Home / افيئر / پلر جي پالوٽ ۽ انتظامي نااهليءَ سبب تباهه حال سنڌ
above article banner

پلر جي پالوٽ ۽ انتظامي نااهليءَ سبب تباهه حال سنڌ

 

هن سال جو سانوڻ وري خيرن سان سيپٽمبر جي پهرين هفتي کان شروع ٿيوآهي. هن برسات کي ٿر ۽ لاڙ جا ماڻهو جيتوڻيڪ اڻ مندائتيون پاڇاٽيون برساتون چئي رهيا آهن.پر ٿر جيڪو آگسٽ جي مهيني تائين برساتون نه پوڻ ڪري ڀيانڪ ڪاري ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو ۽ لکين ماروئڙن جي ڳڀي جي ڳولها لاءِ بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ جاري هئي. ان لڏپلاڻ ۾ برساتون پوڻ ڪري وقتي طور تي گهٽتائي آئي آهي. مسڪين ۽ مظلوم لکين ٿري ماروئڙا جيڪي بي يارو مددگار بکن  ۽ اڃن ۾ پاهه ٿي دربدر ٿي رهيا هئا. انهن لاءِ هي پاڇاٽي برسات قدرت جي وڏي نعمت  ثابت ٿي آهي. ٿر جي اداس ۽ اڃايل ڀٽن ساوا ويس ڍڪيا آهن، ٿر جيڪو دنيا جو انوکو ريگستان آهي جيڪو ڪارن ڏڪارن ۾ گوبي جهڙي رڻپٽ جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ وسڪارن ۾ ڪشمير بڻجي وڃي ٿو. برساتون پوڻ ڪري ٿر جو فطري حسن نکري نروار ٿيو آهي.ڪارونجهر جي مورن جا ٽهوڪا ٻُري رهيا آهن. رڻ ڪڇ جي رولاڪ هرڻين وڏا ڇال ڏيڻ شروع ڪيا آهن ٿر ۾ جتي موت جي خوني راڪاس پنهنجا چنبا کوڙي ڇڏيا هئا، اتي زندگي موٽي آئي آهي. ٿر جو فطري حسن ڏسڻ لاءِ سياحن پڻ ٿر جو رخ ڪيو آهي. اڳي وسڪارن ۾ هرسال آگسٽ جي مهيني ۾ سڄي سنڌ مان هزارين سياح ٿر جي تفريحي ماڳن جو رخ ڪندا هئا،پر هن سال ڀيانڪ ڏڪار جي ڪري مورڳو هزارين ٿري ماروئڙا عيدالفطر وارن ڏينهن ۾ به بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا.اها هن ملڪ جي حڪمرانن جي ڪيڏي نه وڏي نااهلي ۽ ستم ظريفي آهي ته انهن هن جديد دور ۾ به لکين ٿري ماروئڙن کي ننڌڻڪو ڪري انهن جي ڪاري سون واري ديس کي ڪڪرن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.

ٿر ۾ آيل بدترين ڏڪار جي وقت به سنڌ هن ملڪ جي حڪمرانن جو ٿر لوڪن تان ڏمر نه ٽريو، انهن ٿرپارڪر ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ٿرين جي واهر ۽ سکڻا اعلان ڪيا پر ٿر تي بادل برسڻ تائين سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي لکين ٿرين جي ڪانالي ماتر به سهائتا ٿي نه سگهي.ٿرين کي هيلتائين حڪومت فقط ڏنڀ ئي ڏنا آهن پر قدرت کي غريب ٿرين تي ڪهل اچي وئي. جيتوڻيڪ هاڻوڪيون وچوليون برساتون ٿر مان ڏڪار جا اثر ڪنهن به طرح سان مڪمل طور تي ختم نه ڪري سگهنديون. ڇاڪاڻ ته هن برسات تي ٿر جي اهم زرعي باراني پوک ٻاجهر پوکجي نه سگهبي، جنهن پوک لاءِ هرسال ٿر ۾ جون ۽ جولاءِ  جي مهين کان وقفي وقفي سان ٽي کان چار برساتن جي ضرورت هوندي آهي. البت هنن برساتن ۾ ٿر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گوار،مڱ ۽ تر وغيره جا فصل ٿرين وياج خور واپارين کان ڏهوڻ جي اگهه تي قرض کڻي الله جي آسري تي پنهنجي کيتن ۾ اڇلي ڇڏيا آهن.تڏهن به ٿر ۾ رحمت واري هن برسات ۾ جيڪي ٿر جا گاهه ٻوٽا پيدا ٿيا آهن ۽ پاڻي جون ترايون پڻ ڀرجي ويو آهن،جنهن سان سندن چوپائي مال جو ڪجهه مهينن تائين جياپو ٿي پيو آهي. ياد رهي ته لکين ٿرين جي جياپي ۽ معيشت جو گهڻو مدار ئي چوپائي مال تي هوندو آهي، جيڪو سندن مال ڏڪار سبب هزارن جي تعداد ۾ مري رهيو هو. واضح رهي ته ٿر ۾ سڪار لاءِ جون کان آگسٽ جي مهيني تائين وقفي وقفي سان گهٽ ۾ گهٽ 250 ملي ميٽر برسات جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته 10 سيپٽمبر تائين ٿر۾ سراسري طور تي ڪٿي به 150 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات نه پئي آهي. ايتري گهٽ برسات تي ٿر جي تراين جو پاڻي ۽ گاهه ٻه مهينا به مشڪل سان هلندا ۽ امڪان آهي ته ٿرين جي بئراجي سنڌ ڏانهن ٻيهر لڏپلاڻ جو سلسلو جلد شروع ٿي ويندو. جتي هن سال به معمول موجب ٿري ماروئڙا اڀ ۾ نظرون کپائي وڏي اڪير سان پلر جي پالوٽ لاءِ دعائون گهري رهيا هئا. اهڙي برسات جي اچڻ جي تانگهه هن سال بدين ۽ لاڙ واسين کي پڻ هئي. جيتوڻيڪ ايل بي او ڊي جي تباهڪارين ۽ ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏن سبب گذريل ڊگهي عرصي کان لاڙ خاص طور تي ضلعي بدين جا لکين ٻوڏ متاثرين برساتن کان سخت ڊنل آهن.نانگ جو کاڌل نوڙيءَ کان ڊڄندو آهي،.انڪري بدين جا ماڻهو جن کي گذريل سال جي مهاٻوڏ تباهه ڪري ڇڏيو هو پر هن سال هتي جي آبپاشي جا واهه آگسٽ جي مهيني تائين سڪل هئا.هٿرادو آفتن جي زد ۾ آيل بدين جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي کي سيراب ڪندڙ آبپاشي اڪرم واهه ڊويزن ۽ گوني ڦليلي ڊويزن جا واهه لاڳيتو پنجن مهينن تائين سڪل هئا جن مختلف واهن جهڙوڪ گنج بحري، نور واهه، ڳڙهه مائنير، ڪامور شاخ، مور شاخ، راڄواهه ٽيل، سنهي گوني شاخ، پاڌر شاخ، ڪنڀارڙو شاخ، شادي برانچ، شادي سمال وغيره جي پڇڙين تائين ڪيترن ئي مهينن کان آبپاشي،سيڊا، ايريا واٽر بورڊ بدين جي اهلڪارن جي نااهلي سبب پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه پهتو، جنهنڪري هن علائقي ۾ هڪ طرف ساريالي جو مک فصل هزارين ايڪڙن تي آگسٽ جي مهيني تائين پوکجي نه سگهيو. ڪن هنڌن تي سوين ايڪڙن تي پوکيل خريف جا زرعي فصل ڪمند، وونئڻ، مرچ، ٽماٽا، آرڻ ۽ ساين ڀاڄين جا لکين روپين جي ماليت جا فصل سئو سيڪڙو ناس ٿي ويا. اهڙي خوفناڪ سوڪهڙي سان گڏ هن علائقي ۾ گذريل چئن مهينن کان جاري مٽي جي خوفناڪ طوفان جي آفت قدرتي آفت زرعي فصلن سان گڏ علائقي جا سمورا گاهه ٻوٽا پڻ تباهه ڪري ڇڏيا، جنهن سان سڄو علائقو رڻپٽ ۽ ٿر جهڙو بيابان بڻجي ويو. ٻئي طرف مٺو پاڻي اڻ لڀ هئڻ ڪري هزارين انسانن سان گڏ چوپايو مال ۽ لکين حيوان پڻ اڃن ۽ بکن ۾ تڙپڻ لڳا ۽ هتي پڻ ٿر جهڙو ڏڪار ڪرکڻڻ لڳو هو. جنهنڪري هن سال بدين واسين جا نيڻ پڻ اڀ کي نهاري رهيا هئا. اوچتو آگسٽ جي پهرين هفتي کان بدين ۾ جڏهن هلڪي برسات شروع ٿي ته ماڻهن سک جو ساهه کنيو. سڪي ٺوٺ ٿيل فصلن ۾ ساهه پئجي ويو گاهه ٻوٽا ڌوپجي ويا. شهرن، ڳوٺن ۽ گهرن ۾ گڏ ٿيل ڌوڙ صاف ٿي وئي، مٽي جي طوفان ۾ لٽجي ناڪاره ٿيل بجلي جو نظام بحال ٿيو. پهرين هلڪي برسات پوندي ئي سيپٽمبر جي هن مهيني ۾ جڏهن لاڙ جي سارين جا لابارا شروع ٿيندا آهئا، پر هن سال واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري هتي جي سوين آبادگارن سيپٽمبر جي هن پهرين هفتي ۾ حيرتناڪ طور تي خبر ناهي ڪٿان ساريال جا ٻيجا مهانگي اگهه تي خريد ڪري ٻنين ۾ پوکڻ شروع ڪيا آهن، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ساريال جي پوک لاڙ ۽ بدين جي ماڻهن جي حياتي لاءِ ڪيڏي نه اهم آهي.

خريف جي هن لاڙ جو مک زرعي فصل، ساريالو لکين ماڻهن کي ماني ڳڀو ۽ جانورن جو چارو بڻجي ٿو. بدين ۽ لاڙ واسي برسات جون اهي خوشيون ملهائي رهيا هئا ته اوچتو 9 سيپٽمبر تي شام جوڏکڻ کان برسات جو هڪ اهڙو ته زوردار وسڪارو ٿيو جنهن ۾ بدين جي اٽڪل سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڄڻ ته پاڻي جا درياهه وهي هليا ۽ پل کن ۾ ڪيترائي شهر پاڻي هيٺ اچي ويا. 2003ع ۽ گذريل سال جي مها ٻوڏن ۾ کنڊر بڻيل شهر ڪڍڻ جو گهڻو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ جمالي آباد پاڙي ۾ گهرن اندر جتي گوڏي جيڏو پاڻي داخل ٿي ويو اتي در اصل هڪ ٺيڪيدار جو غلط ٺهيل سرن جو اڌ ۾ ڇڏيل ورڊ ئي گهرن جي ٻڏڻ جو مک ڪارڻ بڻيو،جنهن روڊ جي ٺهڻ سان برساتي پاڻي جي نيڪال جي رستي کي بند ڪري روڊ جي ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي ٺيڪيدار فرار ٿي ويو هو.باقي شهر پڻ ڊرينيج جي تباهه ٿيل نظام سبب پاڻي هيٺ اچي ويو. خوشقسمتي سان اها زور دار برسات فقط هڪ ڪلاڪ هلي جيڪڏهن برسات ڪجهه وقت وڌيڪ هلي ها ته ڪڍڻ جو اهو بدنصيب شهر گذريل سال جيئان مڪمل طور تي ٻڏي وڃي ها.ساڳي صورتحال بدين شهر سميت ضلعي جي ننڍن ووڏن شهرن ۾ هڪ جهڙي هئي. يعني ته اهي رحمت واريون پاڇاٽيون برساتون حڪومت جي مختلف کاتن ۽ ادارن جي نااهلي، ڪرپٽ سرڪاري ڪامورن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب بدين لاڙ سميت سڄي سنڌ جي شهرن ڳوٺن ۽ آبادگارن لاءِ زحمت بڻجي ويون آهن.نڪاسي جي تباهه ٿيل ناڪاره نظام ۽ جڳاڙي اسٽرڪچر جي ڪري هي معمولي هلڪيون برساتون جيڪي بدين سميت ڏاکڻي سنڌ ۾ 10 سيپٽمبر تائين ڪٿي به سراسري طور تي 150 ملي ميٽر کان وڌيڪ نه پيون آهن، انهن هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي. شهرن جا روڊ ۽ پاڙا گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. ايل بي او ڊي جي سم نالن تي ماڻهو ڏينهن رات پهرا ڏئي رهيا آهن. جتي انهن ۾ خطرناڪ حد تائين چاڙهه آهي. آبپاشي ڊرينيج جون سم ناليون خطري جي نشان تائين وهي رهيون آهن.

بدين ۽ ٺٽي جي ڪجهه سم نالن ۾ گهارن پوڻ جون خبرون پڻ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي رهيون آهن. لکين ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي. وڌيڪ برساتون پوڻ سان هن سال پڻ بدين، لاڙ ۽ سڄي سنڌ ۾ گذريل سال سال جي مها ٻوڏن جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. هن ڏس ۾ سڀ کان اهم ڌيان طلب ڳالهه اها آهي ته هن سال پڻ آبڪلاڻي جي هن مند ۾ حڪومت جا اهلڪار ۽ چونڊيل عوامي نمائندا گم آهن. زمينون پاڻي هيٺ اچڻ ۽ مڇرن جي آزار سبب لاڙ مان هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال ٿر ڏانهن وڃي رهيو آهي، جنهن ڪري لاڙ جي شهرن ۾ کير جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. آبپاشي، سيڊا ۽ روينيو سميت پي ڊي ايم اي توڙي ضلعي انتظاميا هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نه اڳواٽ ڪي اپاءَ ورتا آهن ۽ نه ئي پاڻي ۾ ٻڏل شهرن ۽ ڳوٺن مان برساتي گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ متاثرن جي واهر لاءِ هيلتائين ڪي عملي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن.هوڏانهن هن برسات شروع ۾ زرعي فصلن کي فائدو پهچايو پر بعد ۾ بدين ۽ لاڙ ۾ وونئڻ، مرچ، ٽماٽا ، آرڻ ۽ ڀاڄين جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، جڏهن ته ساريالي جي فصل کي پڻ ڪافي نقصان پهتو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو