Home / ڪور افيئر / نئون مڪاني نظام – پيرپاڳاري جو پ پ کي حمايت کان کتو جواب
above article banner

نئون مڪاني نظام – پيرپاڳاري جو پ پ کي حمايت کان کتو جواب

سنڌ سرڪار جي ٽن وڏن اتحادين هڪٻئي سان نانيءَ ويڙهو ڪري مڪاني ادارن جو نئون آرڊيننس جاري ڪيو آهي،جيتوڻيڪ آرڊيننس جي تيارين جي مرحلي ۾ ٻيا اتحادي به صلاح مصلحت ۾ گڏ هئا- مسلم ليگ فنڪشنل، اي اين پي ۽ مسلم ليگ ق اين پي پي به ڳالهين ۾ شامل رهيون. انهن پنهنجون پنهنجون تجويزون به ڏنيون هيون پر آرڊيننس کي آخري شڪل ڏيڻ وقت انهن اتحادين کي يقين ڏياريو ويو ته آرڊيننس کي مڪمل ڪري ڪاپي اوهان کي ڏينداسين ۽ اوهان جي مرضيءَ سان اعلان ڪنداسين –ٻه ڏهاڙا اڳ پير مظهرالحق اهڙو واعدو ڪيو. ان ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير خان ڳڙهه ۾ مهر گروپ جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت واري تقريب ۾ شريڪ هو ان ئي ڏينهن ڪراچي پهتو ۽ ان ڏينهن ڳالهيون ٿيون، اڳئين ڏينهن رات جو 3 وڳي مامرن کي حتمي شڪل ڏني. نئين مڪاني نظام جي آرڊيننس جو اعلان ڪيو ويو. اعلان وقت صرف ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي قيات موجود هئي.باقي اتحادي ڪونه هئا، اتان کان اتحادين ۾ بي اعتباري شروع ٿي.ٻئي ڏينهن سڀ کان پوءِ عوامي نيشنل پارٽي جي وزير استعيفيٰ ڏني. ان کانپوءِ مسلم ليگ فنڪشنل ، مسلم ليگ (ق) ۽ اين پي پي جي وزيرن استعيفائون ڏنيون.ڌرين سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف سيٽن تي ويهڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر اڃا تائين ان لاءِ باقاعده درخواست نه ڏني آهي. تازي صورتحال ۾ صدر آصف علي زرداري پاڻ پير پاڳاري سان ٽيلي فون وسيلي باضابطه رابطو ڪيو آهي، اطلاع آهن ته  پيرپاڳاري سان صدر آصف زرداري ملاقات ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ممڪن آهي ته هي سٽون ڇپجڻ تائين ملاقات ٿي به وڃي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر پير صبغت الله شاهه راشدي پيرپاڳاري وڏي وزير سان ملڻ کان انڪار ڪيو. اسين ان وقت پيرپاڳاري جي گهر راجا هائوس موجود هئاسين، جيڏي مهل سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه فون تي ڳالهائڻ پئي چاهيو پر پير پاڳاري ڪونه ڳالهايو- ان کانپوءِ صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي صوبائي وزير آغا سراج دراني پڻ پير پاڳاري وٽ پهتو ۽ ڪوشش ڪئي ته مڪاني ادارن جي نظام بابت پير پاڳاري سان ڳالهائجي پر آغا سراج دراني کي ڪاميابي ڪانه ٿي.

مڪاني ادارن جي آرڊيننس خلاف 13 هين سيپٽمبر تي سنڌي قومپرست پارٽين پاران هڙتال لاءِ ڏنل سڏ جي پيرپاڳاري کليل انداز سان ڀرپور نموني حمايت ڪئي ۽ حُر جماعت هڙتال ۾ شرڪت ڪئي. نئون پير پاڳارو سنڌ ۾ متبادل سياسي قوت بڻجي اڀري رهيو آهي پر هو پاڻ کي سنڌ جي حقن لاءِ به سلهاڙي رکي ٿو-سندس موقف وڏي پير پاڳاري ( سندس والد) جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چٽو ۽ صاف آهي ان ڪري هو عوامي سياست جي ويجهو وڃي رهيو آهي، جيتوڻيڪ  هي پير اڻي سياست جو گادي نشين آهي-سنڌ ۾ پيراڻي ۽ وڏيرڪي سياست تي اسان هميشه تنقيد ڪندا رهيا آهيون پر المناڪ صورتحال آهي ته سنڌ جا لبرل ۽ قومپرست سياسي ڪارڪن به وڏيرڪي سياست جي روايت جو حصو بڻجي رهيا آهن.آصف زرداري ، ذوالفقار مرزا، پير مظهر الحق، غوث بخش مهر ، ممتاز ڀٽو، نواب يوسف ٽالپر سميت سنڌ جا اڪثر سياستدان ۽ سياسي وڏيرا پنهنجي اولاد کي سياسي گادي جو وارث بڻائيندا آهن- پر سنڌ ۾ ڪجهه عرصو اڳ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش جي جڳهه سندس پٽ اياز لطيف پليجي ورتي- تازو جسقم جي مرڪزي چيئرمين بشيرخان قريشي جي پٽ کي جسقم جو چيئرمين چونڊيو ويو- ان ڪري وڏيرڪي ۽ پيراڻي سياست تي ڪهڙي تنقيد ڪريون پر ان جي مثبت ۽ سنڌ جي گڏيل حقن لاءِ ڪردار کي ضروري ساراهڻ گهرجي –پير پاڳاري جو ڪردار سنڌ جي حقن بابت ڏاڍو مثبت رهيو-نه رڳو مريدن کي سنڌي ٽوپي پائڻ جي هدايت ڪئي پر مڪاني نظام جي آرڊيننس خلاف به سندس موقف سخت رهيو-جتيوڻيڪ سرڪار جو خيال آهي ته مڪاني نظام جو آرڊيننس جلد سنڌ اسيمبلي ۾ آندو ويندو. شايد ان لاءِ پيرپاڳاري کي مڃائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي ۽ ممڪن آهي ته صدر آصف زرداري جا رابطا پڻ ان سلسلي جي ڪڙي هجن، پر پير پاڳارو سنڌ ۾ هڪ سياسي محور بڻجڻ جي ڪوشس به ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ وٺ اين پي پي ، غوث بخش مهر، شيرازي گروپ ۽ سنڌ جا ٻيا سياسي گروپ ايندا رهيا جن ۾ خان ڳڙهه جا مهر ڀائر به شامل آهن، جيڪي هاڻي پيپلز پارٽي جو حصو بڻجي ويا ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ گهوٽڪي ضلعي ۾ سيٽن جو فيصلو سندن مرضي سان ٿيندو.

نئين مڪاني نظام بابت مونجهارا خود پيپلز پارٽيءَ جي اندر به موجود آهن- پ پ جو وڏو حلقو مڪاني نظام جي ۽ ان جي خلاف آهي جيڪو جنرل پرويز مشرف جي ناظم نظامي جو تسلسل آهي.خاص ڪري ڪراچي جا پنج ضلعا ختم ڪري 18 ٽائون تي ٻڌل پراڻو شهري  حڪومت وارو نظام برقرار رکيو ويو، ان سان هڪ صوبي اندر ٻه مڪاني نظام نظر اچن ٿا- جنهن سبب سنڌ جون سڀ ڌريون ان جي خلاف آهن پر ايم ڪيو ايم ان ۾ خوش آهي. پيپلز پارٽي روايت مطابق پنهنجي هن فيصلي جو دفاع ڪرڻ ۾ به ڪمزور پوزيشن ۾ آهي، وزيرن جا بيان ڪهڙا به ايندا هجن پر عوامي سطح تائين پيپلز پارٽي نئين مڪاني نظام جو دفاع نه پئي ڪري ، پيپلز پارٽي جي هن فيصلي سان هڪ دفعو وري سندس مخالفن کي فائدو مليو آهي، ان مان فائدو کڻڻ لاءِ نواز شريف مڪاني نظام جي آرڊيننس خلاف احتجاج جو اعلان ڪري هليو ويو-اهڙي ريت سنڌي قومپرستن به سنڌ ۾ تاريخي ۽ ڪامياب هڙتال ڪرائي ويا.

آخر نئين نظام جو ڇاٿيندو ؟

هڪ خيال اهو آهي ته پيپلز پارٽي ان آرڊيننس ذريعي ٽي چار مهينا ڪڍڻ چاهي ٿي جيئن ايم ڪيو ايم خاموش رهي، ٻيو خيال اهو آهي ته مڪاني چونڊون ڪرائي وڌيڪ وقت وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي،ٽيون خيال اهو آهي ته صدر آصف زرداري اڃا ڪا نئين راند شروع ڪرڻ وارو آهي جنهن سبب سندس مخالف پريشان آهن-مڪاني نظام جي آرڊيننس پٺيان نئين راند ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ سا خبر ناهي پر عام چونڊون وقت تي ٿيڻ جي صورت ۾ جمهوريت کي استحڪام ملندو-پيپلز پارٽي جو خيال آهي ته اها  مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي. ايم ڪيو ايم کي به فائدو پوندو- پر مڪاني چونڊن کان اڳ ڪيترائي خدشا آهن جيڪي ٻڌائين پيا ته شايد مڪاني چونڊون ٿي نه سگهن، ٿي ويو ن ته پوءِ سرڪار جا اڳواٽ اتحادي ۽ هاڻوڪا مخالف ڪهڙو رويو اختيار ڪندا ؟ ڇو ته مڪاني چونڊن کي مشڪوڪ بڻايو ويو ته سڀ کان وڌيڪ نقصان پيپلز پارٽي جو ٿيندو.

aajizjmalijmali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو