Home / افيئر / منٽو ۽ ورهاڱو-III
above article banner

منٽو ۽ ورهاڱو-III

منٽو لاءِ پرڳڻي جي سڀ کان اُوچي شهري اعزاز جي اعلان گهڙيءَ رياستي ڌرين جي مَنَ ۾ ڇا هيو ؟ ڄم کي سئو ورهيه گذريا اٿس-ان ڪري ؟ ايترا َبهم، سادا ته نه آهن. سعادت حسن جي ڪم کي مڃتا ڏيڻ خاطر ايئن ڪيو اٿن ته پوءِ ڍيٺ ضرور آهن، ساڻس گڏ سنڌ جي جنهن شخص ڪاڻ ساڳئي ميڊل جي مَنادي ڏني وئي آهي تنهن مان ڄاڻجي ٿو ته روايتي سياسي ايجنڊا به سامهون رکي اٿائون. منٽو هن اسٽيٽ آڏو بغاوت جو وڏو اهڃاڻ آهي. ٻيا به آهن، هُن سان ٻِٽُ ٿي بيهجي يا وري مخالفت ۾. کيس قبول ڪجي نهَ تهَ رَد ۾ ڳالهائجي.وچٿري واٽ ممڪن ئي ناهي. ملڪي سطح تي اهڙي دروهي لاءِ احترام جي اظهار جو مطلب سعادت جي ويچارن کي دُرست مڃڻ آهي، ٻين لفظن ۾ ورهاڱي جي نفيءَ لاءِ اثبات ۾ ڪنڌ لوڏڻ آهي. پاڪستان آئڊيالاجي جي نانءَ ۾ جيڪي ڪِيس ٿيندا رهيا آهن تن بابت پڇتاءُ ڏيکارڻو آهي. اها ايتري آسان ڳالهه ناهي جيتري ظاهري طرح پاڻ نهاريون ٿا. ڄاڻايل نظرئي کان نهڪار ڌرم کان منڪريءَ برابر ڄاتي ٿي وڃي. ڇا به هجي هيءَ رياست جن ٿوڻين تي بيٺل آهي سي ترتيب وار لکجن ته هيئن آهن- اَلک، مَت، ڌرمي شاستر، پاڪ ڌرتي، محافظ (يا مجاهد) ، پنج نَد، هندستاني پناهگير (خود کي مُلڪ جي باني نسل جو اولاد ٿا ڪوٺين) مڻيا جيڪي سڳي پوئيل آهن، اسٽيٽ مقدس مالا مثل اتهاس جي ڳچيءَ ۾ لڏي رهي آهي.ذڪر ڪيل داڻن مان ڪو هڪڙو به ڇڄي ڪِري پيو ته باقي هار ذرا ذرا ٿي ويندو. ٺانٺو ڦٽي پوندو، سموري ٽڪساٽ کي سائو رکڻ لاءِ آگي سميت هڙئي مڻڪا جيئن جو تيئن رهن.

تقدس قائم رکڻ خاطر لازم آهي ته توهين جو عنصر مٿي کڻي اچجي. رياست ڏانهن آڱر اُڀي ڪرڻ جو مطلب پرميشور ۽ سندس ڌرمي ٽڻن تي حرف اچڻ ورتو ويندو-روش رهي، نه فقط ايترو پر اختلاف ۽ پڻ بغاءَ کي چيڀاٽڻ لاءِ قانوني تياري به ڪئي وئي . سخت سزائون رکيون ، ٻڌايون ۽ عمل ۾ آنديون ويون. محافظ پاران طاقت جو ٽيڪو مهيا ڪيو ويو. غير فطري اسٽيٽ، تنهن ريت ئي، ستون ڏهاڪو ڪڍي رهي آهي. مالا جا مڙئي موتي جَرڪي رهيا آهن. پنج ند وارا اوج تي آهن ته جي پاڻ کي مُلڪ جي باني نسل جو پونئير ٿا سڏائين تن کي وري، سنڌ جا شهري مرڪز حوالي ڪيل آهن. انڌو به سمجهي ٿو ته ڪراچي اُها کيڙي آهي جنهن منجهه پناهگير ڪهڙو به فصل پوکين، جَهل پَل ناهين.روڪ ٽوڪ کان آزاد هن شاندار وسنديءَ ۾ ڪافي وقت کان رت جي هولي کيڏي پئي وڃي. اهڙي پسمنظر ۾ سرڪاري سطح تي سعادت حسن منٽو جو نالو ورتو ويو آهي. سندس کي رياست جي سڀ کان سرس مڃتا آڇي وئي آهي.

منٽو ڪير هو ؟ هُن جي اَبن ڏاڏن بابت تفصيل چاهيو ته انٽرنيٽ تي پڙهي سگهو ٿا، پنهنجن بزرگن جي ڪارنامن سبب مشهور ناهي، ليکڪ ٻيا به کوڙ آهن. اردو ٻوليءَ کي نوان لفظ ۽ محاورا به ڪونه ڏنائين.روڊ، رستا، پُليون، ڊيم ، کُٿاڀ نه جوڙايائين سماجي طور، شرابي انسان جي حياتي گهاريائين . جوانيءَ ۾ مري ويو. رڳو آکاڻيون ۽ ناٽڪ تحرير ڪرڻ تي ياد ڪيو ٿو وڃيس ته لکاري اڻکٽ آهن. ماڻهو هُن جي ادب ۾ اگهاڙپ جي موجودگيءَ جون دانهون ڪندا وتن . گهاڙيٽي جي لحاظ کان نوان تجربا به ڪونه ڪيائين. تنقيد جي اصولن هيٺ پرک ڪبي ته سندس فڪشن ۾ فني اُوڻايون ملنديون. ڇا ڪارڻ آهي جو قبر ڀيڙي ٿيڻ بعد لڳ ڀڳ پوڻا ڇهه ڏهاڪا اسين منٽو جي ڀروٺي بيٺا آهيون يا کيس سرنهن جيترا داڻا ڪرڻ جي خواهش ٿا سانڍيون ؟ هاڻ رياست پڻ هن جي احترام ۾ ڪنڌ جهڪايو آهي.


معاملو سڌو ۽ سولو آهي. اسٽيٽ جنهن آئڊيالاجي جو ٿنڀو ٽيڪ طور ڪتب آڻي ٿي سو کوکلو آهي، سچ جي روشني ۾ نهارڻ جو مطلب انحراف، گستاخي ۽ توهين وارو ورتو ٿو وڃي. بغاءَ جو رستو اختيار ڪندڙ اوهان پنهنجو جيئڻ جنجال ڏسندا. رياست متعلق ٻُڙڪ ڪڍڻ الک، ڌرم ، الهامي شاستر ۽ اهڙن ٻين ڀنڊارن جي شان کي گهٽائڻ برابر سمجهيو ويندو. قائدا، قانون، محافظ، خلق- چرپر ۾ ايندا. توهان جي هستيءَ کي ڀَوراڀَورا ڪرڻ، الاهي رضا جي پوئواري ڄاتو ويندو. گهڻو پراڻو نه، هاڻوڪو  واقعو آهي، سلمان تاثير جو انجام- هڙئي خبردار آهيون. سوبه هڪڙي شق کي آسان بنائڻ جي راءِ  رکڻ تي.

منٽو رياست سان اختلاف، انحراف يا بغاءَ جي راهه تي نه پر ساڻس تضاد ۾ آهي. اسٽيٽ جي ڄم بابت اعتراض واريو اٿائين. 47ع جي خوني سمئه جو اکين ڏٺو شاهد آهي. ڌرم جي تفاوت سبب هڪ انسان هٿان ٻئي جو ڪوس ڏٺائين. چار پنج ماڻهو نه پورا ڏهه لک جسم نهاريائين جي ڳاڙهي پاڻيءَ ۾ پُسيل هئا. لکين نياڻين جي آبرو لٽي وئي، ڦرلٽ ۽ دربدري الڳ. ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ، ساڳيو ڪلچر سانڍيندڙ، صدين کان پاڙيسري لوڪ اوچتو ڇت ڪُتائيءَ جو شڪار ٿيو. هندستان تهس نهس ٿي ويو. ٻه جدا ملڪ  وجود ۾ آيا. الک ۽ ڀڳوان راضي ٿي چڪا، سرحد جي هِن پار اتهاس کي مٽائڻ جون ڪوششون شروع ٿيون.واهگا کان اڳتي خلق کي نپوڙڻ لاءِ مختلف طريقا ڪتب آندا ويا. ننڍي کنڊ جي ارب کن آباديءَ کان جيئڻ جو حق کسيو ويو. ڌرتيءَ تي وسندڙ جُملي انسانن مان پندرهن ويهه سيڪڙو هي ارواح ڄڻ دنيا ۾ آيائي ڪونه . افسوس جو ٻاجهه جي علامت سمجهيو ويندڙ ايشور ۽ سندس ڌرمي ٽِڻ اهڙي انياءَ  جا هٿيار رهيا. مذهب جي جهنڊي هيٺ ڪٿي هندو ۽ سک ماريا ويا ته ڪنهن جاءِ مسلمان. عيسائي ۽ ٻيا ننڍا ننڍا گروهه ويچارا ته ماڪوڙين وانگر لتاڙ با ٿا رهجن.ورهاڱي کي اسين هڪ وڏي مثال طور وٺي سگهئون ٿا. جڏهن ته، رت جي راند جي انتها اڃا ناهي ٿي. اسان جي خطي مٿان ڊگهي رات آهي ۽ باک ڦٽڻ جا آثار پري تائين ڏيک نه ٿا ڏين. تنهن اونداهيءَ منجهه منٽو صاحب روشن لاٽ آهي  ته جيئن پاڻ پنهنجا چهرا ڏسي سگهئون.مهانڊن تي پکڙيل وحشت پڻ. خود سندي وجود سان نفرت ڪيو، بدلاءُ آڻي وجهئون.

منٽو کي مان ڏيڻ لمحي مٿس احسان ڪونهي. سندس لاءِ ميڊل معمول وٿ آهن. هن کي مڃتا آڇڻ جو اڪيلو طريقو سعادت جا ويچار قبولڻ آهي. تسليم ڪرڻو پوندو ته ورهاڱو تاريخ سان ڊيڄاريندڙ مذاق آهي، ڌرم جي ڇَانوَ هيٺ سرڪندڙ سَماجَ خلق جو ساهه منجهائي کانئس حياتي ڇني وٺندا.بيشڪ ڀارت ۾ جمهوريت آهي، سيڪيولر آهن. بابري مسجد وارو ڦڏو، گجرات، آسام ڪيڏانهن ڪندا ؟گولڊن ٽيمپل، دهليءَ ۾ سکن مٿان ڪاتي. سرشتي کي ڪهڙو به رنگ ڏجي عام ماڻهو مرضيل عقيدا پالين ٿا.وجهه ملڻ تي متڀيد کين ڀرواري شهريءَ جو رت پيئڻ تي اُڪسائي ٿو. ٻنهي پرڳڻن ۾ ساڳي ڪار آهي. اسان وٽ تنهن کيڏاڙ کي وري سرڪاري سرپرستي جهجهي انداز ۾ حاصل آهي، مُلڪ جي آئڊيالاجي الک ۽ مذهب سان سلهاڙيل آهي . محافظ ( يا مجاهد) پڻ ان ئي ڪَسيءَ مان اُڃ اجهائيندڙ گڏبو. پنج ند ۽ رياست جي باني نسل جو اولاد سڏائيندڙ پناهگير. اعتراض واري زبان ڪنهن هڪ لاءِ جو مطلب توهين ورتو ويندو. ترت سا گستاخي الهامي اهڃاڻن پاسي ڇڪي ويندي.توهين ۽ دروهه جي تهمت بعد جيسين ڪا عدالت الزام ٿاڦيل جِيوَ جي مدد ڪري، آسپاس موجود جناور ئي هڻي هنڌ ڪندس.

ان سموري ڀڳت آڏو منٽو، زبردست ٽڪراءَ ۾ آهي. “ٽيٽوال جو ڪُتو” آکاڻي پڙهجي ته رياستي سطح تي ٻٽي معيار بابت اوهان جي راءِ چٽي ٿي ويندي. ڪوشش ڪجي ته سندس ڪُل مواد کي ڏسجي. سمجهي وڃبو ته کيس مَانُ ڏيڻ جو طريقو ميڊل آڇڻ نه آهي، لازم آهي ته هُن جي اُٿاريل اعتراضن تي ويچارجي. تاريخ دُرست ڪيئن ٿيندي، پوءِ جو مامرو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو