Home / افيئر / ماڻهو شهر ڀنڀور جا
above article banner

ماڻهو شهر ڀنڀور جا

گهڻي وقت کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ پاران هڪ سٺو ڪتاب پڙهندڙن تائين پهتو آهي. غلام رباني آگري صاحب جو لکيل ڪتاب“ ماڻهو شهر ڀنڀور جا ” نه رڳو سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي پر هڪ دور جي تاريخ آهي، جن ماڻهن سندس لکيل ڪتاب “ جهڙا گل گلاب جا” پڙهيو آهي تن کان اڄ به سندس ٻولي جي چاشني نه وسري آهي.ڪتاب جي 576 صفحن ۾ جن 26 شخصيتن جا خاڪا شامل آهن، انهن ۾ سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مخدوم سجاد قريشي، ڊاڪٽر اينميري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، جمال الدين ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند، استاد اظهار حسين، ارنيسٽ ٽرمپ، ڊئوڊ چيزمين، ليڊي ڊايانا، ڀڳت ڪنور رام، حسين شاهه راشدي، پروين شاڪر، ڊاڪٽر نجم الدين ، محمد حسن ڀٽو، اعجاز قريشي ۽ غلام علي شامل آهن. ليکڪ انهن شخصيتن ۾ ڪن سان گهڻو ته ڪن سان ٿورو وقت گڏ گذاريو. سواءِ ليڊي ڊايانا جي، جنهن لاءِ ليکڪ سيڪنڊري مواد مان معلومات حاصل ڪئي آهي. غلام رباني آگرو 18 جنوري 2010 تي گذاري ويو ۽ ايئن پنهنجي پڙهندڙن کي نامور شخصيتن تي خاڪا لکي آخري سوکڙي ڏئي ويو. پر اها رڳو عام سوکڙي نه پر سنڌ جي هاڻوڪي ۽ ايندڙ نسل تي سندس وڏو احسان ان ڪري به آهي جو اڄ جو نوجوان پنهنجن هيرن کان اڻ واقف آهي. بالي ووڊ جي فلمي هيروز جي ته ڄاڻ آهي پر افسوس ته کين پنهنجي سياسي، سماجي ، علمي، ادبي مشاهيرن ۽ مدبرن جو ڪو پتو ناهي. ان جو اندازو تازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن شمشير الحيدري جي گذاري وڃڻ تي ٽي وي تي مسلسل خبرن هلڻ تي مون کان نوجوان پڇيو ته شمشير الحيدري ڪير هو ؟

رباني صاحب بنيادي طور افسانه نگار آهي. کيس لفظن جي چونڊ ۽ انهن جي استعمال جو ڪمال فن آهي.

 

ڪتاب جي مقدمي جو موضوع“ ماڻهو جو مزاج” آهي، جڏهن ته سندس گذريل ڪتاب “ جهڙا گل گلاب جا” جو مقدمو “ انسان جي اخلاق ” متعلق آهي.ڪتاب خاص ڪري مقدمي پڙهڻ سان ليکڪ جي مطالعي مشاهدي ۽ حافظي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت کيس ڏکي ۽ مشڪل ڳالهه کي عام فهم ۽ دلچسپ انداز ڪرڻ جو به واهه جو ڏانءُ آهي.

مقدمي ۾ ماڻهو جي مزاج بابت تلخ حقيقتن سان گڏ تاريخ ۽ دلچسپ واقعا بيان ڪيا اٿس ۽ نه رڳو مذهب پر تصوف، فلسفي ۽ سائنس جي بنياد تي مثال ڏنا اٿس. انسان جي ڪميونڪيشن / ڳالهائڻ جي سگهه بابت لکيو اٿس “ ماڻهو ڳالهه نثر ۾ بيان ڪري يا نظم ۾ ٻنهي صورتن ۾ ڳالهائڻ لاءِ سندس بنيادي ضرورت “ لفظ” آهي. لفظ ۾ معنيٰ سخن جي سچائي سڀ کان اهم آهي”

ماڻهو جي روين بابت لکي ٿو ته، “ عام انسانن ۾ بشري ڪمزوريون آهن، سو ڀل چڪ ۾ کانئس خطا ٿي وڃي ٿي ، ڪي شخص وري ڄاڻي ٻجهي ڪنهن نه ڪنهن مطلب خاطر حق تي پردو وجهن ٿا. ڪوڙ ڳالهائين ٿا.ڪي ته سڀ ڪجهه ڄاڻيند ي به اونڌا ابا ڪم ڪن ٿا، کين ڪو به حياءُ ڪونهي. اهي نود آهن.” اڳتي هلي هو ان ڳالهه کي وڌيڪ چٽو ڪندي لکي ٿو ته “ هونئن ته هن ڌرتي تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي. مٿس پنجن اربن کان به وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. اڪثر ڪوڙا آهن. ڳالهه هڪڙي ڪندا ۽ پير ان جي ابتڙ کڻندا. شايد ماءُ جي پيٽان ئي ابتا ڄاوا هئا.سندن سڃاڻپ اها آهي ته وڇون وانگر هر ڪنهن کي ڏنگ هڻندا، هر هنڌ فتنو فساد ڪندا. دنيا کي دوزخ بنائي ڇڏيندا. ڀٽائي بي سبب ته ڪونه چيو هوندو ته : ڀينر هن ڀنڀور ۾ ، دوزخ جو دونهون!

ماڻهو جي سڀاءَ بابت لکي ٿو ته ، “ مان سمجهان ٿو ته جيئن ساهوارن ۽ جاندار ۾ بڻ بڻياد کي وڏي اهميت آهي. اصيل ۽ کار جو فرق آهي، تيئن ماڻهو ۾ به آهي. هڪڙا پنهنجي نسلي اثر ۽ پرورش ڪري يا وري ماحول ۽ سنگت ساٿ جي اثر ڪري بي ڀروسي ۽ دوکيباز ٿين ٿا. ٻيا وري ڀروسي جوڳا سچا، سورهيه ۽ بهادر ٿين ٿا.”

رباني صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيترائي اهڙا محاورا، مثال ۽ نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن، جيڪي هاڻي اسان جي عام ڳالهه ٻولهه مان غائب ٿيندا پيا وڃن.منتقم مزاجي بابت سندس چوڻ آهي ته، “ منتقم مزاجي مايوسيءَ جو ٻيو روپ آهي، مايوسي ۾ مبتلا ماڻهو ڪنهن به مهل ڪوبه خُلمُ ڪري سگهي ٿو. منتقم مزاج سدائين پاڻ به عذاب ۾ ته ٻيا به سورن ۾”

خود غرضي بابت سندس خيال آهي ته“ ماڻهو جي من ۾ خود غرضي ايڏي ته ڪا اونهي آهي جو هو احسان فراموش به ٿئي ٿو. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ نيڪ شخص کي ڪنهن ماڻهو اچي چيو ته “ فلاڻي توهان کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو” هن حيران ٿي چيس ته خبر ناهي ڇاجي ڪري ؟ مون ته مٿس ڪو احسان ڪيو ئي ڪونهي”

ماڻهو جي مزاج متعلق هو پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته، “ اهو تهدار آهي، جيئن بصر جي هڪ کل لاهه ته ٻي ظاهر ٿئي ٿي تيئن ماڻهن جي مزاج تي به تهه مٿان تهه آهن. هڪڙو لاهه ته ٻيو ظاهر ٿئي ٿو.

 

ماڻهو جي مزاج ۾ تبديلي بابت لکي ٿو ته، “ اهو اتي جو اتي بدلجي ٿو ان جو بنيادي سبب سندس ذاتي مطلب ۽ مفاد آهي”ان لاءِ هو ڪيئي مثال ڏئي ٿو.هونئن ته سڀئي خاڪا اهم آهن پر هتي مان پهرين ٽن خاڪن جو ذڪر ڪندس. سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي بابت خاڪا سنڌ جي سياسي،سماجي ۽ تاريخي پسمنظر کي سمجهڻ لاءِ نهايت اهم آهن. ايئن کڻي چئجي ته رباني صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي ڪني تان ڍڪ لاٿو آهي. هر شخصيت جي مثبت پهلو ءَ سان گڏ اوڻاين جو به ذڪر ڪيو اٿس.

سائين جي ايم سيد جي خاڪي ۾ هڪ هنڌ هن سنڌ جي وڏيرن جي پنجاب جي ڪجهه سرمائيدارن سان ڀيٽ ڪئي آهي جيڪي عام ڀلائي جا ڪم به ڪندا آهن. هو لکي ٿو ته ،“ سنڌ جي وڏن خاندانن ۽ سکين ستابن ماڻهن : وڏيرن، ميرن ۽ پيرن جا شوق ۽ شغل وري ٻيا آهن.هو قلم ۽ ڪتاب کان پاڻ کي پري رکندا آهن. اسڪول ۽ اسپتال ڪونه ٺهرائيندا آهن. البت، پنهنجي “ قوت باهه” وڌائڻ لاءِ سون ۽ چاندي جي ڪشتن تي پاڻي وانگر پئسا وهائيندا آهن. سريتون وڙهائيندا آهن، ڪڪڙ ويڙهائيندا آهن. سوئر ۽ رڇ تي ڪتا بڇائيندا آهن. انهي کي سنڌ جو ڪلچر سمجهندا آهن.

هن خاڪي ۾ هڪ ٻيواهم ۽ تاريخي واقعو لکي ٿو ته ، “ سائين جي ايم سيد ڏي ڀٽي صاحب پيغام موڪليو ته ، اوهان جي مقابلي ۾ پنهنجو ماڻهو ڪونه بيهاريندس پر اوهان راشدي صاحب ( پير علي محمد ) مان هٿ ڪڍو، سائين اها ڳالهه به قبول ڪانه ڪئي”

رباني صاحب لکي ٿو ته “ هڪ ڏينهن مان سائين وٽ ويٺو هئس، ته راشدي صاحب ڪنهن ڳوٺ ۾ اليڪشن جي ورڪ ڪري رات جو سن ۾ آيو ۽ سائين کي پري کان وڏي واڪي پيو ٻڌائي G M. We Are Winning جڏهن چونڊن جو نتيجو نڪتو ته سائين ۽ راشدي صاحب ٻنهي هارايو. ڀٽي صاحب کٽيو ۽ اڳي پوءِ پاور ۾ آيو.راشدي صاحب اهو ڏسي ماٺڙي ڪري سائين کي اڪيلو ڇڏي وڃي ڀٽي صاحب سان ويجهو ويٺو،جنهن وزارت اطلاعات ۽ نشريات ۾ پنهجو صلاحڪار مقرر ڪيس . سائين جي ايم سيد سن ۾ نظر بند ٿيو. تاريخ جو هڪ ورق وري ويو.” سائين جي ايم سيد بابت لکي ٿو ته، “ سائين انهي سنڌ جي ڳالهه ڪري رهيو هو،جنهن تي وڏيرا ڇانيل هئا. منجهن دم خم ته هئوئي ڪونه. اڳڙين جا گڏا هئا. سي ڏکئي مهل، سندس پٺڀرائي لاءِ اڳتي ڪونه آيا. پويان پير ڪري ويا. سائين بي يارومددگار رهجي ويو” هو اڳتي لکي ٿو ته “ سائين کان اها ڳالهه مخفي ڪانه هوندي، سنڌي سٻاجهڙن جي اها پراڻي روش آهي ته ڏکئي ويل پنهنجي ساٿي جي مدد ڪونه ڪندا آهن. هيڪاري کيس نقصان رسائيندا آهن. ڀلا ٻيو ته کانئس پاسو ضرور ڪندا آهن” رباني صاحب آخر ۾ لکي ٿو ته، “ اڄ سنڌ تي جيڪي ڪارا ڪڪر آهن، تن ۾ اميد جو ڪرڻو وري به اهو ئي پيغام آهي، جو سائين سنڌ جي نوجوان نسل کي ڏنو آهي”

پير علي محمد راشدي کي رباني صاحب رچرڊ برٿن بي جوڙجو ملهه قرار ڏنو آهي. ٻنهي راشدي ڀائرن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته “ پير علي محمد راشدي پنهنجي ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشدي کان سراسر مختلف ماڻهو هو. ڪنهن زماني ۾ پاڻ “ مشرق و مغرب” جي عنوان سان “ جنگ” اخبار ۾ ڪالم لکندو هو. رباني صاحب جي خيال موجب ٻنهي ڀائرن جي مزاج ۾ به “ مشرق ۽ مغرب” جيڏو فاصلو هو. پنهنجي لاءِ جي تصديق لاءِ هڪ دفعي پنهنجي دوست رحيم بخش سومرو کان سوال ڪري ٿو، جنهن جا ٻنهي ڀائرن سان پراڻا لاڳاپا هئا.

رحيم بخش سومري موجب “ سائين حسام الدين شاهه وڏي ڳڻ ڳوت وارو مڙس هو. هروڀرو ڪنهن سان ڪونه ڦٽائيندو هو، پر راشدي صاحب ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. بدلجندي دير ڪونه ڪندو هو، سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو هو”

رباني صاحب پير علي محمد راشدي بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته “ حقيقت الائي ڪيئن آهي پر ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌ، پير علي محمد راشدي جهڙا ذهين ۽ شاطر ماڻهو ڪي ٿورڙا پيدا ڪيا” “ هو سنڌ جي هڪ ننڍ ڳوٺ ۾ انهيءَ مٽي ۽ پاڻي تي پليو هو، جتي اڄ به اس، ڪانو، ڪتي، اڪ، ڪنڍيءَ ۽ ڪانڊيري جو منظر عام آهي. اهو منظر ڏسي ماڻهو جو هيانءُ ئي ماندو ٿي ويندو آهي”

خان عبدالغفار خان جي وڏي پٽ غني خان رباني صاحب کي چيو ته “ ويهين صديءَ جي سنڌ چار غير معمولي ذهين شخص پيد ڪيا: هڪ الله بخش سومرو، ٻيو جي ايم سيد، ٽيون پير علي محمد راشدي ۽ چوٿون ذوالفقار ڀٽو.

پير علي محمد شاهه وڏيرن بابت ڪهڙي راءِ رکندو هو ؟ ان تي رباني صاحب لکي ٿو ته “ راشدي صاحب، وڏيري کي سنڌي ماڻهو جو وڏي ۾ وڏو دشمن سمجهندو هئو.چوندو هو ته جيسين سنڌ ۾ وڏيرا آهن، تيسين مسڪين ماڻهو سک جو ساهه ڪونه کڻندا ”

“ پنهنجي ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن ۾ وڏيرن، پيرن ۽ ميرن کي ننديو اٿس. سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل خطن ۾ به اهائي ڳالهه لکي اٿس. هڪ خط ۾ کين مرون ڪوٺيو اٿس. سائين کي لکيو اٿس ته انهن مرن لاءِ پاڻ کي پريشان نه ڪري ڇڏيو ته پٽڪا ٻڌيون، لاهور جي گهٽين ۾ پيا ڌڪا کائين “” پير حسام الدين راشدي بابت به تفصيلي خاڪو لکيو اٿس جن ۾ سندس دوستن، احبابن ۽ حلقي جي ماڻهن بابت ڄاڻ شامل آهي.هو لکي ٿو ته “ سنڌ ۾ سومرا خاندان ۽ ڀٽا خاندان قلندر شهباز جا عقيدتمند آهن.انهي پسمنظر ۾ هڪ دفعي رحيم بخش سومري، پير صاحب جي وفات کانپوءِ مونکي پتو پيو هو ته “ جڏهن سنڌ جا مڙئي موجوده وطن فروش محقق ۽ بي ضمير عالم مري ويندا، تڏهن پير صاحب جا ڪتاب سونهاري سنڌ تعمير نو لاءِ نئين نسل کي ڪم ايندا. سنڌ جا اهل دل انسان سندس ابدي آرامگاهه تي ريشم ۽ ڪيمخواب جا پڙ چاڙهيندا ۽ سنڌي مائرون پنهنجن ٻچن تي دودي سومري وانگر “حسام الدين ، نالو سڪ ۽ عقيدت سان رکنديون ”

خود سنڌي ادبي بورڊ جي شاندار ماضي بابت لکي ٿو ته ، “ بورڊ جا ميمبر ان زماني ۾ وڏا عالم ۽ معتبر ماڻهو هوندا هئا. گوگڙو، گجر ۽ بصر وانگر ڪونه هوندا هئا. اسان ملازم انهن پگهاردار اسڪالرن جو وڏو احترام ڪندا هئاسين. اهو سونهري زمانو هوندو هو. علم ۽ تجربي جو قدر هوندو هو، هاڻي صورتحال ان جي ابتڙ آهي. سنڌ ۾ مثالي ڪلچر بون شاندار روايتون هاڻي ختم ٿي رهيون آهن. “ ادب” جي جاءِ “ بي ادبي” ورتي آهي. ورهين جي ساٿين ۽ دوستن سان ٺڳي ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي لڳي” پير حسام الدين جي علمي قد ڪاٺ بابت رباني صاحب لکي ٿو ته “ پير حسام پنهنجي علمي قد وقامت جي وسيلن روسي، آمريڪا، يورپ، افغانستان، ايران ۽ ٻين سيمينارن جي صدارت ڪيائين . پنهنجو نانءُ نيڪي پيدا ڪيائين ۽ دنيا ۾ سنڌ جو منهن به مٿي ڪيائين ! پر سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ جيڪڏهن حسين شاهه سندس ياد ۾ ڪاتقريب رکي، ته واهه نه ته ٻارهين مهيني ڪو به ادارو پنهنجي ليکي سندس تربت تي رڳو هڪڙو گل رکڻ وارو به ڪونهي! هاڻي ته حسين شاهه به هي جهان ڇڏي ويو ! سڄي خاندان جون علمي روايتون لڏي ويون .انهيءَ موضوع کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو ته “ اسان وٽ عالمن ۽ اديبن جو قدر ڪونهي. رچرڊبرٽن جي راءِ آهي ته “ سنڌي ماڻهن ۾ حسد ۽ ساڙ آهي” انهي ماجرا کي سمجهڻ لاءِ منهنجي دوست محمد حسن ٽي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ، چيائين “ گهڻا سال ٿيا ته درمحمد ناريجي علامه قاضي صاحب کان سوال ڪيو هو “ قبلا ايئن ڇو آهي؟” علامه صاحب جن فرمايو، “ عالمن جو قدر ادارا ڪندا آهن، جڏهن ادارن ۾ ننڍا ماڻهو وڏين ڪرسين تي ويهندا آهن ته علم ۽ عالمن جي بي قدري ٿيندي آهي ” علامه آءِ آءِ قاضي جي حوالي سان ٻئي هنڌ لکي ٿو ته “ هو ٻيو نه هوندو هو” انگريز جڏهن سئز واهه ٽپي هن طرف اچي ٿو ته پنهنجا سڀ اخلاقي قدر ڇڏي اچي ٿو” هي ڪتاب هونئن ته هر ساڃاهه وند کي پڙهڻ گهرجي پر خاص ڪري ڪيبل، انٽرنيٽ ۽ فيس بوڪ وارين نسل کي ضرور پرهڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو