Home / افيئر / چين طرفان يورپي يونين جي امداد جاري رکڻ جو اعلان
above article banner

چين طرفان يورپي يونين جي امداد جاري رکڻ جو اعلان

يورپي يونين جي اڳواڻن سان گڏ برسلز ۾ هڪ سربراهي اجلاس دوران چيني وزير اعظم وين جيا بائو جو چوڻ هو ته سندن ملڪ يورپ کي قرض جي بحران حل ڪرڻ ۾ مدد جاري رکندو ۽ بيجنگ يوrپي بانڊز جي خريداري بند نه ڪندو. چيني وزير اعظم جي ان بيان مان اهو ٿو سمجهه ۾ اچي ته چين خلاف يورپي هٿيارن جي پابندين ۽ يورپي يونين طرفان چين کي ٽيڪسن کان آزاد واپاري درجو ڏيڻ کان انڪار باوجود خريداري جو سلسلو جاري رهندو. چين طرفان بانڊز جي خريداري يورپ جي معيشت جي بحالي ۾ اهم رهي آهي. ان موقعي تي يورپي يونين ڪميشن جي صدر هوزي مينول براسو چين ۽ يورپي يونين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ پراڻا تڪرارحل ڪن.يورپي يونين چين تي انساني حقن خاص طور اظهار جي آزادي ۽ تبت جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو آهي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو