿيندڙ زمين جو 70 سيڪڙو حصو صرف 7 سيڪڙو زميندار ۽ جاگيردارن جو آهي. رپورٽ مطابق هن وقت 86 لک ايڪڙ زمين زميندارن ۽ جاگيردارن جي حصي ۾ هئي. انهن مان 11 لک ايڪڙ زمين فقط 124جاگيردارن جي ملڪيت هئي، يعني ان وقت في جاگيردار وٽ 8870 ايڪڙ زمين هئي.تقريبن 3 هزار وڏيرن وٽ ان وقت 60 لک ايڪڙ زمين هئي. ( تقريبن 2 ايڪڙ في زميندار ) انهن مان 294 جاگيردار يا زميندار اهڙا هئا جن وٽ 5 هزار ايڪڙ يا ان کان به وڌيڪ زمين هئي.ڪجهه زميندار اهڙا به هئا جن وٽ 60 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين هئي. اهڙي طرح اهي ننڍا زميندار جن وٽ هڪ سو ايڪڙ يا ان کان به گهٽ زرعي زمين هئي انهن وٽ فقط 15 لک ايڪڙ زمين هئي، جيڪي زمين رکندڙن ۾ صرف 17 سيڪڙو هئا.

ياد رهي ته پلاننگ ڪميشن جاهي انگ اکر 1950ع واري ڏهاڪي جا آهن، جڏهن ته ان کانپوءِ 1957ع ۾ دريا ءَ سنڌ  تي هڪ ٻيو بئراج ڪوٽڙي بئراج تعمير ٿيو، جنهن سان وڌيڪ 13 لک ايڪڙ زرعي زمين آبادي هيٺ آئي، جيڪا سموري زمين سنڌي ۽  غير سنڌي وڏيرن، جاگيردارن، ملٽري، ايئرفورس، نيوي، پوليس آفيسرن  ۽ اعليٰ سرڪاري عهديدارن،ڪامورن کي الاٽ ڪئي وئي، جڏهن ته خودآباد ڪندڙ ۽ هارين کي فقط هڪ  سيڪڙو زمين ملي سگهي. 1962ع ۽ سنڌو درياءُ تي هڪ ٻيو وڏو بئراج گڊو بئراج تعمير ٿيو، جنهن سان وڌيڪ 16 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي، اهڙي ريٿ گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج جي علائقي۾ فقط پراڻن وڏيرن، جاگيردان ۽ سياستدانن ۽ ڪامورن  کي زمينون مليون ۽  هارپو ڪندڙ ، پورهيت ۽ مزدورن کي زمين جي ورهاست ۾ پٺتي رکيو ويو، اهڙي طرح هاڻي اهڙن وڏيرن ۽ جاگيردارن جو آباد زمين ۾ حصو 17 سيڪڙو مان وڌي 90 سيڪڙو ٿي ويو، اهڙي ريت سنڌ پرڳڻو هن وقت مڪمل طرح وڏي زمينداري(وڏيري)  جي مڪمل گرفت ۾ آهي.

جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته نسل در نسل اهڙن جاگيردارن ۽ وڏيرن جي هزارين ايڪڙ زمين سندن ڪٽنب ۾ ورهائي رهي آهي، پر 1970واري ڏهاڪي ۾ اهي سمورا وڏا زميندار عرف وڏيرا سياست ۾ ڪاهي پيا، جنهن سبب کين انگريز سرڪار جي محتاجي بجاءِ پاڻ اهڙن سڀني قانونن جا رکوالا ٿي پيا، جيڪي قانون هنن وڌيڪ زمينون ڦٻائڻ ۽ قبضا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا، هن وقت هر MPA يا MNA هزارين ايڪڙ زمين جو مالڪ بڻيل آهي، اها زمين انهن ڏاڍ، زور ۽ زبردستي حاصل ڪئي آهي، يا ته سرڪار جي زمين قبضي هيٺ آندي آهي يا ننڍن ننڍن آبادگارن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ ورتي آهي، ڇا ڪاڻ ته اڄ جو وڏيرو جنهن کي رياست سڀ قانون هٿ وس ڏنا آهن، اهو ايترو طاقتور بڻيل آهي، جو ڪو به عام آبادگار ساڻس مهاڏو اٽڪائڻ ته پري پر ساڻس سامهون ڪنهن به ڳالهه کان انڪار به نه ٿو ڪري سگهي.

هن وقت سنڌ ۾ جيڪڏهن زمين جي خريد ۽ فروخت جو رڪارڊ هٿ ڪجي ته زمين خريد ڪندڙ 90 سيڪڙو وڏو زميندار آهي،جيڪو مختلف هيلن ۽ بهانن سان ننڍن آبادگارن جي زمين تي قبضا ڪرڻ واري ڪرت ۾ رڌل آهي،. جيڪڏهن اهو سلسلو برقرار رهيو ته ايندڙ هڪ ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ اندر 5،10 سيڪڙو ننڍي آبادگارن به ختم ٿي ويندي ۽ سنڌ جي زراعت مڪمل طور وڏي زميندار جي قبضي هيٺ هلي ويندي، اهو ئي سبب آهي جو هزارين ايڪڙ زرعي زمين رکندڙ وڏيرو گهرويٺي، زمين سان لاڳاپيل هزارين ووٽن جو مالڪ بڻيو ويٺو آهي، انڪري وڏو زميندار سنڌ جي عوام جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي، جيستائين اها نه ٽٽندي، سنڌ ۾ خوشحالي هڪ ديواني جو خواب بڻيل رهندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو