Home / افيئر / پ پ حڪومت وري سنڌ ٻوڙي چڏي
above article banner

پ پ حڪومت وري سنڌ ٻوڙي چڏي

پاڪستان پيپلزپارٽي 4 پارلياماني سال ۾ داخل ٿي وئي آهي جنهن ۾ سنڌ کي 2010ع ۾ مها ٻوڏ،2011ع ۾ برسات ۽ 2012ع ۾ وري برسات سخت متاثر ڪيو آهي جنهن ۾ گذريل سال جي برسات تقريبن ڏيڊ ڪروڙ،مها ٻوڏ منو ڪروڙ ۽ هلندڙ سال ۾ وري شروعاتي رپورٽن ۾ تقريبن ساڍا 13 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن.سنڌ جو عوام مسلسل ٽن تاريخي آفتن کي منهن ڏنو آهي جنهن سنڌ واسين الهه تلهه لوڙهي ڇڏيو آهي،انهن شاهوڪار،وسيلن سان مالا مال سنڌين جي اهڙي حالت آهي جو اهي راشن جي ٿيلهي لاءِ به قطارون  ۾ بيهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نٺڻ اس ۾ انتظار ڪري رهيا آهن پر انهن ذلالت بعد اهو راشن جو ٿيلهو ڏنو وڃي ٿو،ائين ئي وري ٿر جي  ڏڪار سٽيلن سان ٿيو جن کي اڄ ڏينهن تائين ڪير به پڇڻ نه آيو آهي ته انهن ڪجهه کاڌو به آهي يا نه؟،وڏي وزير ٿرپارڪر لاءِ 5 ڪروڙ رپيا جيڪي ان کي پنهنجي حصي جا هر سال ملندا آهن اهي به ايمرجنسي واري صورتحال ۾ جاري نه ڪيا ويا آهن.ٻن آفت سٽيل سنڌ واسين کي وطن ڪارڊ جي مد ۾ ٻوڏ دوران پهرين قسط جي مد ۾ 20-20 هزار في خاندان کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن مان به 10 لک خاندانن مان پوڻا 4 لک خاندان اڃا تائين ان قسط جي انتظار ۾ ويٺل آهن پر ٻن سالن کان انهن خاندانن کي قسط نه ملي سگهي آهي جڏهن ته ٻي قسط جيڪا 80-80 هزار رپيا اعلان ڪيو ويو هو ان کي به سرڪار پنهنجي زبان کي پاڻي نه ڏئي سگهي آهي،وري 2011ع جي تقريبن سوا 15 لک برسات متاثرين خاندانن کي اڃا تائين پهرين قسط به نه ملي سگهي آهي ۽ ٻي قسط جو وري ڪوبه اتو پتو ئي نه آهي ته اها انهن کي ڪڏهن ملندي يعني سوا 25 لک خاندان صرف گذريل مها ٻوڏ ۽ برسات ۾ متاثر ٿيا جن جي اڃا تائين ڪابه واهر نه ڪئي وئي آهي،ڪير به پيپلزپارٽي جو اڳواڻ انهن کان اهو پڇڻ نه ويو آهي ته انهن جي ڇا صورتحال آهي،سرڪار اهو به اعلان ڪيو ته متاثرين کي اسان گهر جي نئين سر اڏاوت ڪرائي ڏينداسين پر ان تي به عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي جيڪڏهن ڏٺو وڃي سرڪاري انگن اکرن موجب سوا 25 لک خاندان متاثر ٿيا پر اسان وٽ ڏاڏنگ کان وٺي گڏيل خاندان واري صورت ۾ ماڻهو رهندا آهن جيڪڏهن اها سروي ڪنهن ٽئين ڌر کان ڪرائي وڃي ها ته اهي خاندان 50 لک تي پهچي وڃن ها جيڪي دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهن،انهن متاثرين جي تعليم،صحت واريون سهولتن کان وانجهيل آهن،اڳي جيڪي سنڌ ۾ ڪچهريون ۽ سماجي سرگرميون پوءِ راندين جي صورت ۾ هجن يا وري سياسي،ادبي لحاظ واري انداز  ۾ هجن اهي بلڪل ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن،ڪير به انهن متاثرين جو والي وارث ڪونهي؟پوءِ سوال اهو پئدا ٿئي ته هلندڙ سال جي برسات متاثرين جي ڪيئن واهر ٿي سگهي ٿي.

سنڌ ۾ هلندڙ سال واري شديد برسات جا اثر خطرناڪ نڪري سگهن ٿا ڇو ته اڃا تائين مڪمل تفصيل جاري نه ٿي سگهيا آهن پر هيءَ غير حتمي رپورٽ جي ڪاپي افيئر وٽ موجود آهي جنهن ۾ تقريبن ساڍا 13 لک ماڻهو ۽ سوا 2 لک خاندان برسات سبب متاثر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو.ٻوڏ ۾ تقريبن 500،گذريل سال جي برساتن ۾ ساڍا 487 ۽ هلندڙ سال جي برساتن ۾ شروعاتي رپورٽن ۾ 132 ماڻهو مري ويا آهن ۽ ساڳي ريت ٻوڏ ۽ برساتن ۾ لکن جي تعداد ۾ سنڌ واسين جا جانور مري ويا آهن جڏهن ته تقريبن ٽن سالن مسلسل تباهين ۾ 50 کان 60 لک ايڪڙ زمين تي فصل پڻ متاثر ٿيو جنهن جو تازو مثال 2012ع جون برساتون آهن ان ۾ 3 لک 4 هزار 311 هيڪٽرن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي جنهن جو تعداد اڃا وڌڻ جو خدشو آهي.ان جي برعڪس جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪو واقعو ٿئي ٿو ته انهن جي يڪدم وارثي ٿي وڃي ٿي پر جيڪڏهن ڪراچي کان علاوه ٻين ضلعن کي ڏٺو وڃي ته اهي سالن کان واهر جي انتظار ۾ آهن پر انهن سان ڪير به همدردي لاءِ به تيار نه آهي

ڪراچي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجي ويلن جي وارثن کي 2011ع ۾ 3-3 لک في فرد جي حساب سان ڏنا ويا ۽ هاڻي وري ٻيهر به انهن قتل ٿيلن جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي لاءِ ڪميشن ڪم ڪري رهي آهي،بلديه واقعي جي متاثرين کي به 3-3 لک ڏنا پيا وڃن جن تي اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي پر سنڌ سرڪار کي اها گذارش آهي ته اوهان شهري ۽ ٻهراڙي جي رهواسين ۾ اها فرق پئدا نه ڪريو،سمورن متاثرين سان هڪجهڙو انصاف ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.پيپلزپارٽي هاڻي چونڊون ۾ وڃي رهي آهي،عوام ۾ سخت مايوسي آهي ڇو ته اها عوام کي صحيح انداز ۾ ڊليور نه ڪري سگهي آهي ۽ پيپلزپارٽي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ مخالفن کي پارٽي ۾ ڌڙا ڌڙ شموليت ڪرائي رهي آهي ته جيئن سنڌ ۾ بنا مقابلي چونڊون ڪرائي وري ٻيهر اقتدار ۾ اچجي.سنڌ ۾ انتظامي نااهلي سبب ڪروڙين سنڌ واسين متاثر ٿيا جنهن جو ازالو وطن ڪارڊ جي 20 يا 10 هزار ذريعي ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي

ٻي طرف عوام کي آگاهي لاءِ مليل تفصيل پيش ڪن ٿا:سنڌ ۾ برساتن سبب 19 ضلعا،13 لک 36 هزار 461 ماڻهو ۽ 3 لک 4 هزار 311 هيڪٽرن تي بيٺل فصل مڪمل طور تي متاثر ٿيو آهي جڏهن ته 132 ماڻهو فوت ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي،سنڌ جي پي ڊي ايم اي اختياري طرفان جاري ڪيل رپورٽ وزيراعظم ۽ اين ڊي ايم اي جي رپورٽن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن کان افيئر کي مليل غير حتمي دستاويزي رپورٽ موجب برساتن سبب 15 تعلقه،88 يوسيز،7 هزار 88 ڳوٺ،2 لک 8 هزار 822 گهر ۽ 2 لک 33 هزار 600 ايڪڙن تي موجود علائقي ۽ 3 لک 4 هزار 311 هيڪٽرن تي بيٺل فصل سخت متاثر ٿيو آهي جڏهن ته 132 ماڻهو ۽ 1 هزار 825 جانور پڻ برساتن ۾ مري ويا آهن ۽ 440 پڻ زخمي ٿيا آهن،صرف چئن ضلعن ۾ 211 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جنهن ۾ 49 هزار 932 ماڻهو بري حالت ۾ ترسائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.خيرپور ۾ 8،ڪشمور 3 ۽ شڪاپور ۾ 4 تعلقه،ڪشمور ۾ 38 ۽ شڪاپور ۾ 50 يوسيون،ڪشمور ۾ 3 هزار 71،خيرپور ۾ هڪ 448 ۽ شڪاپور ۾ 2 هزار 563 ڳوٺ،جيڪب آباد ۾ هڪ لک 35 هزار 800،ڪشمور ۾ 5 لک 58 هزار 161،خيرپور ۾ 4 لک 99 هزار ۽ شڪاپور ۾ هڪ لک 43 هزار 500 ماڻهو،خيرپور ۾ 2 لک 33 هزار 600 ايريا،گهوٽڪي ۾ 97 هزار 408،جيڪب آباد ۾ 28 هزار 568،ڪشمور ۾ 48 هزار 500،خيرپور ۾ 27 هزار 336،شڪارپور ۾ 27 هزار 500،سکر ۾ 11 هزار 468،شهيد بينظيرآباد ۾ 17 هزار 150،قمبرشهدادڪوٽ ۾ 13 هزار 965،سانگهڙ ۾ 12 هزار 200،ٽنڊومحمد خان ۾415،ميرپورخاص ۾ 550،بدين ۾ 14 هزار 494،مٽياري ۾ هڪ هزار 983،عمرڪوٽ ۾ 2 هزار 560 ۽ دادو ۾ 214 هيڪٽر فصل،گهوٽڪي ۾ 31 هزار 655،جيڪب آباد ۾ 28 هزار 568،ڪشمور ۾ هڪ لک12 هزار 500،خيرپور ۾  19 هزار 200،شڪارپور ۾ 20 هزار 600،قمبرشهدادڪوٽ ۾ 7،لاڙڪاڻي ۾ 3،سانگهڙ ۾ هڪ هزار 318،ٽنڊوالهيار ۾ 30 گهر سخت متاثر ٿيا آهن.8 گهوٽڪي،2 جيڪب آباد،43 ڪشمور،7 خيرپور،26 شڪارپور،11 سکر،9 بينظيرآباد،هڪ نوشهروفيروز،2 قمبرشهدادڪوٽ،3 لاڙڪاڻي،4 سانگهڙ،هڪ-هڪ ٽنڊومحمدخان ۽ ميرپورخاص،2 ٺٽي،5 حيدرآباد،2 بدين،3 مٽياري،1-1 عمرڪوٽ ۽ دادو ۾ ماڻهو برساتن سبب فوت ٿيا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو