Home / ڪور افيئر / نئون مڪاني نظام : شرم تمڪو مگر آتي نهين
above article banner

نئون مڪاني نظام : شرم تمڪو مگر آتي نهين

خميس 13 سيپٽمبر 2012 تي، مڪاني ادارن بابت آرڊيننس ‘ايس. پي.ايل.جي او ـ 2012 ’ جاري ڪرڻ خلاف ‘سنڌ بچايو ڪاميٽيءَ’ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سرڪار ساڳي ڏينهن تي سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪندي ۽ سنڌي عوام جي سخت مخالفت جي باوجود ، نئين تڪراري آرڊيننس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ان مان چٽيءَ ريت ظاهر ٿئي ٿو ته پ پ پ جي حڪمرانن کي، لساني تنطيم جي ڀيٽ ۾ سنڌي عوام جي راءِ جو ڪوبه احترام ڪونهي. انهيءَ کان اڳ، پ پ پ هڪ ئي تڪراري آرڊيننس جا 3 ـ 4 مسودا ميدان ۾ آندا جيڪي هڪ ٻئي کان مختلف هئا ته جيئن سنڌي عوام کي منجھائي ڇڏين ۽ هو اصل مسودي  ڏانهن ڏيان نه ڏين جنهن ۾ سنڌين جي مفاد کي تين وال ڪرڻ جو گھڻو سامان رکيل آهي.

اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد محترما بينظير ڀُٽي جا روح، ڳڙهي خدابخش ڀُٽي جي قبرستان ۾ ڪيڏو نه بيچين هوندا جڏهن کين خبر پئي هوندي ته سندن پ پ پ جي هاڻوڪن حڪمرانن، نئون پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 رات جي گھُگھه اونداهيءَ ۾ لاڳو ڪري، جيجل سنڌ کي ورهائڻ جو بنياد وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيو آهي. وڏي ڳالهه تي اهڙن ڪرتوتن تي هو شرمندا به نه آهن. سنڌ جو عوام هاڻوڪن حڪمرانن کان پڇي ٿو ته جيڪڏهن شهيد ڀٽو يا شهيد بينظير اڄ زندهه هجن ها ته ڇا سنڌ جي عوام خلاف اهڙي ڪاريَ آرڊيننس لاڳو ڪرڻ جي اجازت ڏين ها؟

اهو ڪارنامو انهيءَ پارٽي ڪيو آهي جنهن جو وجود شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ‘طاقت جو سرچشمو عوام آهي’ جي پهرين نقطي طور رکيو هو، اڄ اها پارٽي عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهڻ بدران ڪراچيءَ جي هڪ لساني تنظيم اڳيان گوڏا کوڙيَ، ٻيئي هٿ ادب جا ٻڌي بيٺي آهي. اڳ ۾ ته کين اهو بهانو هو ته وفاق ۾ حڪومت هلائڻ لاءِ، سندن ووٽن جي ضرورت آهي پر جڏهن پاڪستان مسلم ليگ قاف سان، ماضيءَ ۾ کين قاتل ليگ سڏڻ جي باوجود پيپلز پارٽيءَ جو اتحاد ٿيو ته اهو بهانو به ختم ٿي ويو ڇاڪاڻ ته قاف ليگ کي قومي اسيمبليءَ ۾ 45 سيٽون آهن جڏهن ته ڪراچيءَ جي لساني تنظيم کي قومي اسيمبليءَ ۾ رڳو 25 سيٽون آهن تنهن ڪري سڀني سک جو ساهه کنيو ته هاڻ لساني تنظيم جي بليڪ ميلرن ۽ دهشت گردن کان جند آجي ٿيندي پر تنهن جي باوجود سنڌي عوام لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي وئي. سنڌي عوام جي قيمت تي، کين رعايتون ڏيڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ آخر ڪٿان جي شرافت آهي؟ انهيءَ کي ڊپلوميسي يا سرچاءَ جو نالو ڏيڻ وارا، درحقيقت سياست جي مٽي پليد ڪري رهيا آهن ۽ جيجل سنڌ سان غداري ڪري رهيا آهن. سنڌ جي عوام کي اها ڳالهه سمجھه ۾ نه ٿي اچي ته آخر پاڪستان پيپلز پارٽي، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ڇو هڻي رهي آهي؟

سنڌ جو عوام انهيءَ تي ششدر آهي ته آخر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ڪهڙي ضرورت پئي جو آغا سراج درانيءَ جي چواڻي، ٻن ورهين کان لساني تنظيم سان هلندڙ ڳالهين جي باوجود اوچتو پ پ پ سرڪار بولاٽي کائي، پنهنجي سموري ڪمائيءَ تي پاڻي ڦيري، ڪراچيءَ جي لساني تنظيم اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا، جنهن ڪروڙن سنڌي عوام کي ششدر ڪري ڇڏيو، اهو سڀ ڪجھه صدر آصف علي زرداريءَ جي ڪراچي اچڻ کانپوءِ ئي ٿيو جنهن کي ظاهري طور سنڌين جي ڀيٽ ۾ لساني تنظيم سان وڌيڪ همدردي آهي. مون اڳ به ڪٿي لکيو آهي ته لساني تنظيم وارا ‘ڪُٽي کائڻ وارا مجنون’ آهن جيڪي ‘ڪم نڪتو، ڊکڻ وسريو’ واري پاليسيءَ تي هلي رهيا آهن، اهڙو ڪو ڏکيو وقت پ پ پ تي آيو ته آصف زرداري اڪيلو بيٺو هوندو ۽ لساني تنظيم وارا نئين حڪومت جي چرنن ۾ ويٺا ‘دوُدهه ملايون’کائيندا هوندا. گھٽ ۾ گھٽ تجربو ته اهو ٻڌائي ٿو، سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته اها سادي ڳالهه صدر آصف زرداريءَ کي ڇو نه ٿي سمجهه ۾ اچي جيڪو اڳ به اها دعوى ڪري چڪو آهي ته ‘اسانکي ڪير سياست نه سيکاري، اسانکي سياست اچي ٿي.’ پر سنڌ جي ماڻهن جنهن فيبروري 2008 ۾ پ پ پ کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏياريَ اقتدار ۾ آندو، تن کي، لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ نقصان پهچائڻ ڪٿان جي سياست شرافت آهي؟ سا ڳالهه وري سنڌ جي عوام کي سمجھه ۾ نه ٿي اچي!

انهيءَ ساري ناٽڪ ۾ ٿوري يا گھڻي رهيل ڪسرآصف زرداريءَ جي هڪ وجهي عزيز پوري ڪري ڇڏي جيو ٽي.وي جي خبر موجب هو صاحب 4 سيپٽمبر تي را ت وڃي گورنر هائوس نڪتو جتان ايم ڪيو ايمي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ لساني تنظيم جي وفد کي ساڻ ڪري چيف منسٽر هائوس پهچي ويو ۽ سارا مامرا حيرت انگيز طور رات جي پيٽ ۾ اهڙي ريت نبيرجي ويا جو ٺاهه تي صحيحون ٿيڻ وقت ايم ڪيو ايمي گورنر ته خوشيءَ وچان ڪپڙڻ ۾ نه ٿي ماپيو جڏهن ته سنڌ جو بزرگ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڏاڍو هيسيل نظر آيو. ظاهر آهي ته مزڪوره همراهه پنهنجي طرفان ڪونه ويو هوندو پر صدر زرداريءَ جي چوڻ تي هن ائين ڪيو هوندو.


اسانجي هڪ سينيئر صحافي دوست ٻڌايو: ‘پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪور ڪاميٽين جي ڳالهه ٻولهه واري آخري رات جو جڏهن ايم ڪيو ايم تجويز ڏني ته پوليس ۽ روينيو شهري حڪومتن کي ڏنو وڃي ته پ پ جا ٻه وزير ايم ڪيو ايمي اڳواڻن کي منٿون ڪرڻ تي لهي آيا، جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم پوليس ۽ روينيو جا اختيار نه وٺڻ تي راضي ٿي’. سکڻيَ انهيءَ مثال کان ظاهر آهي ته پ پ پ سرڪار لساني تنظيم آڏو ڪيڏو نه مجبور آهي؟ عوام اهو پڇڻ جو حق رکي ٿو ته آخر انهيءَ مجبوريءَ ۾ ڪهڙا راز لڪل آهن؟ ڇا پ پ پ ايڏو مجبور آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اهو سون ئي گھوريو جو ڪن ڇني. جيڪڏهن پ پ پ سنڌين کان عزت سان جيئڻ جو اختيار کسي ٿي ته پوءِ اهڙو اقتدار ڪهڙي ڪم جو؟

اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ جا جيڪي 4 ـ 3 ڊي فيڪٽو چيف منسٽرز آهن، انهن ۾ آصف زرداري جو ذڪر ڪيل ويجهو عزيز  ۽ رحمان ملڪ خاص طور ۾ شامل آهن. رهيو سوال بزرگ سيد قائم علي شاهه جو ته اهو نالي ۾ وڏو وزير آهي، سکڻن بيانن کان سواءِ باقي رهي نالو الله جو. وڌيڪ اوهان پاڻ سياڻا آهيو، سڀ ڪجھه سمجھي سگھو ٿا. سو ڳالهه ٿيَ ڪئي سين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي، ته عوام جي اقتدار ۾ ويساهه رکندڙ هيءَ پارٽي، اڄ سنڌي عوام جي جذبن جو خون وهائڻ ۾ خوشي محسوس ٿي ڪري، آخر ڇو؟

اهو ڪو پهريون ڀيرو ڪونهي جو پ پ پ اهڙو ‘خير جو ڪم’ ڪيو آهي، ان کان اڳ به انهيءَ لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ ، پ پ پ سنڌ اندر ٻه مختلف مڪاني ادارن جا نظام لاڳو ڪيا هئا، جن هيٺ ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ الڳ نظام جاري ڪيو ويو ۽ رهيل سنڌ لاءِ الڳ نظام. هاڻ وري پ پ پ سرڪار، ‘جيئن ٿڌ، تيئن وڌ’ وانگيان ٻه رتيون اڳيان وڃي، سنڌ اندر هڪ ئي وقت مڪاني ادارن جا ٽي نظام لاڳو ڪيا آهن، مثال: سنڌ اندر 5 ميٽروپوليٽين ڪارپوريشن بڻايون ويون آهن انهن مان ڪراچيءَ لاءِ الڳ نظام آهي، رهيل چار ميٽروپوليٽين لاءِ الڳ قانون آهي جڏهن ته سنڌ جي باقي بچيل 18 ضلعن لاءِ الڳ نظام آهي، سو هڪ ئي وقت ٽي مختلف نظام لاڳو ڪيا ويا آهن، جن جو پڪ سان سنڌ جي عوام تي خراب اثر پوندو، اسان سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ جي ڪراچيءَ اندر لساني تنظيم جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسون ته خبر پوندي ته جڏهن سيدمصطفى ڪمال (ايم.ڪيو.ايم) چار ورهيه سٽي ميئر رهيو ته سندس سنڌ دشمني ڪنهن کان به لڪيل ڪانه هئي 27 ڊسمبر 2007 تي محترما بينظير شهيد ٿي ته هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل تي اچي چيائين ته؛ ‘جيڪڏهن اسان کي الطاف منع نه ڪري ها ته اسان 5000 هزار لاش ‘اندرونِ سنڌ’ موڪليون ها’، ظاهر آهي ته سندس دڙڪا دهمان ڪراچيءَ کان سنڌين جا لاش موڪلڻ بابت هئا، هيءَ اهو ئي تعصب پرست ميئر هو جنهن وفاق کان مليل 30 ارب روپيا ڪراچيءَ جي اهڙن علائقن جي ميگا ترقياتي پراجيڪٽن تي خرچ ڪيا جن مان سڌي ريت سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين کي فائدو ڪونه پهتو.


هاڻوڪي صورتحال بابت، چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف جي حڪومت جي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم جو بيان به تازو فيس بوڪ تي آيو آهي جنهن ۾ وچن ڪيو اٿس ته پ پ پ جيڪو نئون نظام آندو آهي سو سنڌ جي خلاف آهي ۽ وچن ڪيو اٿس ته هو سنڌ جي مفاد لاءِ وڙهندو ، جنهن جي موٽ ۾ مون کيس لکيو هو ته ڊاڪٽر رحيم ان وقت ڪٿي هو جڏهن ته سندس دور ۾ ڏيڍ ڪروڙ واري ڪراچي شهر کي هڪ ضلعو بڻايو ويو ۽ 25 لکن جي آبادي واري ننڍڙي ضلعي حيدرآباد کي چار ٽُڪر ڪيو ويو هو ۽ اهڙي ريت سنڌين سان متڀيد ڪيو ويو هو، ڇا ارباب رحيم سمجھي ٿو ته سنڌين جو حافظو ايڏو ڪمزور آهي جو هنن کي بيوقوف بڻائي سگھندو؟


ايم ڪيو ايمي وزير ۽ پارليامينٽري ليڊر (سنڌ اسيمبلي) سيد سردار احمد جو ڊان ۾ 13 سيپٽمبر تي ليٽر ڇپيو آهي ته نئون سنڌ پيپلز لوڪل گورنمنٽ آرڊيننس 2012 سنڌ ۾ ، ٻهراڙين ۽ شهرن جي وچ۾ وڇوٽيون ختم ڪندو.مون ڊان جي ويب سائيٽ تي اهو ليٽر پڙهي لکيو مانس ته جڏهن نسلي متڀيد رکندڙ جنرل مشرف جي دور ۾ ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ واري ڪراچيءَ کي هڪ ضلعو قرار ڏنو ويو ۽ 25 لکن جي آباديءَ واري حيدرآباد ضلعي کي چئن ضلعن ۾ ورهايو ويو ته ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ اها وڇوٽي وڌي وئي هئي، ان کان سواءِ  سندن ڪراچيءَ جي ميئر سيد مصطفى ڪمال پنهنجن چئن ورهين واري ڪاريَ دور ۾ ، سنڌي، بلوچي، پٺاڻ ۽ پنجابي آبادين کي ميگا ترقياتي رٿائن ۾ مڪمل طور نظرانداز ڪيوسو پنهنجي جاءِ تي هڪ رڪارڊ آهي. اهڙي ريت اوهان ويڇا وڌايا آهن، گھٽايا ناهن!

باقي رهيو سنڌ جا وزير جهڙوڪ شرجيل ميمڻ، اياز سومرو، مظفرشجراع وغيرهه تن تي ڪهڙي ميار آهي؟ ويچارن کي پنهنجون پنهنجون نوڪريون ته بچائڻيون آهن، اڳ ۾ به جڏهن پ پ پ سنڌ ۾ ٻٽو نظام رائج ڪري سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد وڌو هو ته به انهن ويچارن ته ان جي حمايت ڪئي هئي، هاڻ واري سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ ، ٽن قسمن جو مڪاني ادارن جو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي ته به اهي ويچارا نوڪريون بچائڻ ۾ پورا آهن. پ پ پ سرڪار، سنڌ جي حفاظت جي حوالي سان عوام کي ڏاڍو مايوس ڪيو آهي پر افسوس ته ان جي متبادل ڪا پارٽي ڪانهي، نه ته پ پ پ کي خبر پئجي وڃي ها ته گھڻين ويهين سو آهي؟

mksial@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو