Home / افيئر / سنڌ جون ٻهراڙيون تبديل ٿي رهيون آهن
above article banner

سنڌ جون ٻهراڙيون تبديل ٿي رهيون آهن

اڄڪلهه پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا اهم خبرن ۽ تجزين سان ٽٻا ٽُٻ آهن. پاڪ-آمريڪا لاڳاپا، عدليا- حڪومت ڇڪتاڻ، ڪراچي ۾ رتوڇاڻ، فرقيواريت، بلوچستان ۾ رت جي راند ۽ اهڙائي مامرا ڄاڻو مبصرن جي بحث جو موضوع بڻيل هوندا آهن. جڏهن ته سول سوسائٽي جون تنظيمون اهڙن تڪرارن توڙي ٻين مسئلن سبب ظلم جو نشانو بڻيل خلق جي نه رڳو نشاندهي ڪن ٿيون بلڪه کين عدالتن ۾ ڪيس وڙهڻ ۾ مدد ڏيڻ کان وٺي عملي طرح روڊن رستن تي احتجاج، ميڊيا مهم، جاڳرتا پروگرامن وسيلي سندن ڀرجهليون ٿين ٿيون. جيڪڏهن ان جي نتيجي ۾ اٿاريل نڪتن تي عمل ٿي پوي ته ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بهتر سوسائٽي جو وجود ممڪن ٿي سگهي ٿو.

ڪجهه سول سوسائٽي تنظيمن کي سماج ۾ سيڪيولر قدرن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي ته ڪجهه وري زور شور سان سلفي اسلام کي هٿي وٺرائي رهيا آهن. ليڪن مٿئين ان سڄي ڊرامي ۾ سمورن ڪردارن “ خاموش اڪثريت” ۽ ورڪنگ ڪلاس سميت کي ٽي وي،موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي حاصل آهي.

ميڊيا، سول سوسائٽي، ادب ۽ تحقيق ۾ ڇا تي بحث ٿي رهيو آهي ؟ اهو آهي پاڪستان جا مختلف تڪرار ۽ وڻج واپار جي وسعت ڪيئن شهرن ۽ ٻهراڙين جي سماجي ۽ معاشي تاڃي پيٽي کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ اهي تبديليون لامحاله پاڪستاني سماج جي بهترين مستقبل جي اڏاوت ۾ مک ڪردار ادا ڪنديون.

مون 1970ع جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي 90ع جي پڇاڙي تائين سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪم ڪيو آهي. ان دوران مون صوبي جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ تبديلين کي نه رڳو محفوظ ڪيو بلڪه شايع پڻ ڪيو.

ڏهن ورهين جي وٿيءَ کانپوءِ مون سنڌ جي ٻهراڙين جا اهي علائقا هڪ ڀيرو ٻيهر ڏٺا جتي آءُ اڳ به رهي چڪو هئس. آءُ انهن علائقن ۾ 2010ع ۽ 2012ع دوران ويس، اتي مختلف برادرين، ٽرانسپورٽرن، آڙهتين، پراپرٽي ڊيلر ۽ مقامي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سان ڪجهه ڪچهريون ڪيم. اتي جيڪا تبديلي منهنجي مشاهدي ۾ آئي سا 10 ورهين ۾ هڪ وڏو ڇال آهي. سڀ کان وڏي تبديلي عورتن جي ترقي ۽ سياسي عمل ۾ شموليت هئي. اهي اين جي اوز ۾ ملازم هيون، اهي ڊولپمينٽ پروگرام ڪرائين ٿيون، اهي سماجي ڪارڪن آهن. انهن عورتن مان وڏو انگ ٻهراڙين سان تعلق رکي ٿو. مون بنهه پٺتي پيل ڪجهه ڳوٺ به ڏٺا جتي خانگي اسڪول ۽ بيوٽي پارلر به هئا، جيڪي ڳوٺ جون عورتون هلائي رهيون هيون. وڏيرن جي ڏاڍاين، ڪامورا شاهي جي زيادتين ۽ امن امان جي خراب صورتحال خلاف روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ احتجاجي مظاهرا ٿيڻ معمول جي ڳالهه آهي. اهڙن مظاهرن ۾ نه رڳو عورتن جي ڀرپور شرڪت هجي ٿي بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته روڊ بلاڪ ڪنديون ئي عورتون آهن.

مختلف گروپن سان مرضي مطابق شادي ڪرڻ جي حوالي سان به منهنجون ڪچهريون ٿيون، اڪثر ماڻهو مرضي موجب شادي جا حامي هئا. سندن خيال ۾ ان ڏس ۾ والدين کي پنهنجو رويو بدلائڻو پوندو. ايئن ٿيڻ سان مرضي موجب شاديون بنا ڪنهن تڪرار جي رضامندي سان ٿي سگهنديون. نياڻين لاءِ مڊل اسڪول نه هجڻ بابت به ڳالهه سامهون آئي. ليڪن تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ڇوڪرن سان مڊل اسڪول ۾ نياڻين جي گڏ پڙهڻ تي به ماڻهن کي ڪو اعتراض نه هو. هڪ ڳوٺ جي نهايت غريب عورت جي هڪ گروپ سان پڻ ڪچهري ٿي. سندن چواڻي انهن مان 20 سيڪڙو عورتن وٽ پنهنجا موبائيل فون آهن اهي سڀ لڳ ڀڳ ٽيليويزن ڏسنديون آهن.باقي 30 سيڪڙو ماين وٽ گهرن ۾ پنهنجا ٽيليويزن سيٽ آهن.

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٻي جيڪا اهم تبديلي مونکي نظر آئي سا هئي ماڻهن جي سفري سهولت. ٽرانسپورٽ ۾ ڪافي حد تائين واڌارو ٿيو آهي. ماڻهن وٽ ڳوٺ ڇڏڻ جو جواز فقط ٻارن جي تعليم جو اونو هو. آءُ جيترن به ڪٽنبن سان مليس تن جا ٿورا ڪي گهڻا ماڻهو ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ ايئن نه هوندو هو،ماڻهو ڪراچي ۾ رتوڇاڻ سبب اوڏانهن وڃڻ کان ڪيٻائيندا هئا، پر هاڻي اتي سندن مٽ مائٽ ۽ دوست به آهن. ان ڪري کين تحفظ جو احساس آهي. ان مان اهو واضح ٿيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. اهو پڻ ٻڌايو ويو ته اهي هاري جن جا مٽ مائٽ شهرن ۾ رهن ٿا اهي پڻ پنهنجا ٻار بهتر تعليم خاطر شهرن ڏانهن اماڻي ٿا ڇڏين.

مٿي ڄاڻايل اڪثر تبديلين هاري ۽ وڏيري وچ۾ تعلق کي پڻ بدلائي ڇڏيو آهي. اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي هاري ناري وڏيري جي خلاف کُلي ڳالهائين ٿا. اڪثر هارين جو چوڻ هو ته اهي هاري رهڻ بدران نوڪري ڪرڻ، رڪشا هلائڻ ۽ ڪوننڍو ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا. هارين جي وڏيري بابت بدليل راءِ پڻ هڪ وڏي تبديلي آهي. هاڻي وڏيرو علائقي ۾ روزمره نٿو اچي، هن کي هڪ شهري زال آهي. هن جي ٻارن جو زمين سان ڪو تعلق نه رهيو آهي. هو علائقي جا جهيڙا جهٽا به نٿو نبيري. هن جي غير موجودگي صورتحال تبديل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري هاري کي عملي ۽ سماجي آزادي نصيب ٿي آهي. “ پاڪستان جي وڏين يونيورسٽين ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي شاهوڪار ۽ با اثر ماڻهن سان هيٺئين ڪلاس جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏ پڙهڻ پڻ صورتحال تبديل ڪري ڇڏي آهي” ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي ٻڌائي ٿو.

يقين ڄاڻو ته هتي بحث هيٺ آيل تبديليون ٽيڪالاجي، وڌندڙ وڻج واپار ۽ ميڊيا جي انقلاب ڪجهه جو نتيجو آهن. پر اهو به نه وسارڻ کپي ته اهو سڀ حڪومت پاڪستان جي تعليمي نظام جو به نتيجو آهي.ان کان هٽي ڪري ته ان جو ڪيترو ڪريل معيار آهي. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون وڏن شهرن جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان  تجربا کڻي واپس موٽن ٿا ۽ پوءِ انهن وٽ نئون تجربو، ڄاڻ ۽ نئين دنيا لاءِ Vision هجي ٿو. ٻهراڙين جون اٻوجهه عورتون به اسڪول پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ وڃڻ لڳيون آهن، جنهن جي ڳوٺ جا وڏڙا ۽ نوجوان سياستدان حمايت پڻ ڪن ٿا. ويجهڙ ۾ مون سان هڪ مذهبي خيال رکندڙ هڪ ننڍري ڳوٺڙي جي بزرگ جي ملاقات ٿي جنهن وٽ ڳوٺ جي ٽن نياڻين جا ڪاغذ هئا جن گريجوئيشن ڪري ورتي هئي. هن مونکي کين ڪنهن ارادي ۾ نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ چيو پئي.

ماڻهن چواڻي ٻهراڙين ۾ جاگيرداراڻو نظام پوين پساهن ۾ آهي. قبائلي تڪرار هٿ سان پيدا ڪيا ويندا آهن. ته جيئن قبيلن جا چيف ۽ سردار انهن تڪرارن جو نبيرو ڪري پنهنجي طاقت برقرار رکي سگهن. ٻهراڙين ۾ امن امان جي صورتحال ان ڪري خراب ڪئي ٿي وڃي ته جيئن سرگرم سياسي سماجي ڪارڪن جوءِ ڇڏي وڃن. شهرن ڏانهن ماڻهن جي لڏپلاڻ پڻ امن امان جي خراب صورتحال جو نتيجو آهي. جڏهن ته پنهنجي سگهه برقرار رکڻ لاءِ بااثر ماڻهو زمين هرحال ۾ پاڻ وٽ رکڻ چاهين ٿا. اهو پڻ محسوس ڪيو ويو ته با اثر ماڻهو پنهنجا پٽ ۽ مٽ مائٽ ڪامورا شاهي ۾ ڀرتي ڪرائي رهيا آهن ۽ پوليس به ساڻن ٻٽ آهي. ايئن اهي ٻئي گڏجي کين زمينون ڦٻائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. ٻئي طرف ملان مسلمانن جي  اقليت فرقن، خلاف تبليغ عوتن جي پڙهڻ ڪم ڪرڻ ۽ مرضي موجب شادي ڪرڻ کي فحائشي قرار ڏيڻ واري ڪرت سان لڳا پيا آهن.جڏهن ته هاري کان وٺي وڏيرن تائين هرڪو هٿيارن پنهوارن سان آهي.

ظاهر آهي ته هاڻي پراڻو جاگيرداراڻو نظام واپس نه اچي سگهندو ڇو ته تبديلي تمام وڏي سطح جي آهي. ليڪن سوال اهو آهي ته بَدي جون قوتون ان تبديلي کي ڪا شڪل وٺڻ کان ڪيئن ڪوانهن تبديلين جو سنڌ جي شهري سياست تي ڪهڙو ۽ ڪيترو اثرپوندو؟ باقي وڌيڪ ڄاڻ ۽ سمجهداري کانسواءِ ڪو به ماڻهو فقط هوا ۾ ئي ڳالهه ڪري سگهي ٿو.(C)ExpressTribme

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو