Home / افيئر / ڏڪار، سڪار ۽ ٿر جي لوڪ ڏاهپ
above article banner

ڏڪار، سڪار ۽ ٿر جي لوڪ ڏاهپ

اڀري سڀري ڳالهـ تي ڪن ڪونـ ڏبو. ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏبي.پر جي ڳالهـ اڀري سڀري نـ هجي . مرڳو راڄن ۾ رئي هجي. پوءِ ته هئين سان هنڍائبو. ڳالهـ جا ابتا سبتا پير اوهاڙبا. آڏي ابتي پڇا ڪبي. اوسا پاسا جانچي ڏسبا. اهي سڀ پانپرا ڪرڻ کان پوءِ ڪجهـ پنهنجي ذهن تي بـ زور ڏبو.ڏاها بـ پڇائي وٺبا . پوءِ وڃي ڪنهن نتيجي تي پڄبو . ايئن ئي ڪنن ٻڌي ڳالهـ تي سندرو ٻڌي بيهـ رهجي. اها ڳالهـ ٺيڪ ڪونهي.يا پوءِ جيڪا راڄ جي صلاح ،ايئن بـ ڪونـ ڪبو.وڏا ڏوڪرا تـ چئي ويا آهن تـ راڄ سان راڄ جهڙو ٿي هلجي . پر راڄ بـ الاهي سهي هجي الاهي ابتو. سو پنهنجي ٻيلي ڌيان جي ديوي چئي ٿي تـ.جيڏانهن ڪنڌ اوڏانهن پنڌ. ٻڌجي سڀني جي ،ڪجي اها جيڪا پنهنجو عقل مڃي. هڪڙي ٻيلي ڳالهـ ڏوڪرن جي بـ مڃي ٿا وٺون. جيڪا پاڻ کي دل سان لڳي ٿي. اها اها تـ جهڙو ديس تهڙو ويس. سو منهنجا راڻا پنهنجو ديس ٿيو وڃي ٿر. پاڻ تـ ٻيلي گهمرو ڏئي هتان هتان جهان ڦري وري بـ ڳالهـ ڪنداسين واري جي دڙن جي. اتي ڇا پيو وهي واپري.ٻن سالن کان وٺي ٿر ۾ ٿرين جي پراڻي چوڻي وٺي ڏڪار پئي هلي. وٺي ڏڪار واري ڳالهـ نئين ڪونهي. اها پراڻي ڳالهـ آهي. اڳي بـ ٿر ۾ ٿيندي رهندي آهي. پر گذريل ٻن سالن کان مڙئي انهي ڳالهـ زور ورتو آهي. پروڪي سال ٿر ۾ رڪارڊ برسات پئي . ڪنهن جي يادگيري ۾ ايترا مينهن ڪونـ پيا . جيترا پروڪي  سال پيا .سائنس واري ڄاڻن جي مشينن اها ڳالهـ ڪئي .پروڪي سال ٿر ۾ ٻارنهن سئو ملي ميٽر برسات وٺي.سو پر سال هيڪر تـ اچي ميڊيا اخبارن ۾ ڌوڙيا ڪرايا تـ ڏڪار ڏڪار اصل رئي هجي. خيرن جي پندرنهن آگسٽ وارو ڏينهن گذريو ۽ ٿر ۾ رڙو رڙ اخباري نمائندن شروع ڪئي.پوءِ تـ سائين اچي مينهن نئيو، هڻي ڀٽن مان ڏرڙ ڪري ڇڏيا. جيڪا ٿوري گهڻي پوکي ٿيل هئي. اها هڪڙي تـ نئين روڙي وڃي تراين ۾ اڇلي. اصل نئيون فصل پاڙان اکيڙي کڻي ويون.مٿان جي ڪٿي نئين کان ٿورو پاسيرو فصل هو . اهو هڻي مينهن ريٽي ڇڏيو. سلو اڀرڻ ئي ڪونـ ڏنو.باقي رهيو ڪاٺيون ٻنيون انهن ۾ تـ سڃو سال پاڻي بيٺو هو.سو پروڪي برسات هيڪر تـ فصل جو ستياناس ڪري ڇڏيو. ۽ جيڪا اڀري سڀري گاه جي لونک اڀڙي هئي انهي تي جيڪو ساريکو جهڙ بيٺو هو. انهي ڪري گئوچر ۾ اهو گاه بـ مزي وارو ٿي ڪونـ سگهيو. گهڻ تـ سجهندي ئي ٻنين مان هٿ ڪڍيا.مٿان جيڪو بدين ،ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ ٻوڏ ٻچا وات ۾ ڏنا. سو ماڻهو ٻي ڪا واه نـ ڏسي اچي مال سوڌا ڀٽن ۾ لٿا.  سو انهي مال هڻي کرن سان ئي گاه ڪڍي ڇڏيو. سو ٿرين جي رڙو رڙ هجي . تـ ٿر کي ٻوڏ سٽيل قرار ڏيو. اها ڳالهـ ڪنهن جي عقل ۾ ئي نـ اچي . تـ ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڪيئن ڏجي. ٿرين سمورا دليل ڊوڙايا پر ڪير ٻڌي ئي نـ. انهي ڪري ڪجهـ بئراج ايريا واريون ديهون ڏڪار سٽيل ڪرار سرڪار سڳوري ڏنيون. باقي ٿر رهيو جيئن جو تيئن. پوءِ ٿرين آسرو پليو ورهيـ بـ ويندو رهيو. پر ٿرين آسرو ڪونـ پليو.

سو ٻي ڪا واهه نـ ڏسندي. ٿرين پر سال ٽي دفعا ٻنيون پوکيون.هڪري دفعا برسات لوڙهي وئي. ٻئي دفعا لوڙهي وئي، ٽي دفعا وڃي بچيون.سو ٿرين گوار پوکيو ٻاجهر جو ٽائيم بچيو ڪونـ هو.ڪٿي ڪٿي توريو ۽ ڪڻڪ بـ پوکي .سو پر ٿر ۾ توريا ۽ ڪڻڪون بـ ٿيون، مهراڻي واري ڪس جي سڀني ٻنين ۾ توريو پوکيو ويو. وٽ ۾ ڪڻڪ بـ پوکي ۽ باقي ٿر ۾ گوار پوکيو ويو. خدا جي ڪرڻي پر وري  گوار جيڪو اڳي اٺ سئو کان ٻارنهن سئو رپيا مڻ وڪرو ٿيندو هو.سو وڃي سورنهن کان ارڙنهن هزار رپيا مڻ تي پهتو. پر جيترو گوار جو اگهـ سو ڪڏنهن بـ ناهي رهيو. پروڪي گهڻي ليٽ ٿريا گوار مان ڪڍي ويا . پر وسڪارو زوران زور ڪونـ هو.مال لاءِ گاهه ٻيو تـ ڪٿي ڪونـ بچيو پر وڻن جي اوٽ ۾ ضرور گاه هو. سو اهو مال کي ڪجهـ ٽائيم ڪڍائي ويو.آهن هيل بـ پاڇا ٽا مينهن سو هيل وري ڏڪار واري رڙو رڙ آهي. بابا ورهيـ کري ويو وٺي ڏڪار آهي هاڻ ڇا ٿيندو. مٿان سيارو پيو اچي . هاڻ ڪهڙو فصل پوکيون.ٿيندو ڪجهـ ڪو. سو هينئر ٿر جو وڏو موضوع ئي اهو آهي . تـ وٺي ڏڪار آهي. وڌ ۾ وڌ ڪاٺين ۾ گوار هڻون تـ ڀلي ٻيو مڙئي ٿيو خير.هيل باقي سڄي ٿر ۾ اها صورتحال آهي. سواءِ سلام ڪوٽ  جي اڀرندي سيم جي جتي هيل آڳاٽا مينهن پيا آهن.اتي جي سيم ڀلي آهي. ٻاجهريون نگهليون پيون آهن. ٿورو جي ماڪ ٿي پوي تـه اهي همراه گوار اکيڙڻ شروع ڪندا. باقي ٻيو سارو خير. هيل ٿر مان لڏپلاڻ ذرو بـ ڪونهي ٿي.  انهي ڪري جو پر سال ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي . مٿان برسات پئي پاڇاٽي سو هيل بـ ٿرين جو خيال هو تـ هيل بـ پاڇاٽي برسات پوندي.پر اڳي لڏپلاڻ ٿيندي آهي .هاڻ انهي ٿر ۾ پوندڙ ڏڪار جي حوالي سان ڏاها تـ اهو ٿا چون تـ جي جي گهٽ ڏڪار ٿر ۾ پيو تـ20 سيڪڙو لڏپلاڻ ٿئي ٿي. جي ٿورو شديد ڏڪار پوي ٿو تـ 30 سيڪڙو ۽ جي صفا ڪارو ڏڪار ٿر ۾ پوي ٿو تـ 40 سيڪڙو لڏ پلاڻ ٿيندي آهي.

اتي ئي هڪڙي ٻي ڳالهـ بـ ڪندا هلون اڪثر ڪري چوندا آهن .تـ ڪيترا ئي مينهن پون پر ٿريو مينهن گهرندو ئي گهرندو.انهي جا بـ بابلا ڪجهـ سبب آهن . هاڻ ڀلي سال جي لاءِ اهو آهي تـ جي 200 کان 300 ملي ميٽر برسات  يعني 8 کان ٻارنهن انچ برسات  پوي تـ اهو سال ڀلو آهي . پر انهي لاءِ ايئن ڪونهي تـ ڪو ٻن ڏينهن ۾ ايتري برسات پئجي وڃي تـ اها ڀلي سال جي نشاني آهي . انهي لاءِ وري 100 کان 150 ملي ميٽر معنئ چار کان 6 انچ جون. ٽي برساتون 65 کان 75 ڏينهن ۾ مخصوص وقفي سان پون تـ اهو ئي ڀلي سال جي نشاني آهي .هيل تـ اڃا 15 سيڪڙو تائين برساتون مس پيون آهن. اهي بـ جولاءِ جي چوٿين هفتي ۽ آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ .  هاڻ تـ سيٽمبر ۾ بـ برساتون پيون آهن انهن جا اڃا انگ اکر الڳ هوندا. اهي برساتون سلام ڪوٽ کان اڀرندي سيم ڀاوي جو تڙ، سينهري درس، ٿاري جو تڙ ويندي تڳوسر ۽ تارياڻي وڪڙئي تائين.اتي جي سيم هي بندو پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهي . صفا ڀلي آهي.پر ٿر بـ وڏو پيو آهي .22هزار اسڪوائر ڪلوميٽر آهي.جيڪو پاڻ واري سنڌ جو15.61 سيڪڙو جاگرافيڪل ايريا آهي.سو انهي ايتري ٽڪري تي ٻـ برساتون پيون آهن اڃا تـه الاهي ڇا ٿئي.؟مٿان وري ڪي اڪابر اها بـ ڳالهـ ڪن پيا تـ موسمياتي جي ڪري جيڪو وسڪارو وچ جون کان وچ آگسٽ تائين پنجهٺ کان پنجهتر ڏينهن هوندو هو. سو هاڻ وري وچ جولاءِ کان وٺي سيپٽمبر تائين هوندو. جي اها موسم جي تبديلي آهي تـ ٿر جا گهڻا فصل جيڪي اڳي پوکجن ٿا . اهي تـ ٿي ئي ڪونـ سگهندا . مثال انهي موسم ۾ ٻاجهر جو تـ تيلو ئي ڪونـ ٿيندو. مٿان وري ٿر جي 70 سيڪڙو زمين تي وڻ ۽ ٻوٽا آهن. اهي . انهي موسم واري مينهن ۾ ساه پٽي سگهندا يا مرڳو ويندا سڙي ڇو جو سيٽمبر کان تـ سيارو ٿو شروع ٿئي . اهي ڳالهيون ٿرين کي پريشان ضرور ڪنديون. سو اهو موسم جي تبديلي وارو ڦيرو بـ ٿرين کي ڏسڻ گهرجي، پنهنجي پوکي وارن فصلن کي تبديل ڪرڻو پوندو..هاڻ وري اها موسمي تبديلي اڳي وري ٿرين سان مصيبت اها هوندي هئي جو.ڏهن سالن جو جائزو وٺون تـ  ڏهن سالن مان چار سال تـ ڇنڊ ئي ڪونـ ڪرندي هئي ڏڪار هوندو هو. ٽي سال وري وچٿرا مينهن پوندا هئا .ٽي سال نارمل گهربل مينهن پوندا رهيا آهن. انهن ڏهن سالن جو چارٽ هيٺ ڏجي ٿو.

نتيجو يا حالت

مجموعي برساتون ملي ميٽر

سال

سوڪهڙو

198

1996_1997

چڱو

547.1

1997_1998

سوڪهڙو طوفان

189.3

1998_1999

سوڪهڙو ۽ پوءِ ڏڪار واري حالت

89.7

1999_2000

فصل نـ ٿيڻ ڪري ڏڪار

120

2000_2001

هلڪو سوڪهڙو

100

2001_2002

شديد ڏڪار

150

2002_2003

سٺو سال

173

2003_2004

ڏڪار

167

2004_2005

ڀلو سال

567

2005_2006

سٺو

236

2006_2007

سٺو

183

2007_2008

هاڻ هتي صرف هڪڙي بي ڳالهـ ڪرڻي آهي. تـ ٿريا  پنهنجي شئي جي مارڪيٽ نٿا ڪري سگهن . جيئن هينئر ٿر ۾ سيٽمبر کان مينهن وٺو آهي تـ هيل ٿر ۾ کنڀيون تمام جام نڪتيون آهن پر ٿرين کي اها خبر ئي ناهي تـ انهن جي مارڪيٽ ڪيئن ڪجي، همراه ٿيلهيون کڻيون هر گاڏي جي اڳيان بيٺا آهن. پوءِ نـ جيڪو جيترا پئسا ڏي ڀريون ٻڌيو پيا ڏين. اها سڳي کنڀي مٺي شهر ۾ ٽي سئو رپيا ڪلو ٿي وڃي . پر لڪ چڙهي گاڏي ۾ وڃ تـ ٽيهـ رپيا ڪلو پيا وڪڻن. پپن جي ڳالهـ ويهـ رپئي ۾ ٿيلهي. جي اهي سڳي کنڀيون ۽ پپون جي ڪراچي واري سبزي منڊي ۾ پهچن تـ اٺ سئو رپيا ڪلو بـ وڪرو ٿي سگهن ٿيون. پر انهي جي مارڪيٽنگ جا گر ٿرين کي اچن ڪونـ ٿا ، توڙي جو هاڻ روڊ بـ ٺهي ويا آهن. ۽ اهي کنڀيون ۽ پپون ڏينهنڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڪجهـ ڪلاڪن ۾ پهچائي سگهجن ٿيون.انهن جي سٺي مارڪيٽنگ ڪري سگهجي ٿي . اها تـ ٿرين کي صلاح، ٻي صلاح وري وس وارن کي ڏبي پر اهي همراه آهن ٻوڙا پر پنهنجو ڪم آهي، صلاح خدا ڪارڻ ڏيڻ اها اها تـ جي ڀلا پاڻ وارا حڪمران رڳو پارڪر ۾ روجهن ۽ هرڻين جي شڪار ڪرڻ کان سواءِ ٿوري مڙسي ڪري.پارڪر جي گهمڻ وارين جڳهن تي ڪجهـ سيڙپ ڪري وجهن . چوڙئي واري جبل ۽ جينجهو ندي تائين پڪو رستو ڏين.اتي ڪجهـه ريسٽ هائوس ٺهرائين اهي بـ لاڍن وارا ۽ انهن تي ڪو سٺو ڪم ڪرائن تـ گهمڻ وارا ايندڙ همراهـ بـ ڪجهـ تازا توانا ٿي وڃن. ۽ اتي جي ڪولهين جو بـه گذر سفر ٿي وڃي.اڃا جي پارڪر واري  پيرن ۾ ٿڏجندڙ جبل واري پٿر تي ڪم ٿئي ۽ انهي مان  ڪجهـ ماڊل ٽيبل سيٽ جا ٺاهجن تـ بـ پارڪريا سولا ٿي پوندا . وڌيڪ صلاحون ڪاڪي الهرکي کوسي کان وڃي وٺن.

Khalid_jogee@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو