Home / افيئر / صحت جون اڻپوريون سهولتون سهانگو موت- مهانگي زندگي
above article banner

صحت جون اڻپوريون سهولتون سهانگو موت- مهانگي زندگي

مون کي اهو احساس ننڍپڻ کان ئي رهيو آهي ته معاشي اڻبرابري اسان جي ملڪ ۽ غريب عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي.1977ع ۾ منهنجو ڏاڏو “ اپينڊڪس” (Appendix) جي سوڄ ڪري (جنهن کي طب جي زبان ۾ اپينڊيسائٽس چئبو آهي.) گذاري ويو. اتي موجود جنرل پريڪٽشنرز کي اها خبر ئي نه پئي ته اهو ڪو اپينڊيسائٽس آهي جنهن جو علاج فقط آپريشن ئي آهي. هڪ ڀيري جيڪڏهن ان جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته پوءِ مريض جو کاڌو پيتو بند ڪرڻو پوندو آهي ۽ جيترو جلد ممڪن هجي ان جو علاج ڪجي پر ٿيو ايئن جو ان کي کائڻ پيئڻ کان به نه روڪيو ويو ۽ ٻيو ته ٺهيو پر ان کي اينو فروٽ سالٽ پيئڻ جي اجازت به ڏئي وئي. اپينڊڪس ڦاٽي پيو ۽ جڏهن به اپينڊڪس ڦاٽندو ته پيٽ سڄڻ لڳندو، پيٽ اندر پونءِ ڀرجي ويندي ۽ ماڻهو مري به سگهي ٿو.منهنجي ڏاڏي جي مرڻ تي مون سوچيو ته ايئن ڇو آهي ڇا لاءِ ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڊاڪٽر ڪونهن يا ماهر ڊاڪٽر ڪونهن. الائي ڪيترائي ماڻهو مرد، عورتون ۽ ٻار بغير علاج مري ويندا هوندا. چانڊڪا کلڻ کانپوءِ ڪجهه بهتري ٿي آهي. انهن علائقن ۾ ڪجهه شعبن ۾ ماهر ڊاڪٽر اچي ويا آهن.اڄڪلهه سکر ۾ S I U T جي شاخ ۾ وڃڻ ٿئي پيو، هر ماڻهو هڪ داستان کنيو پيو گهمي ،. ٿورو به پيار سان ڳالهايو، حال اوريو، ڳوڙهن جادرياهه ڇوليون  هڻڻ لڳندا. مرد روئيندا گهٽ آهن، ڪجهه ڪٺور هوندا آهن پر جڏهن ٻارن جي علاج ۾ پورا نه پوندا آهن ته عورتن کان وڌيڪ روئڻ لڳندا آهن. هڪ 12 سالن جي ٻار کي چڪاسيو، ڪمند جي ٽرالي تان ڪمند لاهيندي اوچتو ڪري پيو ۽ ٽرالي هيٺان اچي ويو ، هڏيون ڀڄي پيس، پيشاب جي نالي ڦاٽي پيس، 22 مهينن کان بستري تي آهي ۽ مثاني ۾ نلڪي پيل اٿس، سندس پيءُ بسڪيٽ وڪڻندو آهي، اٺ ٻار اٿس، همراهه هنجون هاري ويٺو. اهڙا ڪيترائي داستان ٻڌڻ ۾ ايندا. غربت ته خير آهي ئي مٿان وري ٻارن جي لوڌ. هڪ 27 سالن جي ڇوڪري آئي هڪ گردي ۾ پٿري هيس، چئن مهينن جي ڳورهاري هئي 10 ٻار اڳ ۾ به هيس، پڇيو مانس شادي گهڻي عمر ۾ ڪئي اٿئي، چيائين 12 سالن جي عمر ۾  ! آخري ٻار 8 مهينن جو اٿس ۽ هاڻي 4 مهينن جو پيٽ اٿس. هڪ اڻهوند ٻيا افعال بڇڙا. غربت جي لعنت کي اسان جي اٻوجهائپ اڃا وڌيڪ سور ڏيو ڇڏي. اهڙا قصا ۽ سور تمام گهڻا آهن، منهنجي عادت آهي ته مريصن کان ذاتي مسئلا به پڇندو آهيان ته جيئن خبر پوي ته فقط طبعي مرض اٿس يا ڪو سماجي ۽ معاشي بيماري به لاڳو اٿس.

اسان جي ماڻهن سان ٻئي مسئلا آهن. تنهن ڪري ئي شايد دنيا جي صحت واري اداري W  H O صحت سڀني لاءِ جو مقصد فقط جسماني صحت ڪونهي ٻڌايو پر سماجي ۽ معاشي صحت به ان جو اڻٽٽ حصو آهي. مثال طور مريض کي ٽي بي جي بيماري آهي  اوهان ان کي چار دوائون پوري سال لاءِ لکي ڏنيون ۽ چيو ته کاڌو به سٺو کائجان ته جيئن قوت مدافعت پيدا ٿئي ۽ ٽي بي جي جيوڙي سان پڄي سگهي. هاڻ دوائن  جا پئسا، کاڌي پيتي جا پئسا ۽ هوا دار گهر، اهو سڀ ڪجهه ڪٿان اچي ؟ نتيجي ۾ ٽي بي جو مرض ان مريض کي ته ماريندو ئي پر اهو جيوڙو ان مريض مان ٻئي گهرڀاتي، اوڙي پاڙي واري ۽ يار دوست کي به متاثر ڪندو.

ٻوڏ جي زماني ۾ مليريا، چمڙي جي بيماري، اسڪيبيز(Scabies) ۽ دستن جون بيماريون گهڻيون ڏٺيون. اهي ٽئي بيماريون صفائي سٿرائي نه هجڻ ڪري ٿينديون آهن. مليريا جو جيوڙو مڇرمار دوائن  سان مرندو ،صفا.ئي سان ختم ٿيندو. دستن کان صاف، ٽهڪيل پاڻي پيئڻ سان بچي سگهجي ٿو ۽ چمڙي جي بيماري اسڪيبيز کان به صفائي ڪري بچي سگهجي ٿو. مون کي ڳوٺن ۾ ڪئمپ هڻڻ جو موقعو مليو. جانور ۽ انسان هڪ ئي جڳهه تي ٿا رهن. مٽي ۽ گندگي جا ڍير، ماڻهن کي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ زمين تي ڏينهن رات ڪم ٿو ڪرڻو پوي، هاڻ ڪٿان جي صفائي ۽ ڪٿان جي صحت. هڪ تحقيق مطابق مليريا جو جيوڙو جانورن ۾ پلبو آهي ۽ ٻئي نمبر تي ماڻهن کي متاثر ڪندو آهي.جانورن جي جسم تي جيوڙي مار دواهڻڻ جي ضرورت آهي ۽ انسان ۽ جانورن کي الڳ ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون پنهنجي هڪ مريض کي چيو ته تنهنجا ڪپڙا ڏاڍا ميرا آهن، صاف ڇو ڪونه ٿو ڪرين ؟ چيائين سائين اهو ئي جوڙو آهي، سفر ۾ ميرو ٿي ويو، ڳوٺ واپس وڃي ، گوڏ پائيندس ۽ ان کي ڌوئي وجهندس ۽ جڏهن ڳوٺ کان ٻاهر ويندس ته اهو پائيندس، گهر ۾ گوڏ پائي گهمندو آهيان، هاڻ ڪٿان جي صفائي ۽ ڪهڙي صفائي ؟هڪڙو جوڙو ڌوئجي ته پائي. شيخ اياز چواڻي “ ڍو بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي ”

معياري ۽ مفت علاج ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي. مون ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ صحافي جو اخبار ۾ خط پڙهيو، همراهه حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل هو ،اتي پنهنجي ٽنگ ڪٽجڻ جي شڪايت لکي هئائين، طبي عملي جي ڪوتاهي لاءِ دانهون پئي ڪيائين. مون ته اهو ڏٺو آهي ته جيڪي ٿوريون گهڻيون سهولتون آهن ته اهي به وڏن شهرن ۾ آهن، جيڪي به اڻپوريون آهن پر ڪجهه نه ڪجهه موجود آهن.سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪراچي کان ٽپي حيدرآباد ۽ مٿي اچجي ته ڪاري وارا ڪک آهن. صحت ۽ تعليم ٻنهي جو حال پورو آهي. تعليمي ادارن ۾ پڙهائي ڪونهي، اسپتالن  ۾ صحت جون سهولتو ن ڪونهن. ان ۾ سرڪار سان گڏ ادارن جي سربراهن جو قصور به آهي. جذبو ڪونهي، جيڪڏهن جذبو هجي ته ڪجهه نه ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو. استاد اسڪولن ۾ ڪونه ٿا وڃن ۽ ڊاڪٽر اسپتالن ۾ ڪونه ٿا پهچن،. نفسانفسي جو عالم آهي،هرڪو جهٽ ۾ ئي مها امير ٿيڻ ٿو چاهي ۽ ان ڊوڙ ۾ هو پنهنجي سماجي ذميواري وساريو ڇڏي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاٺوڙ ۾ S I U T بنيادي صحت گهر جو افتتاح ڪندي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه فرمايو ته اسين هرحال ۾ جگر جي بيماري (هيپاٽائيٽس) ختم ڪرڻ تي هڪ ارب روپيا خرچ ڪيون ٿا پر اسان کي ڪو ڊاڪٽراديب رضوي جهڙو ايماندار نه مليو، جيڪو دل جي جذبي سان ڪم ڪري ها ۽ ان بيماري جي پاڙ پٽڻ ۾ مدد ڪري ها.ٻڌايو ڀلا اها به ڪا ڳالهه آهي ڪروڙن جي ملڪ ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي  جهڙوکين ڪو هڪ به ماڻهو نه مليو. ڇا اسان جي ڌرتي هاڻ انسان دوست ماڻهو پيدا ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن، ڇا هي ڌرتي هاڻ فقط لٽيرا ۽ چور ٿي ڄڻي، يقينن ايئن ڪونهي. اهڙا ماڻهو گهڻائي آهن، اسان جو ڍانچو به ته سفارش تي ٻڌل آهي . قابليت کي ڪونه ٿو ڏٺو وڃي. ايماندار ماڻهن جي ڪمي به ڪونهي، پڇاڳاڇا جو سرشتو بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جزا ۽ سزا جو قانون لاڳو هجڻ گهرجي ان کان سواءِ بهتري نه ايندي.قانون ٽوڙيندڙ ماڻهو سڄي دنيا ۾ آهن پر اتي پڪڙ بو آهي ۽ ڏوهي هرحال ۾ پڪڙبو ۽ ان کي سزا به ايندي. هتي ڏوهي پڪڙجي ڪونه ٿو تنهن ڪري هو ڏوهه ڪندو ٿو رهي. ان کي خبر آهي ته ان جو ڪجهه به نه بگڙجندو.

پٿري جي بيماري ٻارن ۾ به عام آهي، مهينن  کان 16 سالن تائين جا ٻار ان بيماري ۾ مبتلا آهن. پٿري جي بيماري جيڪڏهن وڏي عرصي کان آهي ته گردن کي بند ڪيو بيٺي آهي ته گردا خراب ٿي ويندا. مليريا جو وقت سر علاج نه ڪبو ته گردا خراب ڪندي، دماغ ۾ گهڙي ويندي ۽ خون جا جزا متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ ڦاٽي به سگهي ٿو. پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ٻارن کي نه پيئاربا ته سنڌَ سڪي سگهن ٿا، ٽي بي جو وقت تي ۽ پورو علاج نه ڪبو ته اها جسم  ۾ پکڙجي سگهي ٿي ۽ موتمار به ٿي سگهي ٿي. هيپاٽائٽس جي روڪٿام ۽ وقت سرعلاج نه ڪبو ته جگر سڪڙجي ويندو ۽ ڪينسر به ٿي سگهي ٿو. چوڻ جو مقصد آهي ته بنيادي صحت جا ادارا انتهائي اهم آهن، انهن جو هجڻ ۽ معياري ۽ مفت علاج مهيا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.ايتروئي اهم يونيورسٽي اسپتالن ۽ مناسب ضلعي اسپتالن جو هجڻ آهي جنهن ۾ سرجن، فزيشن، ٻارن جي بيماري جا ماهر، عورتن جي بيمارين جا ماهر، دماغي بيمارين جا ماهر وغيره شامل آهن.

عورتن جي ويم جي خرابين کي ئي ڏسجي، جيڪڏهن ڳورهاري ماءُ ويم دوران گهڻو خون وهي وڃي ته ترت خون جي ضرورت پوندي ۽ ڪا ماهر ڊاڪٽران جو علاج ڪري ٻي صورت ۾ گردا خراب ٿي سگهن ٿا ۽ ڊائلاسس جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. جيڪڏهن ٻار پنهنجي وقت کان پوءِ ڄمندو ۽ ڪنهن خرابي ڪري ٻار جي ڄم ۾ دير لڳي وئي ته ٻار جو موت به ٿي سگهي ٿو. ان صورت ۾ يڪدم ماهر ڊاڪٽرياڻي جي ضرورت پوندي ته جيئن هو آپريشن ذريعي هڪدم ٻار پيدا ڪري. اهو سڀ ڪنهن چڱي اسپتال ۾ ئي ممڪن آهي. سرڪار ان طرف ڌيان ڏئي اهڙا ادارا قائم ڪري ، نه صرف قائم ڪري پر ان جي سنڀال به ڪري ۽ پڇاڳاڇا به ڪري.طبي عملي جي مسئلي کي به ڏسڻ گهرجي ، انهن جون پگهارون وڌائي انهن کي پابند ڪيو وڃي ته هو اسپتال ۾ 8 کان 5 بجي تائين رهن.ڊيوٽي وقت پنهنجي نجي ڪلينڪ تي نه وڃن.

يورپ ۾ فقط پروفيسر پرائيويٽ پريڪٽس ڪندو آهي، اها به انهيءَ اسپتال ۾ جتي هو پروفيسر آهي. ان جي پرائيويٽ ونگ هوندي آهي. اتان جي آمدني جو ڪجهه حصو اسپتال کي ملندو آهي ۽ باقي جيڪو بچندو آهي ان مان سڀني ڊاڪٽرن کي جيڪي ان وارڊ ۾ ڪم ڪندا آهن حصو ملندو آهي، پر اتي صحت پاليسي جو سرشتو آهي، بهرحال ماڻهو جي انشورنس ٿيل آهي، پئسا انشورنس مان ايندا آهن. باقي جيڪو رٽائرڊ آهي يا انشورنس نه ٿيل اٿس ۽ پئسا ڪونه ٿو خرچ ڪري سگهي ان جو علاج مفت ۾ ٿيندو. تعليم ۽ صحت سرڪار جي زميواري هجڻ گهرجي صحت ۽ تعليم تي بجيٽ وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ جيڪا ملي اها پوري خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو