Home / ڪور افيئر / مڪاني آرڊيننس: پ پ سنڌ وڪڻي ڇڏي
above article banner

مڪاني آرڊيننس: پ پ سنڌ وڪڻي ڇڏي

ڪجهه خطائون ماضيءَ جو اڻ مِٽِ حصو آهن، ميرن جي صاحبيءَ واري دور ۾ سندن سپاهين جو وڏو انگ هجڻ باوجود فرنگيءَ جي ٿوري لشڪر کان مليل شڪست کي اڄ ان دليل سان رد ڪيو وڃي ٿو ته انگريز وٽ بارود برسائڻ لاءِ گندرف جي نئين وِٿ وجود ۾ اچي چڪي هئي جنهن کان اڻ واقفيت اصل سبب هو جنهن غلاميءَ ۾ ڌڪيو نه ته

هن ديس جا ڄاوا وڙهڻ کان اڻ واقف نه هئا. شڪستن جي تلخ حقيقتن کي اڄ جو منجهيل مڊل ڪلاس قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پوءِ اهي ڏيڍ صدي پراڻيون هجن يا يا ڏيڍ هفتو. فيس بوڪ تي اندر جو اوٻر ڪڍندڙ اڄوڪي مڊل ڪلاس جي ظاهري وڏي تمنا آهي ته اسانجي ديس جو ماڻهو پنهنجي بقا جي سياست زور شور سان ڪري پر حقن جي بچاءُ جي سياست اڃا ايڏي به منظم ناهي جو اطمينان ڪري ڇڏجي. سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس 2012 کي سنڌ اسيمبلي جي نئين نويلي مخالف ڌر جنهن گذريل 4 سال پيپلزپارٽيءَ ۽ ايم ڪيو ايم سان گڏ اقتدار جا مڪمل مزا ماڻيا آهن، اهو پڙهو ڪاميابيءَ سان ڏياريو ته نئون مڪاني نظام سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ جي سازش ۽ سنڌ اندر ايم ڪيو ايم جي مهاجر ووٽرن لاءِ نئون صوبو قائم ڪرائڻ ڏانهن پهرين وِک آهي. لفظ “قومپرست” جي پاڇي ۾ بيهي ايندڙ اليڪشن جو انتظار ڪندڙ سنڌ جي ننڍين سياسي پارٽين کي تقريرنلاءِ جيئن ته ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪينال، اين ايف سي، قدرتي وسيلن جي موضوعن جا دليل مارڪيٽ جي رجحان موجب دستياب ناهن ان ڪري انهن به پنهنجا اسٽيج نئين مڪاني نظام جي آڌار تي سجائي ورتا. سنڌي ميڊيا جا چند ادارا، ماڻهن تائين خبر پهچائڻ جي فرض کان اڳتي نڪري تبصري جي جهان وسيلي جيئن ته سياست ۾ پير پائڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهن

ان ڪري سندن ڪاروباري مفادن توڙي انهن ادارن جي مالڪن جي ذاتي ايجنڊا به اهڙي سمجهه ۾ اچي ٿي ته اهي موجوده حڪومت جي مخالفت ڪري ميڊيائي منطق واري سياست به ڪن ته ڪاروباري فائدا به وٺن. سو هيءَ سڄي گڙ ٻڙ جيڪا سنڌ اسيمبليءَ پاران پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 کي سنڌ اسيمبليءَ پاران منظور ڪرڻ کانپوءِ يا اُن آرڊيننس متعلق پي پي ۽ ايم ڪيو ايم جون ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ مَتي آهي سا لڳي ٿو نئين نويلي مخالف ڌر ۾ شامل اي اين پي پاران ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اليڪشني سياست کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ، فنڪشنل ليگ پاران سنڌ مان ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون وڌيڪ سيٽون کٽڻ جي هڪ ڪوشش آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ عوامي تحريڪ ته هڪ سياسي اتحاد ۾ هوندي به نوازشريف سان الڳ الڳ چونڊ اتحاد ڪري قومپرست ووٽرن جي هڪ اڌ امڪاني سيٽ هڪ ٻئي کان کسڻ جي رٿابنديءَ ۾ رڌل آهن تن پاران نئين مڪاني نظام تي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ عام معمول آهي ڇو ته سندن سياست جو سڄو سهارو آهي ئي لفظ قومپرست تي. ان لفظ جي سهاري تي هلندڙ پارٽيون سنڌي ماڻهن لاءِ سنجيده بڻايل مسئلي تي احتجاج ۽ هنگاما نه ڪنديون ته پوءِ ڇا اتر وزيرستان ۾ فوجي آپريشن خلاف مظاهرا ڪنديون!؟ هي سِڪي جو هڪ پاسو آهي.

اٽل حقيقت اِها به آهي ته متحده قومي موومينٽ سنڌين سان نفرت جي بنياد تي قائم ٿي هئي، اڄ توڙي جو ان تنظيم ۾ چند سنڌين کي شامل ڪري اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيءَ اوڍڻ جو ٽي وي اسڪرين تي ڏيکاوَ وارو سنوڻ ڪري سنڌي ڳالهائيندڙن جي دلين تي پنهنجي سِڪ جا ڏانوڻ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر نائن زيرو وارا پنهنجي سياست ۽ سوچ جي بغض کي انهن ٽڪساٽن سان لڪائي ناهن سگهيا. سندن سياست ۽ سياست جي ايرَ ڀيرَ ۾ اڄ به سنڌي ڳالهائيندڙن مٿان بالادست ٿيڻ جو ڀوت سوار آهي ايئن نه هجي ها ته کين هر سنڌي ڳالهائيندڙ جي مخالفت باوجود به پنهنجي پسند جو مڪاني نظام پارلياماني بليڪ ميلنگ وسيلي لاڳو ڪرڻ جي ايڏي اُڻ تُڻ نه رهي ها. ۽ مفاهمت جي اُن سنهي رسيءَ تي هلڻ جي مجبوري پيپلزپارٽيءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪئي جنهن کي سنڌين جي اڪثريت ووٽ ڏنا، انهن سنڌين جيڪي هاڻي ايم ڪيو ايم آڏو پاڻ کي شڪست هاڻا محسوس ڪرڻ لڳا آهن. الميو اهو آهي ته پيپلزپارٽيءَ جا مفاهمت جي رسيءَ تي ڪرتب بس هاڻي چند مهينا ئي هلي سگهندا، جو ايندڙ عام چونڊن جي تياري شروع ٿي چڪي آهي. پيپلزپارٽي چند مهينن جي اقتدار هلائڻ لاءِ اگر ايم ڪيو ايم کي راضي رکڻ جي پاليسيءَ تحت هي آرڊيننس لاڳو ڪرڻ جي چال کيڏي آهي ته اها چال وري به پيپلزپارٽيءَ کي مهانگي پوڻ شروع ٿي چڪي آهي. پي پي جي وزيرن مشيرن کي اقتدار جي سگهارين ڪرسين تان لهي، بغير پروٽوڪول وارين گاڏين ۽ سرڪاري ڪارندن جي سهاري کانسواءِ صرف ۽ صرف حڪومتي دور ۾ جائز يا ناجائز وسيلن سان ڪمايل پيسن جي آڌار انهن ئي سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺڻ لاءِ اچڻو آهي جيڪي هاڻي سندن گهرن جي در تي تَوا پيا ٽنگين يا جوتا پيا اڇلائين. ٻوڏن جڏهن برسات ٿي سنڌ جو در کڙڪايو يا درياءَ مان نڪري گهرن کي ڀيليو هو، ٻوڏ جي وَرِ چڙهيل هڪ غريب گهراڻي جو به هڪ لک روپئي جيترو مالي نقصان ضرور ٿيو، دربدري، خيرات جي ماني ۽ تنبوءَ جي اڌوري اجهي کي طويل عرصي تائين ڀوڳڻ جي ڪهاڻي ته اڃاطويل آهي پر هڪ لک روپئي جي مالي نقصان ٿيڻ جي ڪري سنڌ واسين پهريان حڪومت ۽ حڪومتي پارٽيءَ توڙي سندن اڳواڻن کي جن خطابن سان نوازيو هو تنهن ڪِرت کي سنڌ ڪارڊ جي مالڪن 20 هزار روپين جي وطن ڪارڊ سان ٻُنجو ڏئي سُڪ ڪري ڇڏيو. هاڻي به ته اهو ئي چيو پيو وڃي ته وزيرن، مشيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي گهرن تي تَوا ٽنگيندڙ اقليت ۾ ۽ پي پي حامي اڪثريت ۾ آهن جن کي نوڪريون، تازين برساتن کانپوءِ وري ويهه هزار ۽ بينظير انڪم سپورٽ فنڊ جا پيسا ڏنا ويندا ته اهي ووٽ جيالن کي ئي ڏيندا!!

سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012، سچ اهو آهي ته انتهائي ٿورن ماڻهن پڙهيو آهي، شايد انهن ته بنهه نه پڙهيو هجي جيڪي ان خلاف رستن تي احتجاج ڪندا رهيا آهن، پوليس سان چڪريون ٿيون اٿن يا ٿاڻن ۾ واڙيا ويا آهن. ڪير ڪنهن سان ويساهه گهاتيءَ جو ڏوهه پيو ڪري يا سنڌ دوستي، اهو تضاد سمجهڻ مڙيوئي مشڪل آهي پر سنڌ جو مڊل ڪلاس جنهن کي ڪجهه وقت اڳ ووڪل ڪلاس چئي بحثن جو موضوع بڻايو ويو، ان طبقي جي هڪ رڪن طور اهو اعتراف مون جيان شايد سڀني کي ڪرڻ گهرجي ته آرڊيننس خلاف فيس بوڪ تي لفظي هلچل هلائڻ کان اڳ اسان مان ڪنهن کي به ان جي هڪ شق جي تفصيلن جي به ڄاڻ نه هئي. ته پوءِ سنڌي ڳالهائيندڙ ڇا پنهنجن پاران ئي هڪ انڌي راهه ۾ ڀٽڪايا ويا آهن؟ بيخبريءَ ۾ هڪ نفرت تي ٻڌل تحريڪ جو حصو ٿي پيا آهن؟

ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ جيئي سنڌ جي سموري قيادت هميشه سنڌ جي حقن تي نه کُٽندڙ سياست ڪئي آهي. انهن پارٽين جي جدوجهد جي حاصلات ۽ جدوجهد جي فيصلن تي اعتراض واري سگهجن ٿا پر اهو نه ٿو چئي سگهجي ته اهي ڪڏهن خاموش رهيون آهن يا سنڌ جي حقن تي سمجهوتو ڪيو اٿن. جيئن ته ايم ڪيو ايم جي نيت سنڌي ڳالهائيندڙن ڏانهن نيڪ ناهي، سرائيڪي صوبي جي ڳالهه سُرڻ کانپوءِ سندن سيني ۾ به مهاجر صوبي يا سنڌ اندر سندن خودمختيار علائقن جي قيام واري سازش جو نانگ سُرندو رهيو هوندو ان ڪري سنڌ جي قومپرست پارٽين تي لازم هو ته اهي سڀ احتجاج جي عملي ميدان ۾ اچن. پر اسان جي قومپرست قيادت کي اهو ذمو پاڻ تي کڻڻ گهرجي ته هنن سنڌي عوام کي نئين مڪاني نظام جي شق وار نقصانن جو وِچور ڇو پيش نه ڪيو. پرويز مشرف جي آمريت ۾ ڪراچي مهاجرن جي قبضي ۾ هئي، ڪراچيءَ جو ناظم ارباب غلام رحيم جهڙي فيل مست وزيراعليٰ هوندي به وڏي شهر جو ڪل مالڪ بڻيل هو، ته پوءِ اڄ اگر ڪراچي ميٽروپوليٽن ٿيندو ۽ اتي مصطفيٰ ڪمال يا سندس ڪو ڀائي ميئر ٿي ايندو ته ان سان سنڌ کي ڪهڙو نقصان ٿيندو؟ مڪاني ادارن وارو آرڊيننس ڪيئن سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ آهي؟ ۽ اگر اهو آرڊيننس لاڳو نه ڪجي ته مڪاني نظام ڪيئن هجي ۽ جيڪونظام سنڌي طئي ڪن اهو ڪير ۽ ڪيئن طئي ڪرائي پوءِ سڄي صوبي ۾ لاڳو ڪرائيندو؟ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ کانپوءِ شايد سنڌ ڪنهن منظم نتيجي تي پهچي نتيجا خيز جدوجهد ڪري سگهي.

تڏهن، جڏهن هن حڪومت ئي ايم ڪيو ايم جي اشاري ملڻ تي اچي، مفاهمت جي وار کان سنهي ۽ چاقوءِ جي ڌار جهڙي تکي رسيءَ تي نچي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ناظميءَ وارو جڏهن ته باقي شهرن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل وارو نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ته، سنڌي ميڊيا جي اُها واويلا جائز هئي ته سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ميڊيا جي ان سنڌ دوست واويلا جي نتيجي ۾ عوام پنهنجي همٿ ۽ جوش جو ڀرپور مظاهرو ڪري جيالا حڪومت کي مجبور ڪيو ته هو اهو فيصلو واپس وٺن. اها ڪاميابي مختلف هئي، سنڌي ڳالهائيندڙ کي اهو احساس ٿيو ته سنڌي ميڊيا به عوام کي سياسي معاملن تي جذباتي انداز سان منظم ۽ متحد ڪري سگهي ٿي. ميڊيا تبصرن ۽ تفصيلي دستاويزن تي ٻڌل ثبوتن آڌار عوام کي صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ ڏني ته عوام احتجاج وارين جاين تي گڏ ٿيندو رهيو. پر هن ڀيري هڪ ته سنڌ جي انتظامي ورهاست، هڪ صوبي ۾ ٻه نظام يا سنڌ کي ٻن الڳ الڳ انتظامي وحدتن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه منطقي طور تي مناسب نه پئي لڳي، پر اگر ايئن هيو به ته سنڌي ميڊيا هن ڀيري درست تفصيل جاري نه ڪري سگهي ۽ اڳ وانگر سنڌي ڳالهائيندڙن جي طاقت کي منظم نه ڪري سگهي. جنهن ڪري سنڌي ميڊيا مٿان الزام لڳا ته مبارڪن وارا اشتهار وٺي اها پوئتي ٿي وئي، نتيجي ۾ ايس ايم ايس ۽ فيس بوڪ کي مصرين جيان استعمال ڪرڻ کان اڻ واقف قومپرست تنظيمن ماڻهن کي گڏ ٿيڻ ۽ منظم ٿيڻ جو سڏ ئي نه ڏنو.

ان هوندي به مڪاني ادارن وارو قانون سنڌ اسميبليءَ مان پاس ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ به سنڌ ۾ احتجاج ٿيندو رهيو. سنڌ جو رد عمل ايترو ننڍڙو نه هيو جو مايوس ٿجي ۽ ايڏو منظم به نه هيو جو مڪمل اطمينان ڪري ويهجي ته هاڻي سنڌي پنهنجي حقن جي سياسي جنگ ثابت قدمي سان وڙهندا. هتي اهو واضح طور نه ٿو چئي سگهجي ته آرڊيننس سنڌ دوست آهي يا سنڌ دشمن، سنڌ اسيمبليءَ جي نئين نويلي اپوزيشن سنڌ دوستيءَ ۾ ان آرڊيننس جي مخالفت ڪئي يا “راولپنڊيءَ” مان ڪو آسرو ملڻ جي آسري ۾ مستقبل جي سياست ڪئي. ۽ پيپلزپارٽيءَ تي سنڌ جي سلجهيل طبقي کي اڳ به اهو اعتراض رهيو آهي ته انهن سنڌ ڪارڊ وسيلي سنڌي عوام جو ووٽ گروي ڪري ورتو آهي، جنهن کي هميشه وڪڻندا رهيا آهن ۽ سنڌ سان ناانصافي ڪندا رهيا آهن. پر هاڻي عام سنڌيءَ کي پنهنجي شڪستن جو اعتراف، ڪمزورين جي نشاندهي ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ عقلمنديءَ سان منظم ٿيڻ پوندو ٻي صورت ۾ اگر سنڌ جو انتظامي ورهاڱو اڃا ناهي ٿيو ته پوءِ ويجهي مستقبل ۾ ٿي به سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو