Home / افيئر / نصاب ۾ نفرت آميز مواد، غير مسلم شاگردن جي تذليل
above article banner

نصاب ۾ نفرت آميز مواد، غير مسلم شاگردن جي تذليل

جتي غير مسلمن لاءِ توهين رسالت ۽ ٻين قانونن ذريعي زيادتون روزمره جو معمول آهن اتي تعليم ادارن ۾ پڙهائجندڙ تعليمي نصاب ۾ به جيڪا سرڪاري سطح تي منفي پروپيگنڊا ٿي رهي آهي. ان متعلق پاڪستان جي هڪه غير سرڪاري تنظيم “قومي ڪميشن براءِ امن ۽ انصاف” جيڪا “تعليم يا نفرت جي آبياري” جي نالي سان هڪ تفصيلي ۽ تحقيقي جائزي واري رپورٽ ظاهر ڪئي وئي آهي. جنهن ۾  خصوصن پنجاب ۽ سنڌ جي تعليم وارن کاتن پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري طرفان سال 2012-13 ۾ پنجين درجي کان وٺي ڏهين درجي تائين مختلف سبجيڪٽن پاڪستان اسٽڊيز، اردو گرامر، سماجي اڀياس، اسلاميات۽ اردو ۾ جيڪي نفرت ڀريا سبق ۽ باب شامل ڪيا آهن، انهن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.

تحقيق موجب پنجاب ۽ سنڌ ٻنهي صوبن جي تعليمي سال 2012-13 جي پهرين درجي کان وٺي ڏهين درجي تائين جي تعليمي نصاب ۾ 55 اهڙا باب آهن، جن ۾ هندن، عيسائين ۽ ٻين اقليتن سميت پاڙيسري ملڪ ڀارت جي خلاف نفرت آميز مواد سان گڏ تاريخي حقيقتن کي به ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي جتي مذهبي تعصب واري رجحان کي هوا ڏني وئي آهي  تعليمي نصاب ۾ مذهبي اقليتن واري معاملي ۾ جانبداري ڪئي وئي آهي ٻين مذهبن وارن شاگردن لاءِ اسلاميات کانسواءِ سندن مذهبن جي عقيدن جي تعليم پرائڻ تي پابندي آهي. بلڪ اسلاميات جي شاگردن کي واڌو ۽ امتيازي مارڪن سان پڻ نوازي ميرٽ ۽ مقابلي جو ڌڄيون اڏايون ويون آهن.  تعليمي نصاب ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا ورجائي چيوويو آهي ته هندن پاڪستان ٺهڻ جي مخالفت ڪئي ۽ مسلمانن ان جي حمايت ڪئي ۽ ننڍي کند جي ورهاڱي دوران صرف مسلمانن کي ئي نفرت،تشدد، مالي ۽ جاني نقصانن کي منهن ڏيڻو پيو هو   نصابي ڪتابن جي سبقن ۽ مختلف سبجيڪٽن جي بابن ۾ بيان ڪيل هيءُ طريقو ۽ ترتيب  ملڪه ۾ رهندڙ غير مسلمن لاءِ امتيازي رويئي جو کليو اظهار ۽ آئين جي آرٽيڪل 22,20,18۽ 25 جي مڪمل خلاف ورزي  آهي.

قومي ڪميشن براءِ امن و انصاف طرفان جاري ڪيل رپورٽ “تعليم يا نفرت جي آبياري” ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ته تعليمي سال 2012-13 دوران پنجاب جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ پڙهائجندڙ نصابي ڪتابن ۾ نفرت آميز مواد ۾ وڏي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي.  نفرت ڦهلائيندڙ بابن ۽ سبقن جن جو تعداد پهرين 45 هو، اهو هن سال وڌي 122 ٿي ويو آهي اهڙو مواد گهڻو ڪري ستين ڪلاس کان ڏهين ڪلاس جي اردو ۽ پاڪستان اسٽڊيز جي سبجيڪٽن ۾ سڀ کان وڌيڪه ڏٺو ويو آهي جڏهن ته صوبي سنڌ ۾ پڙهائجندڙ نصاب 2009-10 ۾ اهڙن مضمونن جو تعداد پهرين 11 هو جيڪو هاڻي 2012-13 ۾ وڌي 22 ٿي ويو آهي.

اهڙي جانبدارانه تعليمي نصاب جي ڪري نوجوانن ۾ انتها پسند خيالن ۽ روين کي پذيرائي ملي آهي، جيڪو سلسلو جنرل ضياالحق جي وقت کان وٺي جاري آهي. ان ۾ لڳاتار اظافو پڻ ٿيندو رهيو آهي. اهڙي متعصبانه مواد جو درسي  ڪتابن ۾ هجڻ ڪري تعليم جي معيار ۾ اظافو ته ناممڪن آهي پر حقيقي علم ۽ آگاهي جو ٿيڻ به ناممڪن نظر اچي رهيو آهي جنهن سان معصوم شاگردن جون اهڙيون کيپون تيار ٿينديون. جيڪي دنيا سان گڏ ته هلي نه سگهنديون پر انهن ۾ نفرت جو ڇٽيل ٻج ايترو ته گهرو ۽ مظبوط هوندو جو  هو نه خود پر سڪون هوندا ۽ نه ئي ماحول کي پرسڪون رهڻ ڏيندا. جڏهن ته نصاب جو بنيادي مقصد  نئين نسل کي هڪٻئي سان محبت ،قانون جو احترام جيڪو گڏ رهندڙ برادرين توڙي ملڪ ۾ مڙني رهندڙن جي وچ ۾ گڏيل احترام جي روين کي وڌائڻ ۽ ويجها ئڻ هئڻ گهرجي. نه ڪي نفرت حقارت کي ڦهلائڻ هجي.

درسي ڪتابن ۾ جيڪو  مذهبي  اقليتن جي خلاف مواد شامل آهي اهو پاڪستان جي 74 سيڪڙو کان به وڌيڪ اسڪولن ۾ شاگردن کي پڙهايو وڃي ٿو.  حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پوري ننڍي کنڊ جا مسلمان نه پاڪستان ٺاهڻ جي حق ۾ هئا ۽ نه ئي سڀ مخالفت ۾ هئا. پر اسان جي درسي ڪتابن ۾ ان حقيقت جو به ڪٿي واضع ذڪر نه آهي

دنيا جي مشهور ماهر تعليم ۽ نفسيات جان ڊيوي (1859-1852) چيو هو ته “خراب تعليم کان ناخواندگي” بهتر آهي.  تاريخي طور تي ڏٺووڃي ته 1959 ع ۾ سڀ کان پهرين جسٽس محمد شريف جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميشن مذهبي تعليم کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي معمولي قسم جا اعتراض ڪيا پر ڪمزور رياستي نظام ۽ هڪ مخصوص ٽولي جي ضرورت ۽ دٻاءَ ۾ اچي تعليمي نظام ۾ مذهبي مواد ۽ عنوان شامل ٿيندا رهيا ۽ جنهن سان معاشرو اخلاقيات جي لازمي عنصر واري حوالي سان ڪمزور ٿيندو ويو. 1972 کان پهرين ۽ پوءِ جي تعليمي پاليسين ۾ وڌيڪه فرق ظاهر ٿيو. پاڪستان جي حقيقي منزل بهبودي ۽ فلاحي رياست هئي پر فلاحي رياست جي بجاءِ عسڪري رياست ٺاهڻ جي خواهشمندن نصاب ۾ نفرت ۽ تعصب کي پروپيگنڊا وارو هٿيار ڪري استعمال ڪيو.11 آگسٽ  1947 ۾ قائداعظم جي بيان ڪيل تعليمي ترجيعات کي پٺتي ڪري، جنهن ۾ هن  رياست کي مذهبي غيرجانبداريءَ  جي اصول جو کليو اعلان ڪيو هو. ان کان انحرافي ڪئي وئي. پاڪستان کي اڄ ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي.ان کان پوءِ اپريل 1979 تائين اسان جي تعليمي پاليسي جي ترجيحن ۾ وڌيڪ ۽واضع فرق اچي ويو هو. ۽ ان دوران جنرل ضياالحق جي طرفان جاري ڪيل تعليمي پاليسي جو موضوع ۽ نعرو “سٺو مسلمان سٺو پاڪستاني” Good Muslim Good Pakistani هو.

ڊسمبر 1992 ۾ نوازشريف جي حڪومت طرفان جاري 10 سال تعليمي پاليسي 1992 کان 2002 ۾ اهو واضع نموني سان چيو ويو ته پاڪستان ۾ تعليم جو بنيادي عنصر اسلامي تعليمات تي هوندو. هڪه دفعو ٻيهر  1998 ۾ ميان  نوازشريف جي حڪومت ۾ هڪ دفعو ٻيهر 12 سال قومي تعليمي پاليسي 1998 کان 2010 ٺاهي وئي. جنهن جي مکيه مقصدن ۾ چيو ويو ته تعليم ۽ تربيت جو مقصد شهرين کي ان جي لائق بنائڻ آهي ته اهي پنهنجيون زندگيون قرآن ۽سنت ۾ بيان ڪيل اسلامي تعليمات مطابق گذارين ۽کين بهتر مسلمان بنجڻ لاءِ انهن جي تربيت ڪئي وڃي.

قومي تعليمي پاليسي ۾ هڪه اهڙو سسٽم متعارف ڪرايو وڃي جنهن جي ذريعي نصابي جذبات جي اعتبار کان ديني مدرسن ۽ جديد اسڪول هڪه ٻئي جي ويجهو اچي وڃن  ڪلاس پهرين کان ستين ڪلاس تائين قرآن ۽ ناظرهه / حفظ لازمي قرار ڏنو ويو. جڏهن ته سيڪنڊري سطح تائين قرآن پاڪ جي منتخب آيتن جو ترجمو نصاب ۾ شامل ڪيو ويو.  جيڪوعمل  مدرسن جي نصاب کي جديد تقاضائن سان  هم آهنگ نه ڪري سگهيو پر سرڪاري اسڪولن جو نصاب اڄ اهڙو بنجي ويو آهي جو ڪيترن ئي جڳهين تي نصاب تعليم ۽ ديني تعليم ۾  ڪو به فرق نه رهيو آهي 2009 جي موجوده جهموري حڪومت جيڪا تعليمي پاليسي متعارف ڪرائي آهي جنهن جو ڊرافٽ اهو ئي آهي جيڪو بيوروڪريسي ۽ وزارت تعليم گذريل سال گڏيل مشاورت ۽ خود ساخته بنيل نظرياتي محا فظن جي هدايتن تي تيار ڪيو ويو آهي ان ۾ مذهبي سبقن ۾اضافي سان گڏ اسلاميات جي مضمون کي سيڪنڊري ليول تائين وڌايو ويو آهي ۽ ناظرهه(قرآن) جي مضمون جو اضافو ڪيو ويو آهي.  28 جولاءِ 2010 تي خيبر پختونخواهه ٽيڪسٽ بڪه بورڊ جي چيئرمن پروفيسر فضل رحيم مروت هڪه بيان ۾ چيو ته اسان صوبي جي درسي ڪتابن مان نفرت انگيز مواد خارج ڪري رهيا آهيون پر اهو  آهستي آهستي ختم ڪيو ويندو  جنهن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن اهو به اعتراف ڪيو ته تعليمي نصاب توڙي  فرقيوارانه تقريرون ۽ نفرت تي مبني ويب سائٽس تائين آساني سان رسائي جي ڪري به پختونخواهه ۾ بنياد پرستي وڌي وئي آهي  فوجي آمر جنرل ضياالحق معاشري کي مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي ورهائڻ لاءِ جنهن تعليمي نصاب جو دنيا استعمال ڪيوهو ان جي ڪري صوبي ۾ انتها پسندي، عدم رواداري،عسڪريت پسندي، فرقيوارانه بنياد پرستي، مذهبي جنونيت  ۾بيپناهه اضافو ٿيو. ٻئي طرف وري  سنڌ ۽ پنجاب جي تعليم واري شعبي توڙي ٽيڪسٽ بڪه بورڊن رهندو. 2012-13 جي درسي ڪتابن ۾ نفرت انگيز سبقن ۾ اضافو ڪيو. جنهن ۾ اڪثريتي مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي اهم ۽ اتم لکيو۽ پڙهيو ويو  ٻين مذهبن وارن کي گهٽيا انسان ڪري پيش ڪيو ويو. ايستائين جو سرڪاري ڀرتي جي اشتهارن ۾ پڻ ان جو عملي مظاهرو ڪيو ويو آهي. جيئن ڀنگين جي خالي جڳهين جي لاءِ اشتهار۾ اهو واضع لکيو ويو ته هن آساميءَ لاءِ غير مسلم کي ئي ڀرتي ڪيو ويندو.

ان کانسواءِ درسي ڪتابن ٻين جي سبقن ۽ بابن ۾ اهو مواد پڻ موجود آهي ته هندو غليظ ۽ يهودي مڪار ٿيندا آهن، جڏهن ته عيسائي سموري دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف جنگ ۾ اڳيان اڳيان آهن. 1992 ۾ مسلم ليگ(ن) جي حڪومت هڪ پاليسي ٺاهي جنهن تحت هر حافظ قرآن کي رسمي ۽ پيشه ورانه تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ 10 کان 20 ۽ سرڪاري ملازمت ۾ ڀرتيءَ وقت 5 کان 10 اضافي مارڪن جو حقدار قرار ڏنو ويو .جيتوڻڪ ان جو فائدو هر مسلمان اميدوار کي نه ملي رهيو آهي پر غير مسلم اميدوارن لاءِ ته هيءَ پاليسيءَصريحن زيادتي تي مبني آهي

سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيڪسٽ بڪ بورڊن طرفان پڙهائجندڙ درسي ڪتابن ۾ شامل مواد ۾ ڪجهه جملا ۽ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا. جيڪي نفرت ۽ مذهبي متڀيد کي ظاهر ڪن ٿا.

انگريز ۽ هندو ٻئي مسلمانن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائيندا هئا. ڪشمير ۾ هندن جي ظلم ۽ ستم، مسلمانن کي نهايت ئي تنگ ڪري ڇڏيو هو (مضمون نگار علامه اقبال)

انگريز حڪمران دشمن هئا ۽ سموري هندو قوم دشمن هئي (مضمون نگار قائداعظم)انگريزن ۽ هندن جي ڳٺ جوڙ جي ڪري مسلمانن جي حالت قابل رحم ٿي چڪي هئي.هندن غصي ۾ اچي پنهنجي اڪثريتي علائقن ۾ مسلمانن جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. ان زماني ۾ هندن مسلمانن کي هندو بنائڻ لاءِ “شڌي”  ۽ مسلمانن کي ختم ڪرڻ لاءِ “سنگهٺ” جي تحريڪ پڻ شروع ڪئي هئي.

هندن جي اهڙي تنگ نظري ۽ متعصب رويئي تمام جلدي علامه اقبال کي ان ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪيو ته هو الڳ ملڪ جو مطالبو ڪري. اسڪولن ۾ اردوءَ جي جڳهه تي هندي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مسلمانن کي گانڌيءَ جي مورتيءَ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ زور ڏنو ويو. مسلمانن جي ٻارن جي نرڙ تي تلڪه لڳائڻ لاءِ زور ڀريو ويو. “بندي ماترم” جو ترانو ڳائڻ تي مجبور ڪيو ويو جنهن ڪري مسلمانن ۾ نفرت پيدا ٿيڻ شروع ٿي. مشرقي پاڪستان (بنگلاديش) ۾ هڪ خاص منصوبي جي تحت اتان جي بنگالين کي آزادي لاءِ اڀاريو ويو.  اڪثر مسلمانن کان جاگيرون کسيون ويون انهن جون جائيدادون ظبط ڪيون ويون ۽ ڪيترن ئي مسلمان هارين کي زمينن کان بيدخل ڪيو ويو. ۽چيو ويو ته  هندو مسلمانن جا ڪڏهن به سـچا دوست نٿا بنجي سگهن. ڇو ته پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ننڍي کنڊ  جي مسلمانن بي شمار قربانيون ڏنيون انگريز حڪومت جا ظلم برداشت ڪيا. هندن پڻ مسلمانن کي هر طرح جو نقصان پهچايو خصوصن پاڪستان جي آزاديءَ وقت لکين مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو.

يهودي مسلمانن جا دشمن هئا ۽ اهي مسلمانن کي نقصان پهچائڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڃائڻ نه پيا چاهين. هندن ۾ ذات پات جو رواج تمام وڌيڪ آهي انهن  جي غذا، لباس، طور طريقو، رسم رواج روايات ۽ طرز زندگي مسلمانن کان مختلف آهي. اردو جيڪا مسلمانن جي ٻولي آهي، ۽ قرآن جي لفظن ۾ لکي وڃي ٿي ان تي گانڌيءَ کي سخت چڙ هئي. مطلب ته ٻنهي صوبن جن مان سنڌ ۾ 22 سبقن ۽ پنجاب ۾ 122 سبقن ۽ بابن ۾ اهڙا سوين ،جملا توڙي لفظ لکيا ويا آهن جنهن جي ڪري پهرين درجي کان وٺي ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۾ غيرمسلم شاگردن توڙي باقي مذهبن لاءِ نفرت ۽ هڪارت کي وڌائڻ جو سبب بنجي رهيا آهن ۽ اهو ڪم سرڪاري جي نصاب تيار ڪندڙ ادارن طرفان ٿي رهيو آهي.

ishaksoomro@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو