Home / ڪرنٽ افيئر / سنڌ ۽ سياسي بازيگر
above article banner

سنڌ ۽ سياسي بازيگر

پاڪستان ۾ بنگالين کانپوءِ، جن سڀ کان وڌيڪ ڏک ڏٺا آهن، سي آهن: سنڌي ۽ بلوچ. هونئن ته بنگالي سڄي ملڪ جي آباديءَ جو 56 سيڪڙو هئا پر اسان جي اولهه پاڪستان (هاڻ پاڪستان) جي حڪمرانن، کين ڪونه سٺو. جيتوڻيڪ اُهي بنگالي ئي هئا جن هن ملڪ جي برپا ٿيڻ لاءِ مکيه قربانيون ڏنيون، اها ڳالهه سورنهن آنا سچ آهي

ته جيڪڏهن بنگالي پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو نه وٺن ها ته پاڪستان وجود ۾ نه اچي ها. مسلم ليگ جنهن اڳتي هلي پاڪستان لاءِ مکيه جدوجهد ڪئي، سا به سال 1906 ۾ ڍاڪا ۾ ٺهي هئي، پر پاڪستان ٺهڻ کان ستت ئي پوءِ بنگالين کي احساس ٿي ويو ته ساڻن ويساهه گھاتي ڪئي پيئي وڃي جو مذهب جي نالي ۾ حاصل ڪيل، دنيا جي پهرين ملڪ پاڪستان (مذهب جي نالي ۾ ٺهيل ٻيو ملڪ اسرائيل آهي جيڪو سال 1949 ۾ يهودين لاءِ وجود ۾ آيو) ۾ اولهه پاڪستان سان واسطو رکندڙ حڪمرانن  مٿن هندستان ۾ جوڙيل اردو ٻولي مَڙهي پر ساڳي وقت قران شريف جي ٻولي يعني عربيءَ کي مذهب جي نالي ۾ ٺهيل ملڪ  اندر قومي ٻولي بڻائڻ کان انڪار ڪيائون. تڏهن وڃي بنگالين اکيون پٽيون ۽ بنگالي ٻوليءَ کي به پاڪستان جي ٻي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ تحريڪ هلايائون، موٽ ۾ کين گوليون هنيون ويون، اهڙي ريت پهريون ڀيرو چئن نوجوان بنگالي شاگردن کي 21 فيبروري  1952 تي ڍاڪا ۾ شهيد ڪيو ويو، بهرحال، گڏيل قومن جيَ اداري بعد ۾ انهيءَ ڏينهن کي مادري ٻولين جو ڏينهن،  عالمي سطح تي قرار ڏنو، جيڪو هر سال ساري دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. مون ڍاڪا ۾، وار آف لبريشن ميوزم  (توبخانو روڊ) ۾ ٻوليءَ جي شهيدن جون تصويرون ۽ 1971 ۾ آزاديءَ جي ويڙهه دوران شهيد ٿيل بنگالين جون، شيشن جي شوڪيسن ۾ رکيل سوين انساني کوپڙيون ذاتي طور ڏٺيون، ٻين لفظن ۾ پاڪستان طرفان، ماضيءَ ۾ زبان جي مسئلي تي گھڻائيءَ سان ٿيل کليو کلايو زيادتيءَ خلاف هلايل جدوجهد کي عالمي اداري مڃتا ڏني. ڊسمبر 1971 ۾ وڏي قرباني کانپوءِ هنن آزادي ماڻي پر سنڌ جو عوام ، اڃا به ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي جيتوڻيڪ سنڌ، وسيلن جي لحاظ کان شاهوڪار صوبو آهي پر عملي طرح پٺتي آهي.

 

گذريل چاليهن ورهين کان به مٿي عرصي دوران سنڌي عوام جنهن سياسي پارٽيءَ  (پ پ پ) کي پنهنجو سمجھي ووٽ ڏنا ۽ ان لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون، تنهن ساڻن گذريل ساڍن چئن ورهين دوران کليو کلايو ۽ لاڳيتو ويساهه گهاتيون ڪيون آهن، انهيءَ پارٽي (پاڪستان پيپلز پارٽي) لاءِ سنڌ جي اڪيچار ماڻهن ملڪ جي ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر  جنرل ضياءِالحق جي دور ۽ خاص ڪري ايم.آر.ڊي واري تحريڪ دوران ڦٽڪا کاڌا. مٿن مگ جهازن ذريعي بيدرديءَ سان بمباري به ڪئي وئي،  ڪيترا سنڌي مختلف شهرن ۾ شهيد ٿيا، ايستائين جو دادو ضلعي جي هڪ شهر خيرپور ناٿن شاهه تي، شهيدن جو شهر، جو نالو پئجي ويو هو.  مون پاڻ، مگ جهازن جي هوائي حملن ۾ شهيد ٿيندڙن جي نالن جي فهرست، ڪراچيءَ جي پريس ڪلب جي نوٽيس بورڊ تي پڙهي هئي، پيپلز پارٽيءَ لاءِ هزارين سنڌين بي مثال قربانيون ڏنيون پر افسوس ته پيپلز پارٽيءَ سنڌين جا سور ٻيڻا ٽيڻا ۽ حال هيڻا ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه به نه ڪيو.

 

هاڻ اچو ته سنڌي عوام جي مختلف آپشنس تي مختصر نظر وجھون ته ڇا سنڌي عوام وٽ پ پ پ جو ڪو متبادل به آهي يا نه:
1 ـ پ پ پ ۽ سنڌي:
مٿي مختصر ذڪر ڪيو اٿم ته گذريل ساڍن چئن ورهين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌي عوام سان سچي نه رهي آهي، انهيءَ پارٽيءَ سنڌين سان ڪيترا ڀيرا ويساهه گھاتيون ڪيون آهن جيڪي اڃا به جاري آهن. هيءَ اها ئي پارٽي آهي جنهن ڪراچيءَ جي لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ گذريل سال (2011) سنڌ اندر مڪاني ادارن جا هڪ ئي وقت ٻه الڳ الڳ نظام رائج ڪيا، جن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ لاءِ الڳ نظام هو ۽ رهيل سنڌ لاءِ الڳ. اهو سڀ ڪجهه رات جي اونداهي ۾، سنڌ اسيمبليءَ کي نظرانداز ڪري آرڊيننس ذريعي ڪيو ويو هو، جنهن جو اڪيلو مقصد ڪراچيءَ جي لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ ۽ شايد سنڌين جي هنيانءَ تي مڱ ڏرڻ هو. پر اهو آرڊيننس، سنڌين جي سخت مخالفت سبب، اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ جي پ پ پ کي همت ئي ڪانه ٿي، سو 90 ڏينهن اندر منظوري نه ملڻ ڪري ختم ٿي ويو ۽ هاڻ پ پ پ سبق سکڻ بدران وري رات جي اونداهي جو ٻيهر سهارو ورتو آهي ۽ ساڳي لساني تنظيم کي ٻيهر خوش ڪرڻ لاءِ، سنڌ اندر مڪاني ادارن جا هڪ ئي وقت ٻن بدران ٽي نظام، ايس.پي.ايل.جي.او ـ 2012 آرڊيننس ذريعي آندا آهن. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته پ پ پ جي هاڻوڪن حڪمرانن کي سنڌين سان ڪو پراڻو وير پاڙڻو آهي يا وري هو کين تي خريد ڪيل غلام سمجهن ٿا پر شايد انهن کي غلط فهمي آهي ته پ پ پ سنڌين سان ڪيتريون به  ويساهه گھاتيون ۽ جُٺيون ڇو نه ڪريَ پر ووٽ وري به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽي جي نالي تي کين ئي ملندا رهندا.  مٿان وري سنڌ جو سڌ سماءُ واري وزير ۽ سنڌ جو قانون وارو وزير جن سنڌ اندر اڳ، مڪاني ادارن جا هڪ ئي وقت ٻه نظام رائج ڪرڻ ۽ هاڻ ٽي نظام رائج ڪرڻ ۽ سنڌ اسيمبليءَ کي نظرانداز ڪري آرڊيننس ذريعي لاڳوڪرڻ جي کليو کلايو وڪالت ڪئي آهي سي اک جي پڪائي ڪندي دعوائون ڪندي نه ٿا ٿڪجن ته پ پ پ کان وڏي قوم پرست ٻي پارٽي ڪانهي. سبحان الله! جيڪڏهن اها قوم پرستي آهي ته پوءِ سنڌ ڌرتيءَ سان غداري ڇا کي چئبو آهي؟ تنهن جي ٻنهي وزيرن کي وضاحت ڪرڻي پوندي.

بهرحال، سنڌ ۾ هن وقت پ پ پ وٽ 168 ميمبرن واري ايوان ۾ 96 سيٽون آهن جڏهن ته اها ڪراچيءَ جي لساني تنظيم جنهن وٽ 51 سيٽون آهن تنهن وٽ اهڙي ريت يرغمال بڻيل آهي جهڙي ريت ڪنهن وقت اٽليءَ جي ٻيٽ سسليءَ ۾ ، عوام ۽ اڪثريتي پارٽيءَ واري حڪومت، مافيا تنظيم وٽ يرغمال بڻيل هوندي هئي. جيڪڏهن هاڻوڪين حالتن ۾ عام چونڊ ٿئي ته پ پ پ  جو سنڌ ۾ گھڻائي حاصل ڪرڻ جو امڪان گھٽ آهي! ان کان علاوهه پ پ پ گذريل عام چونڊ ۾ سنڌ جي عوام سان ڪيل واعدن تان به ڦري وئي آهي، جن ۾ حيدرآباد جي هڪ ضلعي طور ٻيهر بحالي کانسواءِ  ڪراچيءَ جي پنجن ضلعن جي حقيقي معنى ۾ بحالي (موجود نالي ماتر بحالي دوکو آهي)به شامل آهن. بهرحال،  سنڌ ۾ بيڊ گورننس سج وانگيان هڪ حقيقت بڻجي وئي آهي.
2 ـ ايم.ڪيو.ايم ۽ سنڌي:
متحدا قومي موومينٽ (ايم.ڪيو.ايم) جنهن جو سربراهه الطاف حسين آهي سو لنڊن ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گھاري رهيو آهي، سندس پارٽي لساني تنظيم طور ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي، جنهن ۾ هن وقت ڪو به ناميارو سنڌي سياستدان، اديب، اسڪالر، دانشور، ليکڪ، صحافي وغيرهه شامل نه آهي جنهن جو مکيه  سبب انهيءَ پارٽيءَ جي تعصب پرستي واري سياست ڪرڻ آهي، جيتوڻيڪ الطاف حسين سنڌ ڌرتيءَ جو پاڻکي سپوت سڏائڻ ۽ جيجل سنڌ کي ڀاڱا نه ڪرڻ جو بار بار دعويدار رهيو آهي پر سندس پاليسيون تڪراري رهيون آهن. شهيد بينظير پنهنجي انگريزي ڪتاب، ڊاٽر آف دي ايسٽ، جي نظرثاني ٿيل ايڊيشن ۾ لکيو ته ايم.ڪيو.ايم وٽ دهشت گرد ونگ آهي پر اسان سياسي ونگ سان ڳالهائينداسين. سنڌ جا سياستدان، دانشور، ليکڪ ۽ صحافي هن پارٽيءَ کان ڪوهين ڏُور آهن ڇاڪاڻ ته ان جون کليو کلايو پاليسيون، سنڌين ۽ سنڌ ڌرتيءَ خلاف آهن جڏهن ته ظاهري طور اها پارٽي، پنهنجي سياسي ديوتا ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ ساڻس نو ورهيه اقتدار ۾ ٻِٽ رهي، خوب جاوا ڪيا ۽ سنڌين کي نسلي مت ڀيد جو نشانو بڻايو. انهيءَ پارٽيءَ جنرل مشرف سان ملي ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي لساني بنيادن تي هڪ ضلعو بڻايو جڏهن ته  حيدرآباد ضلعو جنهن جي آبادي 25 لک هئي، تنهن کي چئن ٽڪرڻ ۾ ورهائي ڇڏيو. اهو سڄو هاڃو پاڪستان جي چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف ۽ وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم جي دور ۾ ٿيو. حيدرآباد کي لساني بنيادن تي چئن حصن ۾ ورهائڻ ۽ ڪراچيءَ کي هڪ رکڻ  سنڌي دشمنيءَ جي انتها هئي.

هن پارٽيءَ وٽ سنڌ اسيمبليءَ اندر 51 سيٽون آهن، جن مان ٻه ٽي سيٽون غيرمشهور سنڌين وٽ به آهن پر انهن جي حالت ڪٺ پتليءَ جهڙي آهي.

ٻئي طرف، سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ڪراچيءَ جي اڳوڻي ميئر سيد مصطفى ڪمال جي کليو کلايو تعصب پرستي ۽ سنڌي دشمنيءَ واري  ڪارڪردگي ڪنهن کان به لڪل نه هئي. هيءَ اها ئي پارٽي آهي جيڪا پ پ پ کي پنهنجن آڱرين تي نچائيندي رهي آهي. مڪاني ادارن جا ٻه نظام ۽ هاڻ ٽي نظام انهيءَ پارٽي، رات جي گھگھه اونداهي ۾ آرڊيننس ذريعي رائج ڪرايا ۽ ته جيئن سنڌين جي ڦٽن تي کليو کلايو لوڻ ٻُرڪي سگھي. ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگس ۽ بليڪ ميلنگ شهري ڌر جو دين ايمان ۽ ڌرم رهيا آهن.

3 ـ عوامي نيشنل پارٽي ۽ سنڌي:

عوامي نيشنل پارٽي (اي.اين.پي) جون سنڌ اسيمبليءَ جي 168 جي ايوان ۾هن وقت2 ميمبر آهن، هن پارٽيءَ پ پ پ سرڪار طرفان مڪاني ادارن واري آرڊيننس ذريعي اڳ ۾ به ٻٽيَ نظام رائج ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي ۽ هاڻ به هڪ ئي وقت ٽي نظام ٻيهر رائج ڪرڻ واري آرڊيننس جي مخالفت ڪئي آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان پارٽيءَ احتجاجي طور بائيڪاٽ ڪيو، سنڌ حڪومت مان سندس اڪيلي وزير استعيفى ڏني آهي ۽ وفاق ۾ حڪومت ڇڏڻ جي به ڌمڪي ڏني اٿس،  ان پارٽيءَ جون پاليسيون سنڌين جي فائدي ۾ آهن پر جيئن ته هيءُ پٺاڻن جي پارٽي سمجهي وڃي ٿي ۽ اها لساني تنظيم ايم.ڪيو.ايم سان ڪراچيءَ ۾ سڌيءَ ريت ٽڪر ۾ آهي، تنهن ڪري سنڌ جو عوام ، سنڌ جي مفاد خاطر ٽڪراءُ نه ٿو چاهي ڇاڪاڻ ته هن وقت اهڙو ٽڪراءُ سنڌ جي يڪجهتيءَ لاءِ  اڳتي هلي هاڃيڪار ٿيندو، هونئن به سنڌي، ڪنهن غير سنڌيءَ جي اڳواڻي سولائيءَ سان قبول نه ڪندا ، منهنجي خيال ۾ سنڌي هن پارٽيءَ ۾ پ پ پ جي متبادل طور شرڪت ڪونه ڪندا پر اڳتي هلي ان سان مفاهمت ٿي سگھي ٿي، بهرحال، سنڌي عوام کي هر قدم سوچي سمجهي کڻڻو پوندو.

4 ـ پاڪستان مسلم ليگ ـ نون ۽ سنڌي:

پاڪستان مسلم ليگ ـ نون جو سربراهه ميان نواز شريف آهي، جيڪو هن کان اڳ ٻه ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي، پنهنجي وزارت عظميٰ جي ٻنهي دورن (ڪل ڇهه ورهيه ) دوران ڪوبه اهڙو ميگا ترقياتي پروگرام شروع نه ڪيائين جنهن کان، سنڌ جي عوام کي سڌي ريت فائدو پهچي ها، ٻيو ته ٺهيو پر هن شهيد بينظير جي دور ۾ شروع ڪرايل ميگا پراجيڪٽ جهڙوڪ ٿر ڪوئلي واري رٿا، ڪيٽي بندر واري رٿا ۽ اتي بجلي گھر اڏائڻ واري رٿا ختم ڪري اهو پيسو وڃي لاهور ـ اسلام آباد موٽر هاءِ وي تي خرچ ڪيو، ڄام صادق جهڙي شخص کي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪيلي سيٽ هئڻ جي باوجود  سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيائين جنهن سنڌ اندر ظلم جي باهه ٻارڻ کان علاوهه مخالفن لاءِ ڌرتي ٽامو بڻائي ڇڏي هئي . 1991 ـ پاڻي ٺاهه به سندس (نوازشريف ۽ ڄام صادق) دور ۾ ٿيو جنهن ڪري سنڌ پنهنجي جائز پاڻيءَ جي حصي کان محروم ٿي وئي جنهن جو ثبوت ڊائون اسٽريم ڪوٽڙيءَ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ۽ انڊس ڊيلٽا جي تباهي آهي. هن وقت به پنجاب سنڌ جو پاڻي کليو کلايو چورائي ٿو ۽ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ۽ تباهيءَ جو به اهو ذميدار آهي جڏهن ته پنجاب ۾ نواز شريف جو ننڍو ڀاءَ شهباز شريف وڏو وزير آهي، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو سندس پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ اهو اعلان ڪيائين ته هو ڪڏهن به قوم پرست نه رهيو آهي، نواز شريف سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهه جلال شاهه سان لکت ۾ به ٺاهه ڪيو آهي، سندس پارٽيءَ جو سنڌ اسيمبليءَ ۾ڪوبه ميمبر ناهي، پر سنڌ جي عوام جي گھڻائي پ پ پ کي ڇڏي ، پ.م.ل ـ نون ۾ شامل ٿئي، سو ظاهري طور نظر نه ٿو اچي جنهن ۾ وڏي رڪاوٽ ماضيءَ ۾ سندس پنجاب پرست ۽ سنڌ دشمن پاليسيون آهن جڏهن ته نوازشريف جو ننڍو ڀاءُ شهباز شريف، سنڌ دشمن پاليسين تي اڃا به سختيءَ سان عمل پيرا آهي.

 

5  ـ پاڪستان مسلم ليگ قاف ۽ سنڌي:

پاڪستان مسلم ليگ قاف وارا اڳوڻي ڊڪٽيٽر مشرف جا سياسي وارث آهن، سنڌ ۾ هن پارٽيءَ جي ڪا خاص مقبوليت ڪانهي، هن وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ انهيءَ پارٽيءَ جون 07 سيٽون آهن، نئين آرڊيننس رائج ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اندر سندن هڪ وزير شهريار مهر همت ۽ قومي غيرت جو مظاهرو ڪندي، ٻين پارٽين جي چئن وزيرن سان گڏ استعيفى ڏني آهي، جنهن جي واکاڻ ڪري سگھجي ٿي. بهرحال، سنڌ جو عوام پ پ پ کي ڇڏي انهيءَ پارٽيءَ ۾ هرگز شامل ڪونه ٿيندو.

 

 

6 ـ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ سنڌي:

پاڪستان مسلم ليگ ـ فنڪشنل جا هن وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪل 08 ميمبر آهن، ستين پير پاڳاري مرحوم جون پاليسيون، ڊڪٽيٽرن جي فائدي ۽ سنڌي عوام جي سخت خلاف رهيون هيون پر اٺين پير پاڳاري (راجا سائين) انهن ۾ هيلتائين ڪجھه بنيادي تبديلي آندي آهي، مثال: ستين پير پاڳاري پنهنجن مريدن تي سنڌي ٽوپي پائڻ تي بندش وڌي هئي، جيڪا هاڻوڪي پاڳاري لاٿي آهي جنهن سنڌين جو انهيءَ وقت ساٿ ڏنو جڏهن حڪمران پ پ پ سرڪار، سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪندي، مڪاني ادارن بابت لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ  رات جي پيٽ ۾  سنڌ دشمن آرڊيننس جاري ڪيو، سنڌ جي قومپرستن ان خلاف هڙتال جو سڏ ڏنو جنهن جي پير پاڳاري نه رڳو حمايت ڪئي پر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندس حرن (مريدن) احتجاجي جلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت ڪئي. سندس پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ وزيرن استعيفائون ڏنيون ۽ هن پارٽيءَ  سنڌ ۾ گڏيل سرڪار پڻ ڇڏي ڏني آهي. پير صاحب پنهنجن مريدن کي، 26 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ به شرڪت جي اجازت ڏني. صدر آصف علي زرداري، هاڻوڪي پير پاڳاري کي فون ڪري مڪاني ادارن جي آرڊيننس بابت ساڻس ملڻ جي خواهش ڏيکاري ته هن ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو. سنڌ جي عوام کي هاڻوڪي پير پاڳاري کان گھڻيون اميدون وابستا آهن ۽ اميد آهي ته هو پنهنجي ڏاڏي سورهيه بادشاهه جون سڪون لاهيندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته تاريخ ۾ سندس نالو سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو.
جيئن ته اٺين پير پاڳاري جي هيلتائين عوامي سياست ڪانه آهي سو ڪيترن مامرن تي اڃا به کيس چٽو موقف اختيار ڪرڻو پوندو. بهرحال، اهو چوڻ ته  سنڌ جو عوام پ پ پ کي ڇڏي،
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي پويان هلي پوندو ته ائين چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو. بهرحال، پ پ پ جا ساڳيا پرِڪار رهيا ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي مسئلن تي اڳتي هلي چٽو موقف اختيار ڪيو ۽ عوامي سياست شروع ڪئي ته پوءِ  ٿي سگھي ٿو ته سنڌين جو وڏو انگ، ڇوٽڪاري ماڻڻ لاءِ پير صاحب ڏانهن واجھائي پر هن وقت ڪا پڪي راءِ قائم ڪرڻ وقت کان اڳ ٿيندو.

7 ـ  سنڌي قوم پرست ۽ سنڌي:

 

سنڌي قومپرست هن وقت مختلف پارٽين ۾ ورهايل آهن، هنن جي وچ ۾ ڪيترا اتحاد ٺهن ٿا پر مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ ٽٽي پون ٿا، سنڌ جو عوام جيئن ته سنڌي قوم پرستن سان، پ پ پ کان ملندڙ ڏنڀن جي سلسلي ۾  همدردي رکي ٿو ته پر ان جي باوجود کين ووٽ نه ٿو ڏئي، جنهن جا ڪيترا ئي سبب آهن، پر جڏهن سنڌ تي ڪوبه ڏکيو وقت اچي ٿو ته هو سنڌ جي قومپرستن ڏانهن ئي ڏسن ٿا، انهن مان ڪيترا قوم پرست جيڪي محترم جي.ايم.سيد جا پيروڪار آهن، سي عام چونڊن ۾ حصي وٺڻ جا سخت مخالف آهن پر جلال شاهه، قادر مگسي، اياز لطيف پليجو وغيرهه عام چونڊ ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا. بهرحال، قومپرستن جي غيرمنظم هئڻ، پنهنجي مفادکي قومي مفاد تي ترجيح ڏيڻ، ميڊيا ۾ گھٽ پبلسٽي ملڻ ۽ سائنٽيفڪ طريقي سان ڪم نه ڪرڻ سبب ايتري مڃتا نه ماڻي سگھيا آهن، جيتري کين حاصل ڪرڻ گھربي هئي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ کين هڪ به سيٽ ڪانهي، في الحال، سنڌ جو عوام پ پ پ جي سنڌ دشمنيءَ وارين پاليسين سبب ششدر آهي ۽ صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي جڏهن ته  عام چونڊ ۾ ڪجھه مهينا رهيل آهن، سو سنڌ جو عوام ڳنڀيرتا سان صورتحال کي جاچي رهيو آهي. في الحال، سنڌ جو عوام همدرديءَ جي باوجود، وڏي انگ ۾  قومپرستن سان باقاعدگي سان شامل ڪونه ٿيندو ڇاڪاڻ ته اهو پ پ پ کان اڃا به مڪمل مايوس ڪونه ٿيو آهي. سندن خيال ۾ اها پ پ پ آهي جيڪا ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي هئڻ سبب سنڌين لاءِ ڪجهه ڊليور (مثبت نتيجا) ڪري سگھي ٿي.


سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مکيه پارٽين جو مٿي مختصر جائزو ورتو اٿم. بهرحال، جيڪڏهن پ پ پ پنهنجي پير تي پاڻ لاڳيتو ڪهاڙو هڻندي رهي ۽ لساني تنظيم جي بليڪ ميلنگ آڏو ، ادب جا ٻيئي هٿ ٻڌي ڀر بيٺي رهي آهي ۽ سنڌ جي عوام جي امنگن جو خون ڪري هنڀوڇيون هڻندي رهيَ ته پوءِ ٿي سگھي ٿو ته  سنڌ جو عوام، ڪنهن نئين سياسي اتحاد، سنڌي قومپرستن يا پير پاڳاري کي ووٽ ڏئي پر اهو سڀڪجھه تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال تي دارومدار رکي ٿو. بهرحال، في الحال، پڪ سان ڪجھه چئي نه ٿو سگھجي ڇاڪاڻ ته اهو ڏسڻو آهي ته پ پ پ لساني تنطيم کي خوش ڪرڻ  ۽ سنڌ دشمنيءَ ۾ اڃا به ڪيترو اڳتي وڌي ٿي. هن وقت سنڌ جا وزير شرجيل انعام ميمڻ، اياز سومرو هجن يا اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار کهڙو، سي سڀ مڪاني ادارن جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون نوڪريون بچائڻ ۽ پاڻکي وفادار ثابت ڪرڻ ۾ ڏينهن رات لڳا پيا آهن.
بهرحال، صدر آصف زردايءَ کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته سکڻي سنڌي ٽوپي پائڻ سان، سنڌين کي خوش ڪرڻ وارا ڏينهن گذري ويا ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن پ پ پ جي اڳواڻن کي عام چونڊ ذريعي عوامي عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي، جڏهن ته لساني تنظيم وارا ڪُٽي کائڻ وارا مجنا، کيس وچ سير ۾ ڇڏي ڀڄي ويندا.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو