Home / افيئر / يو ايس ايڊ کي روس مان نيڪالي
above article banner

يو ايس ايڊ کي روس مان نيڪالي

روسي سياست ۾ مداخلت ڪرڻ جي الزام ۾ روسي اختيارين آمريڪي ترقياتي اداري يو ايس ايڊ کي ملڪ مان نڪري وڃڻ جو چئي ڇڏيو آهي. روس جي وزارت خارجه مطابق ان اداري جا ماڻهو ملڪ جي سياسي عمل تي پنهنجي ڏنل ڊونيشن وسيلي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.روسي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته يو ايس ايڊ جا عهديدار ترقياتي ۽ انساني بنيادن تي سهڪار تي ٻڌل هدف کان اڳتي ويندا رهيا آهن.روس ۾ يو ايس ايڊ جون آفيسون بند ڪرائڻ جو اعلان ڪندي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان روس ۾جمهوريت، انساني حقن ۽ هڪ فعال معاشري جي اڏاوت لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ روس جي غير سرڪاري ادارن سان لاڳاپا رکڻ جا خواهشمند آهيون.يو ايس ايڊ تي پابندي سان روس ۽ آمريڪا وچ۾ سفارتي بحران پڻ پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو