Home / ويندي ويندي / قبر جو ٽرائيل
above article banner

قبر جو ٽرائيل

 

راجا صاحب خير سان سپريم ڪورٽ آڏو ٻئي ڀيري پيش ٿيو ۽ پيش ٿي سڀني کي اهو چئي حيران ڪري ڇڏيائين ته هن اڳي ئي وزير قانون کي سوئيز اختيارين کي چٺي لکڻ لاءِ اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.

اها چٺي ئي هئي جنهن راجا پرويز اشرف جي پيشرو، يوسف رضا گيلاني جو سر کڻايو. يوسف رضا جو خيال هو ته سوئيز اختيارين کي خط لکڻ معنيٰ “قبر جو ٽرائل” ڪرڻ، ان ڪري ڇا به ٿئي شهيد محترمه ۽ سندس امڙ کي مئي پڄاڻان ڪنهن به عدالت ۾ بحث هيٺ نه آندو ويندو. ٻيو ته صدر کي ائين هيٺ استثنيٰ حاصل آهي. حڪومت خط لکي آئين سان غداري ڪيئن ڪري؟

پر 18 سيپٽمبر تي راجا صاحب سپريم ڪورٽ آڏو خط لکڻ لاءِ ها ڪري سڀني سياسي پنڊتن کي حيران ڪري ڇڏيو. معنيٰ هي راند اڃا هلندي. پ پ في الحال هڪ وڌيڪ همراهه کي مترڪي هٿان زخمي ڪرائڻ جي موڊ ۾ ناهي.

پر هتي هڪ سوال اسان جي مغز ۾ ڀنواٽيون کائي ٿو ته جي پ پ کي خط لکڻ لاءِ حامي ڀرڻي ئي هئي ته اها سال اڳ جڏهن گيلاني صاحب جون پيشيون ٿي رهيون هيون، ان وقت ڇو نه ڀري وئي؟ سياستدان به رانديگرن وانگر Timing جو خيال رکندا اهن. راند ۾ ٽائيمنگ جي سڀ کان وڌيڪ اهميت آهي سو، شايد زرداري صاحب کي ٽائيم مئينيج ڪرڻ ۾ مهارت ملي وئي آهي.

کيس شايد اهو احساس ٿيو آهي ته عدليه خط لکرائڻ کانسواءِ مطمئن نه ٿيندي ۽ بجاءِ ان جي ته ايندڙ نگران سيٽ اپ جو ڪو وزير قانون ويهي خط ڊرافٽ ڪري، ڇو نه نرم ٻولي ۽ منڌل گرامر وارو خط اسان ئي لکي وٺون.

ٻيو اهو به ٻڌو آهي ته ڌرين وچ ۾ ڪجهه معاملا طئي ٿي ويا آهن. ارسلان افتخار جي ڪيس ۾ “شعيب سڊل” تي ٻڌل ون مين ڪميشن جڙڻ ڀيري ئي سرٻاٽ شروع ٿيا ويا هئا ته پس پرده ڪا ڳالهه ٻولهه ضرور هلي ٿي. شعيب سڊل جي سنڌ ۾ شهرت جو سبب سندس نگراني ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جو قتل هو. سندس ياري جي دائري ۾ ڪير ڪير اچن ٿا، سڄو لوڪ ڄاڻي ٿو. ايوان صدر جي قربت رکندڙ شعيب سڊل سڄي ملڪ ۾ اڪيلو اعتماد وارو آفيسر مليو جيڪو هاڻ ملڪ رياض ۽ ارسلان افتخار وچ ۾ ڏيتي ليتي جي تحقيقات ڪندو، ته پوءِ باقي خال اوهان پاڻ ڀري سگهو ٿا.

ڳالهه مغز ۾ اها ويهارڻي اهي ته اقتدار جي راند ۾ جيڪا شئي جيئن نظر اچي ٿي سا ايئن ناهي. اسان پارا جذباتي ماڻهو سدائين ريڊيو تي خبرون ٻڌي يا اخبار پڙهي راءِ جوڙين ٿا، جڏهن ته جيستائين خبر اسان وٽ اڏرندي پهچي ٿي تيستائين پردي پٺيان گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هوندو آهي. هڪ اسان جي توهان جي دنيا آهي جيڪا ست رنگي آهي. ڪوئي ڪهڙي نظرئي ۽ خيال جو آهي ته ڪوئي ڪهڙي جو. ۽ هڪ وڏن ماڻهن جي دنيا آهي جنهن جو هڪ ئي رنگ آهي. جي هڪٻئي جي پٺي کنهڻ ۾، هڪٻئي جي مفادن جو خيال رکڻ ۾ کين راحت ملي ٿي ته اسان کي ڪهڙو اعتراض. پر هي جيڪو پبلڪ ۾ سنسني ڦهلائڻ لاءِ ايڪشن ڪيا وڃن ٿا ۽ ايڪشن ري پلي ٿين ٿا،تن مان اسان جي جند ڪيئن ڇٽي؟

عوام ته سوئيز اختيارين کي خط لکڻ جو مطلب شهيد بي بي جي قبر جو ٽرائل ڪرڻ سان هم معنيٰ ۽ مطلب ڪري ويٺو آهي، هاڻ جو پ پ خط لکڻ لاءِ حامي ڀري آهي ته ڇا ان جو مطلب اهو وٺجي ته ڪرسي بچائڻ لاءِ شهيد بي بي جي قاتلن تي اک پورڻ، سنڌ جي وحدت تي شڪ اٿارڻ کان پوءِ بي بي جي قبر جو به ٽرائيل ٿي سگهي ٿو؟ لڳي ته ايئن ئي ٿو!

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو