Home / افيئر / منٽو ۽ ورهاڱو– II
above article banner

منٽو ۽ ورهاڱو– II

 

سعادت حسن منٽو، چيخوف، ڪافڪا، جارج آرويل، ڪاميو، نسيم کرل. آکاڻيون ٻڌائيندڙ انسان، جن حياتيءَ جا پنجاهه ورهيه پورا نه ڪيا. چاليهن جي پيٽي ۾ اجل جو شڪار ٿيا. سندن سيني ۾ انيڪ داستان هئا جيڪي هو پاڻ سان کڻي ويا. ڪهڪاءَ کان خالي موت کين ڀاڪر وجهي اسان کان ڌار ڪري ورتو. چيخوف دِق حوالي ته آرويل به . ڪاميو حادثي جي وَر. ڪافڪا اندر جي اوڙاهه ۾. نسيم. بي رحم گوليءَ وسيلي. منٽو لاءِ چون ٿا ته ورهاڱو ڳڙڪائي ويس.خماريل ته اڳ به هئو. 47ع جي سانحي کيس ڪچي شراب حوالي ڪري ڇڏيو. گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ماڻهن جو قتل. ڪروڙ کان مٿي آدم جي بي دخلي، ڦرلٽ، زنا ڪاري. هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پرميشور کي راضي ڪرڻ جي هام پئي هنئي. هِرک کان اجرو ۽ پوپٽ کان نازڪ من رکندڙ منٽو مڌ وٽيءَ ۾ ٽٻي نه هڻي ته ڇا ڪري؟ اوهان ساڳئي ڏکائيندڙ منظر جا اکين ڏٺا شاهد هجو.

سعادت وانگر بي حسيءَ کان پاڪ. تڏهن ڇاڪندو ؟ سراج الدين جي نياڻي سڪينه توهان جي گهر ڀاتياڻي “کولي ڇڏ” ڪهاڻي پڙهجي ۽ وري پڙهجي. حالت جيڪڏهن خود مٿان گذري يا بلڪل آڏو وهي واپري. وجود ۾ ايندڙ رياست اندر رهجي. نظرون جهڪائي، ٻوٽي ڪيترا ڏينهن ڪڍبا. منش چاهيندو ته تنهن طرح جو ڀوائتو لقاءُ ذهن منجهان تڙجي وڃي. چوڌاري پيش ايندڙ واقعن تي وڌيڪ چٽائي سان سوچي سگهجي. گهٽ ۽ ٻوساٽ کي ساهه جي رڳ ويجهو لنگهندي محسوس ڪجي. اهڙي سگهه گڏ ڪرڻ لاءِ کيس شراب جو ٽيڪو گهرجي. ولايتي نه ته ديسي، پڪو نه ته ڪچو. بنهه جوانيءَ ۾ منٽو جو جيرو سڙي ڳري ڪوئلو ٿي ويو. هن کي موڪلائڻو پيو.

سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي. ورهاڱي ساڻس ايئن ڪيو. آزادي تنهن قسم جي ڳاراڻي کي جنم نه ڏيندي. ڇوٽڪارو آدرش طور بشر منجهه نئين اُمنگ جاڳائيندو. اتساهه بخشيندو. تازي هوا جو جهوٽو ثابت ٿيندو. 47ع ۾ ايئن نه هئو ، هرپاسي رت جي راند هئي. ماڻهپي سان مذاق، ڦرمار، بلاد اڄ ڏيهاڙي تائين ايئن ئي آهي، منٽو اڃا زنده رهي ها ته ڪهڙي چڱائي پسي ها ؟ بٽئي مهل ڏهه لک انسانن جو خون ٿيندي نهاري چڪو. هن گهڙيءَ اهو انگ ٽيڻو ٿي چڪو آهي. سندي آکاڻي جي ڪردار ٽوبي ٽيڪ سنگهه مثل چريو ٿي واهگا وٽ دم ڏيڻ کانسواءِ چارو هجيس ها ؟ آسمان طرف گهوري پرڀو ۽ الک سان سَو ڊائلاگ ته ٻنهي الهامي هستين، ننڍي کنڊ جي ڪَسين ۾ وهندڙ رت مان ڍُڪ ڀري ڪيترا ڏينهن جَاوا ڪيا، هن کي عام شهريءَ واري حياتي گذارڻ ڏئي ها ڇا ؟ مقدس ۽ مٿير اهڃاڻن جي چوڏس توهين جا مچ ٻرن ٿا. منٽو، مڌ جي وِهه ۾ وهنجي ويو. سندس اندر جي يا وري ٻاهر جي باهه جا اُلا ساڙي ڇڏينس ها، نه ته. ڏهه لک آدمين جون نڙيون ڪپجن. ڳڻپ کان سرس نياڻيون ستر وڃائين. ڏسڻ واري جو گوشت سرد ئي ٿيڻ کپي. تفصيل ڪاڻ ڏسندا سعادت حسن جي ڪهاڻي، “ٿڌو گوشت.”

غيرت ماڻهوءَ جو زيور آهي،خوبي آهي جا ورلي، بشر ۾ پسي سگهبي. اڻاسي ۽  مڇلاکوڙ پيا گهمن. ايئن ناهي ته غيرتمند فقط منٽو هئو. تنهن طرح به نه آهي ته جن جيئڻ جي راهه ورتي سي کيس غلط ثابت ڪرڻ ۾ سڦل ٿيا. ورهاڱي ۽ ڌرم جي بنياد تي وجود ۾ ايندڙ ٻن رياستن پنهنجي شهرين کي چاڪيءَ جي گهاڻيءَ ۾ سرنهن وانگر وجهي منجهائن جيئدان پيڙي ڪڍيو. واهگا جي ٻنهي پار ساڳي ڪار ٿي. اورئين طرف ڪيس وڌيڪ ٿيا. هتان ويهي بنگال ۾ پنج لک جيتامڙن جي قتل جا حڪم صادر ٿيا. نياڻين جي گرڀ جي بي حُرمتي. ٻيهر ورهاڱو . منٽو صاحب حال حيات هجي ها ته پوءِ ؟ من کي مڌ به ماٺو نه ڪري ته اجل ڏانهن ئي واجهائبو. “ نئون قانون.” هن جو ڪردار، ٽانگو وهائيندڙ منگو. لاهور جي رستن تي نڪور آئين جو انتظار ٿو ڪري. انگريز بهادر جو زمانو. بٽئي ۾ اڃا سمئه . منگو جي ٿاڻي پهچڻ تائين ڪٿا ڄاڻڻ خاطر چڱو ٿيندو ته اوهان ڪتاب پٽيو. قبضو ۽ ان جي نتيجي ۾، مظلوم لوڪ ۽ ڌرتي ڏيا وڃائي ٿا ويهن.همت ڏيکارڻ گهڙيءَ ڪوبه قانون سندن واهر ڪونه ٿو ڪري. انياءُ آهي جيڪو هر لمحي اوهان جي پرگهور لهڻ لاءِ بي چين هجي ٿو. زندگي، اڍنگي ڀوڳ طور آدميءَ تي چٿرون ڪندي رهي. سرشٽي، فطرت، پرڀو. آسپاس ٻيا ارواح مڙئي تنهن ڪاميڊي جو ڀاڱو هجن. ٽريجڊي پيدا ٿيندي. منٽو، مشاهدو ڪندي، آکاڻيون لکندي توهار ڪندو. جوانيءَ ۾ هليو ويندو. چيخوف، آرويل ، ڪافڪا- سڀني سان ايئن ٿيو.

اعتراض اٿيا ته تحريرن ۾ اگهاڙپ اٿس .ڇهه دفعا ڪورٽ سڳوريءَ گهلي ويس، عدالتون لڳيون، سزاوار ٿيڻ کان بچي ويو. ڏهن کان ويهه لک نياڻين جي حرمت کسڻ واري رهاڱي کي آزادي جو نانءُ ڏنو ويو.47ع مٿان ڪنهن رپورٽ داخل ڪانه ڪرائي. ڪيس نه هليو ماڻهو سڀ ڪجهه وڃائي ڪُڏندا رهيا. منٽو اڪيلي سر اٿيو. ورهاڱي کي جوابدارن جي ڪٽهڙي ۾ آڏي پڇا لاءِ آندائين. ٻه قومي نظريو ۽ ان جا بکيا. ڌرم ، ايشور جي خوشنودي- هڙئي مامرا بحث هيٺ آيا، تنهن کان اڳ جو ڪو فيصلو اچي انصاف دشمن ڌرين سلهاڙجي سندس ساهه گهٽي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيس. ڏوهه شراب تي آيو. ڪنهن ٻڙڪ نه ڪڍي ته کيس اهڙي حال ڀيڙو ڪرڻ وارو وقت، مربي پٽ ته ورهاڱي جوئي هو. آجپي جا هوڪا ڏئي جو سماج جوڙيو ويو. ماحول پئدا ڪيو ويو. سو سعادت حسن پارين آتمائن ڪاڻ حياتي ماڻڻ جو وسيلو ته نه هو. جواز ڪٿان هو ته وڌيڪ جيئرو رهجي ۽ جياپي مان لطف ماڻجي. ديوارن تي لڳل رت جا لينگها صاف ڪندي پاڻي پورو ٿي ويو. مختلف ڇا ٿئي ها ؟- ممڪن به نه هو. منٽو سٺ جي عمر کي ويجهو ٿي به وڃي ها، هڪ ٻيو ورهاڱو اوسيئڙي ۾ نهاري ضرور ڇرڪي پوي ها. 71ع برابر بنگالين لاءِ ڇوٽڪاري جي علامت هجي. اسان البت ان کي، 47ع ڪري ئي ملهايو.

ورهاڱو، ٻه قومي نظريو، رتوڇاڻ، ڦرمار، لڄالٽ- منٽو وٽ ڳالهائڻ ڪاڻ ٻيو ڪو عنوان نه هو. اندر جي چريائپ ٽوبي ٽيڪ سنگهه ۾ اوتي هن خود کي نارمل رکڻ جي سئي ڪئي. نه ٿي سگهيو ۽ “ ڪاري سٿڻ” واري وئيشا سلطانه سامهون اچي ويس. اسرارن سان ٽٻٽار شنڪر پيڇو ڪيس. ڊوڙندو رهيو. ساهي پٽڻ جي گنجائش نه هئس وقت کيس ٿڪائي پورو ڪرڻ ٿي چاهيو. منٽو ڊُگ ڀڄندو رهيو، زمانو کٽي ويو. وچ ميدان تي دم ڏنائين، پرميشور، ڌرم ،رياست سماج سرسي ڀريل مرڪ سان چوڌاري نهايو، “ ورهاڱو ٺيڪ هو- سڀ آمين چون !” خلق ڪنڌ نمايو. خبر ناهي اڳتي ايندڙ سٽون ڇپجي سگهجنديون به يا نه. سعادت حسن منهنجي مٿان بيٺو آهي. انصاف جي گُهرج آهي ته راوي احوال پورو سڻائي.

ڊوڙائي ڊوڙائي، وچ ميدان تي کيس سوگهو ڪيو ويو. هو ساڻوٿي ڪري پيو. وس وارن چوڏس فتح ڀري نگاهه کنئي. “ ورهاڱو ٺيڪ هو- سڀ هائوڪار چون”. لوڪ آڻ مڃيندي ديرئي ڪانه ڪئي. مرڻينگ منٽو هيٺ پٽ تي پيو هو. اوچتو، ڪجهه ٿيو. “ کولي ڇڏ” جي هيروئن سڪينه وانگر منجهس چرپر ٿي. اڀ وارن ۽ پڻ ڌرتي تي رهندڙن جو ڌيان ڏانهنس ڇڪيو. اڌ مئل منٽوجا هٿ مٿي اُٿيا، چيلهه ڏانهن وڌيا. ڪمربند ڍرو ڪري ڇڏيائين، باقي ايندڙ قسط ۾.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو