Home / پروفائيل / پروفيسر حيدر علي لغاري: هڪڙو هو هزارن ۾
above article banner

پروفيسر حيدر علي لغاري: هڪڙو هو هزارن ۾

تاريخ جي تسلسل ۾ مسلسل غلامي ، جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار قومون هر خيال کان معاشي ، سماجي خاص ڪري علمي صورتحال ۾ تمام محروم ۽ پٺتي پيل رهنديون اچن.ان ڪري سندن شعوري سگهه به متاثر ٿئي ٿي. سنڌ جي محرومين جو هڪ ڪارڻ صحيح تعليم جو فقدان ۽ وڏي اڪثريت وٽ ويڳاڻپ سبب تعليمي شعور جي کوٽ آهي. علم حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻائي جو رجحان مثبت ناهي. قومي طرح مختلف تحقيقي رپورٽن ۾ 70 سيڪڙو ٻار تعليم کان وانجهيل آهن. والدين جون معاشي حالتون بنهه خراب هجڻ ڪري اهي ست ئي نٿا ساري سگهن جو ٻچن کي علم ، ڏاهپ ڏانهن رجوع ڪرائين. بس ڍوَ بنا ڍوليا ناهي سُرت  ۽ ساڃاهه

وري وڏو عذاب اهو ته اسان وٽ تعليمي ادارن جا به حال خراب آهن، اسان جو تعليمي نظام تمام زوال پذير آهي، ڪو به نگراني جو طريقو ناهي مٿان وري استاد اهڙا ٿا مقرر ٿين جو رب پناهه ڏي. سفارش، اقرابا پروري ۽ سياسي مداخلت سبب اهل ۽ قابل استادن بجاءِ نااهل ماڻهو اداري ۾ پگهارون کڻڻ لاءِ ڀرتي ڪيا وڃن ٿا.هاڻي ته ميرٽ جو ڪو احساس ئي ناهي رهيو ان هوندي به هزارن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا استاد اسان لاءِ مثالي شخصيت ۽ ڪردار رهندا اچن. ماضي جي جهروڪن ۾ هڪ نالو حيدر علي لغاري جو اچي ٿو جيڪو استاد سان گڏ عظيم انسان طور سدا تاحيات رهندو.

ميرن جي صاحبي ۾ وزير اعظم نواب ولي محمد لغاري، تاج پور وارو پنهنجي دور جو تمام عظيم ڪردار رهيو آهي. ان جي خاندان ۾ نواب فقير علي خان جي گهر ۾ هڪ ٻارڙي 11 آگسٽ 1934ع ۾ جنم ورتو، سندس نالو حيدر علي رکيو ويو.تمام نازڪ نفيس پشم جهڙو وجود رکندڙ حيدر علي لغاري حياتيءَ جا ڏاڪا مرحليوار طئي ڪندي سنڌ ۾ کٿوري جي خوشبوءِ جيان ڇانئجي ويو.

اسان پروفيسر حيدر علي لغاري کي نوابي واري حيثيت سان ڏسڻ بجاءِ هڪ عظيم استاد، اديب، عالم نقاد طور سڃاڻون ۽ شاهه لطيف جي عاشقن ۽ پارکوئن جي قطار ۾ شامل ڏسون ٿا. ميٽرڪ 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ،بي اي 1956ع ۾ ،ايم اي 1960ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين.سنڌ يونيورسٽي مان 1961ع ۾ بي ٽي ڪيائين. سٺن استادن جي رهنمائي ۾ ان دور کي سائين حيدر علي نئون جنم چوندو هو. علامه آءِ آءِ قاضي جو مداح هو. قاضي صاحب جا ليڪچر سندس ذهني ارتقا ۾ اهم ثابت ٿيا. انسانيت،فڪر جي گهرائي – انساني ڪردار جو بهترين نمونو علامه آءِ آءِ قاضي جا قول ۽ فعل سندس حياتي تي حاوي رهيا.جڏهن جاگيردار جي زندگي کان هٽي پاڻ استاد ٿيڻ پسند ڪيائين ته سندس صلاحيتون وڌيڪ نکرڻ لڳيون. استاد جي پيشي سان وڏو عرصو 40 سال واڳيل رهيو. ڪافي سال ٽريننگ ڪاليج ميرپور بٺوري ۾ رهيو. ڪنڌرا، سکر ضلعي ۽ ٻنون هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر رهيو. تمام گهڻيون محبتون ۽  ياريون دوستيون مليس.-ڪيڏا به ڪنهنجا محبت ڪرڻ وارا هجن پر ڪي شيطاني ذهنيت وارا عظيم ماڻهن جا دشمن به ٿي پوندا آهن، انڪري ڪيئي منصور جهڙا مخدو بلاول، شاهه عنايت وانگر حياتيون گهوري ويٺا، ڪي نام نهاد انتهاپسنديءَ جي فتوائن جا نشانو بڻيا. سائين حيدر علي لغاري تي هڪ دور آيو جو ٽنڊي ڄام ۾ سندس خلاف هڪ شرارتي گروهه الزام تراشي ڪري کيس بدلي ڪرائي ڇڏيو- سگهوئي سندس محبت جي متوالن تحريڪ هلائي سندس ٻيهر مقرري ٽنڊو ڄام هاءِ اسڪول ۾ ڪرائي.

حيدرآباد ۾ ايلمينٽري ڪاليج ۾ 1918ع کان 1991 تائين سنڌ جي هزارين استادن کي تمام ڪارائتي نموني تربيت ڏيندو رهيو. هائر سيڪنڊري اسڪول سن مان 1994ع ۾ رٽائر ٿيو.ان ساري عرصي ۾ پروفيسر حيدر علي لغاري تمام گهڻو مقبول ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ استاد رهيو.

هو صرف پگهار کڻندڙ استاد نه هو پر شاگردن سان گڏ سوسائٽي جي ماڻهن لاءِ رهبري ۽ رهنمائي ۽ ترقي پسند سوچ جي آبياري ڪندڙ مسلسل جدوجهد ڪندڙ سماج سڌارڪ ٿي رهيو.هو وڏو اديب رهيو- غلام محمد گرامي جي صحبت ۾سندس ڪافي مضمون اخبار تعليم، مهراڻ رسالن ۾ ڇپيا- سندس ڪتابن ۾ ( ڪڇان ڪڄاڙو) ۽ ( اندر مُلهه اَملهه) شايع ٿيا جن ۾ سندس فڪري پختگي ۽ علمي ڄاڻ جو وڏو ڀنڊار نظر ايندو. سندس صحبت ترقي پسند لڏي سان هئڻ ڪري هو تمام روشن خيال انسان هو. ڪامريڊ سلام بخاري جي دوستي ۾ ماهوار انقلابي اخبار هلچل  ۾ مختلف نالن سان لکندو هو.سندس جا ڪافي ساڃاهه وند پاسيرا رهندا هئا ته سندن ڀرجهلو سائين حيدر علي لغاري هوندو هو.ڄام ساقي روپوشي دوران سائين وٽ رهي پوندو هو- سائين حيدر علي لغاري جي مهمان نوازي  مثالي هئي.

فلاحي ۽ سماجي اوسر ۾ سندس مثالي ڪارناما آهن، جاگيردار طبقي کي ڇڏي هارين جي جدوجهد ۾ وس سارو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ. سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي جو صدر هجڻ وقت سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ حدرآباد ۾ ڪافي موضوعن تي سندس ليڪچر ساڃاهه ۽ سُرت لاءِ تمام قيمتي ثمر رهيا.سندس يادگيرين جا ورق ورائبا ته دل باغ بهار ٿي ويندي.

اسي جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران پريس ڪلب حيدرآباد ۾ اسان مرڪز ۾ هئاسين هڪ چڱو موچارو فنڪشن ٿيو، اسان شيخ اياز کي سرڪاري منصب تان لهڻ بعد پهريون ڀيرو پنهنجي سٿ ۾ وٺي آياسين، وڏا عتراض ٿيا پر ان پروگرام ۾ ڪافي ساڃاهه وند، اديب،شاعر، دانشور شريڪ ٿيا. اسٽيج جي سامهون حسن درس سان هڪ خوبصورت انسان ويٺو هجي تمام فضيلت ۽ فهم سان پروگرام مان لطف اندوز ٿي رهيو هو،پاسي ۾ ويٺل مرحوم ابراهيم اَسير ملاح ٻڌايو ته“سائين حيدر علي لغاري اهو اٿئي” پهريون ڀيرو ساڻس هٿ جوڙ ٿي تمام شفقت ۽ محبت سان مليو. حسن مرڪندي سائين کي چيو ته سائين هي منهنجو بابا آهي، رسول بخش درس” ڏاڍو موڊ ۾ هجي- حسن سان سندس جي شخصيت ۽ رويو اهڙو هو جو مونکي خريد ڪري ڇڏيائين. سندس باري ۾ اڳ ئي ڪافي ڳالهيون ٻڌل هيون حسن کي چيائين “ ڀاڳ وارو آهين جو هي بابو مليو اٿئي- مون رسول بخش کي پڙهيو آهي- ذميوار ليکڪ آهي، مونکي شرمساري پئي ٿي، اسان جي دوست عزيز ٽيچرس ٽريننگ دوران واقعو ٻڌايو ته سائين حيدر علي هڪ ڀيري آئنسٽائين جي وڏي تصوير کڻي ڪلاس ۾ آيو، تصوير مٿي ڪري چيائين “ بابا هي اٿئي سائنس جي دنيا جو خدا”

سندس ذاتي ڪمري ۾ آئنسٽائن جي قداور تصوير، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ شرميلا ٽئگور جا تمام وڏا فوٽا لڳل هوندا هئا. سندس ۽ اسان جو پيارو دوست اعجاز جسڪاڻي سندس پيارن شاگردن مان آهي، ان جا تاثرات سائين لاءِ ڏاڍا پيارا ۽ وڻندڙ آهن، اعجاز جسڪاڻي ٻڌايو ته ٽنڊي ڄام هاءِ اسڪول ۾ سائين حيدر علي اسان کي تمام پراسرار نموني دلچسپ انداز سان پڙهائيندو هو،سندس ليڪچر وقت ڪلاس ۾ مڪمل ماٺ هوندي هئي، شاگردن جون اکيون سائين جي چهري تي کتل هونديون هيون. هڪ ڀيرو اسان هوم ورڪ نه ڪري آياسين سائين حيدر علي ڪجهه ناراض ٿيو، چئي “ اڄ اوهانکي سزا نه ملي ته اوهان وري به ڪم نه ڪري ايندا، آئون شاگردن کي مارڻ جي خلاف آهيان پر اسان کي خطا جي سزا به ضروري ملڻ کپي.”

سائين حيدر علي ايڏو ته  نازڪ نفيس ماڻهو هو جو بقول اعجاز جي اسان کي سزا ڏيندي لڪڻ هڻڻ مهل سندس چهري جا تاثرات تمام ڳنڀير هئا ڄڻ ڪو عظيم گناهه ڪندو هجي ۽ اسان جي هٿن بجاءِ سندس ڳاڙهن گلاب جهڙن هٿن مان رت وهڻ لڳو. اسان هئاسين به سندس پيارا شاگرد، اسان سندس بدلي تي تحريڪ هلائي سنڌ سطح تي جدوجهد ڪري سندس بدلي روڪرائي هئي، پر سائين حيدر علي تمام اصول پسند انسان هو. ميٽرڪ کانپوءِ اسان ٻهراڙي جا غريب شاگردآئون ، اشرف ناهيون، ڊاڪٽر ڪانجهي مل وٽس وياسين ، اسان چيوسين سائين اسان کي حيدرآباد يا ٽنڊي ڄام ۾ رهائش جو بلو ڪري ڏيو، سندس زرعي يونيورسٽي جي بهترين رهائش جو هڪ ڪمرو ڏئي ڇڏيائين“ هڪ استاد جو اهڙو رويو غريب شاگردن جي همت افزائي لاءِ وڏي وٿ هو ، ايئن پروفيسر حيدر علي لغاري مثالي ڪردار رهيو.

رواجي ڪلاس وٺڻ کانسواءِ به ڪافي ليڪچر ڏئي سڄي سماج ۾ مختلف ماڻهن جي تربيت ڪندو رهندو هو.اعجاز وارن جو ڳوٺ ٽنڊي ڄام کان ٻه ٽي ڪلوميٽر ڪچي ۾ آهي، هڪ ڏينهن ڪاڙهي تتي سائين حيدر علي لغاري ڳوٺ اچي نڪتو، ٿڌو پاڻي، بوتلون سائين هٿ به نه لائي“ سائين ماني ۾ ڇا کائيندوَ ؟” “چيائين ڪا ضرورت ڪونهي” وڏن حيلن کانپوءِ راضي ٿيو “ڀلا هروڀرو ضد ٿا ڪريو ته پٽاٽا اٻاري ڏيو”اٻاريل پٽاٽا کائي وري ساڳيو پنڌ- ڪمال جو ماڻهو- گهڻن ماڻهن، ميڙن کان هجومن کان پري پنهنجي مستيءَ ۾ رهڻ، اڪيلائي پسند به رهيو. حقيقت ۾حساس انسان هجومن ۾ اڪيلو هوندو آهي ۽ اڪيلائي ۾ سندس ذهن ۾ هجوم هجن ٿا. انڪري سائين اڪيلائي ۾ يادگيرين جي هجوم ۾ رهندو هو.نواب ولي محمد لغاري ۾ 4 رمضان تي صوفياڻي محفل ٿيندي آهي، سائين پنهنجي شاگردن جي رهڻ ۽ کائڻ جو بندوبست پاڻ ڪندو هو، جيئن هو پاڻ کي نظرانداز نه سمجهن . احساس ڪمتري ۾ نه وڃن.

سائين حيدر علي جي شعوري ۽ ترقي پسنديءَ جو سبب سندس عظيم سوچ، عام ماڻهن سان محبت، هارين، مزدورن جي حالت تي حساس انسانن وانگر تمام گهڻو اونو رهيو. انڪري علمي طرح سرگرم رهندو هو، ڪافي ترقي پسند ڪارڪنن لاءِ وڏو ڀرجهلو ۽ سهارو رهيو،کيس همت افزائي ۽ مايوسي مان ڪڍڻ جو وڏو ڏانءُ هيس، ڪيترائي ماڻهو سندس رهنمائي ۽ رهبري ڪري حياتي جي دڳ تي وڌي ويجهي سگهيا ۽ مايوسي جي ڪُن مان آجا ٿيا.هو ڪڏهن به نوابي جو اضافي لقب پاڻ سان منسوب نه ڪندو هو. هڪ ڀيري ٽنڊو ڄام ۾ بس مان لهي رهيو هو ته ڪنڊيڪٽرن کي تڪڙ گهڻي هئي جلدي ڪريو-لهي وٺو- سائين حيدرعلي باوقار انسان آرام سان لهڻ لڳو ته ڪنڊيڪٽر رڙڪئي. “ جلدي ڪرو نواب ڪي طرح اتر رهي هو” سائين کلي کيس ڏسڻ لڳو – هن کي ڪيئن خبر پئي ته آئون نواب آهيان ؟” اهو جينٽڪ انجنيئرنگ جو مسئلو به آهي ته رت ۾ 40 سيڪڙو زندگي تي اثر وراثت جو رهي ٿو. سائين ته نوابي کي قبول نه ڪيو پر فطرت ۾ سندس اٿڻ، ويهڻ ، ڳالهائڻ ۽ چرپر تي نوابي جو اثر ته لازمي هو.

حيدر علي لغاري هڪ تمام باوقار، دانشمند، اديب، سماج سڌارڪ انسان سان گڏ تمام حسن پرست، موسيقيءَ جو مداح ۽ فطري منظرن جو عاشق ۽ باذوق ماڻهو هو. هن زندگيءَ کي خوب چوڻيو ۽ ماڻيو. هزارين دوستيون، محبتون ڏنيون ۽ ورتيون ، سندس ساٿ ۾ رهيل ماڻهو سندس وڇوڙي کي وڏو سانحو ٿا سمجهن، اسان کي سندس زندگي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. سندس قول ۽ فعل کي پرکي ۽ پروڙي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي ته سنسار لاءِ اسان جو ڪردار به سڀاويڪ ٿي پوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو