Home / ڪئپيٽل افيئر / ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي بک هڙتال
above article banner

ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي بک هڙتال

2 هفتا اڳ ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو  پاڻ کي ايڌي ايمبولينس ۾ کڻائي اسلام آباد  پهتو هو، ۽ هاڻي اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو آهي. سندس حالت چڱي ناهي،

سنڌ جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ پاڻي نه پهچڻ۽ سنڌ جي تعليم ۽ ان جي ادارن جي بربادي خلاف ڪامريڊ غلام رسول سهتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 88 ڏينهن مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي، هن جي انهي احتجاج جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو ته هو اسلام آباد هليو آهي. کيس انهي ڳالھ جو يقين هو ته سڄي ملڪ جي ڪنٽرولنگ اٿارٽيز هتي ئي آهن، انهي ڪري هتي هڙتال ڪرڻ جو فائدو اهو ٿيندو جو مسئلي جو حل ضرورو نڪرندو، اها ئي اميد کيس اڃا جيئرو رکيو پئي اچي

نيشنل پريس ڪلب آڏو بک هڙتالين جي ڄڻ هڪ بستي آهي، اهي بـک هڙتالي گذريل ڪيتري مهينن کان پنهنجن پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج تي ويٺل آهن، پر هِنن کان ڪير پڇڻ وارو به ناهي، ايجنسين جا اهلڪار، اسپيشل برانچ جا آفيسر، ۽ صحافين سان هِننن جي سلام دعا به گهڻي ٿي وئي آهي، پر  هنن جا مسئلا  هاڻي رپورٽ به نٿا ٿين، ڪامريڊ کاٻي ڌر جو جهونو سياسي ڪارڪن ۽ هاري جدوجهد ۾ گهڻو تجربيڪار آهي، انهي ڪري هُن اسلام آباد جي پريس ڪلب آڏو اچڻ سان هڪ حڪمت عملي اها ترتيب ڏني ته ٻين بک هڙتالين سان گڏ ويهڻ بدران هن انهن جي سامهون روڊ جي ٻئي پاسي گرين بيلٽ ۾ پنهنجو آستانو ٺاهيو، هِن جي بک هڙتالي ڪيمپ جي انفراديت اهاهئي ته هن هاري ڪميٽي جا گلابي جهنڊا وڏي تعداد ۾ چوطرف هڻي ڇڏيا، جيئن اهي جهنڊا هر ڪنهن جي توجھ ڇڪائڻ جو سبب بڻجن، هو انهي ۾ ڪامياب به ٿي ويو، سگا وارا به وٽس آيا ، يڪجهتي به ڪيائون ، گلدستا به ڏئي ويا،  قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاھ به وٽس ڪهي آيو، چيف جسٽس پاران ورتل پاڻمرادو نوٽيس ۾ شاھ صاحب  سهڪاري وڪيل ٿيڻ جي پٽيشن به عدالت ۾ داخل ڪرائي آهي .

انگريزي اخبارن کيس ڀرپور ڪوريج ڏني ، پر ٻين اخبارن تعصب کان ڪم ورتو، جيتوڻيڪ اها مرڻ گهري تائين واري بک هڙتال پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت خلاف آهي، پيپلزپارٽي خلاف سڄو ڏينهن ڪات ڪهاڙا کڻي بيٺل هتان جي  ميڊيا بدنيتي جي بنيادن تي به ڪامريڊ سهتي جي اشو کي نه کنيو، ها ، اهو ضرور ٿيو ته هڪ ٽي وي چينل جي پروگرام بعد ٻن ڏينهن اندر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري انهي جو نوٽيس ورتو، ۽ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ جي آبپاشي جي سيڪريٽري بابر آفندي لکت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ داخل ڪرائي آهي ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي حوالي سان معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي . عدالت جيڪو به فيصلو ڏنو انهي تي عمل ڪرايو ويندو،

ڪامريڊ غلام رسول سهتو گذريل 4مهينن کان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي آهي، هُن جي ساھ جي تند گلوڪوز استعمال ڪرڻ جي ڪري سلامت هئي، سندس وزن تمام گهڻو گهٽجي چڪو آهي. سندس لاڳيتي بک هڙتال ۽ چيف جسٽس پاران  پاڻمرادو نوٽيس کان اڳ ۾ هُن گلوڪوز استعمال ڪرڻ به ڇڏي ڏنو هو، جنهن ڪري سندس حالت خراب ٿي چڪي هئي، تازو پولي ڪيلنڪ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ کيس هڪ دفعو اڳ ۾ به اسپتال موڪليو ويو هو، پر هو موٽي آيو، هِن دفعي سندس حالت تمام گهڻي خراب هئي، انهي ڪري ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تي کيس ڪجھ ڏينهن اسپتال ۾ رکڻو پوندو.

ڪامريڊ غلام رسول سهتو سنڌ جي انتهائي اهم مسئلن تي احتجاج دوران شهيد ٿيڻ جي تمنا رکي اسلام آباد آيو آهي،   هُن جو چوڻ آهي ته سندس زندگي وطن کان وڌيڪ ناهي، پر جيڪڏهن سندس حياتي جي عيوض مسئلو حل ٿئي ٿو ته اهو سودو به مهانگو ناهي،

ڪامريڊ سهتو جي ڄمار ايتري ناهي جيترو بک هڙتال کيس لانجهو ڪري وڌو آهي، هو هاڻي ويهي نٿو سگهي، سندس بک هڙتالي ڪيمپ هاڻي عالمي نشرياتي ادارن کي به پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو آهي،  ، بک ۾ به هو اهڙو ئي گاريال آهي جهڙو ڍئو  ۾ هو، پر حيرت آهي سنڌ جي انهن آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن تي جيڪي هارين ۽ آبادگارن جي لاءِ وڏيون وڏيون تقريرون ڪندي نٿا ٿڪجن، انهن مان ڪنهن هڪ به  اڳواڻ کيس روبرو اچي يڪجهتي ڪرڻ جي زحمت ڪرڻ بدران فون ڪري آٿت ڏيڻ جي توفيق به نه ڪئي آهي ،  ”هڪ اڳواڻ جي سيڪريٽري فون ڪري چيو هو ته صاحب چوي ٿو ته  ڪامريڊ کي شابس ڏجو جنهن اسان جي حقن لاءِ اسلام آباد ۾ آواز اٿاريو آهي“ هو مونکي ٻڌائي رهيو هو.

اها ساڳي صورتحال ۽ رويو انهن ماڻهن جو به آهي جيڪي سنڌ جي تعليم تي سڄو ڏينهن ڳوڙها ڳاڙهين ٿا، سنڌ جي تعليم ڪيتري برباد ٿي آهي، ان جو اندازو سنڌ جي تعليم واري وزير کي انهي ڪري به نه هوندو ته هو پنهنجي وزارت ۾ اهو ڪم ڪرڻ بدران ٻيو ڪم ڪندو آهي، جيڪڏهن هو اهو ڪم ڪندو هجي ها ته سنڌ جي تعليم جي ٻيڙي اهڙي نه ٻڏي ها، جيڪا نظر اچي ٿي، هنن کي ميار ڏيڻ انهي ڪري به اجائي آهي ته اهي سياسي اڳواڻ سنڌ ۾ بهتر تعليم چاهين ئي نٿا، جيڪڏهن سنڌ ۾ ماڻهو پڙهي پيا ته هِنن کان سڀاڻي سوال ڪندا، علم ۽ شعور ماڻهو جي اندر جو خوف ختم ڪندو آهي، اهو خوف جنهن ڏينهن ختم ٿيو ان ڏينهن هنن جي به آپيشاهي ختم ٿي ويندي، انهي ڪري اڻ پڙهي سنڌ هِنن کي وڌيڪ سوٽ ڪري ٿي،

ساڳيو حال سنڌ جي زراعت جو آهي، آبپاشي جو سيڪريٽي بابر آفندي شريف ماڻهو آهي، پر هتي شريف ماڻهو جو ڪم ناهي، هُن وٽ نه اختيار آهي ۽ نه کليل طريقي سان پئسا ڪمائڻ جي ڇوٽ مليل آهي، اڳي سيڪريٽري انهي کاتي ۾ نوٽن جا ٿيلھا ڀري گهر کڻي ويندا هئا، هاڻي ٻيا به حصيدار گهڻا آهن، انهي ڪري رڳو سيڪريٽري شپ ئي بچيل رهي ته به غنيمت آهي، عزت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، انهي سان ڪهڙو فرق ٿو پوي.!! سنڌ ۾ ٽيل تي پاڻي پهچڻ سواءِ خواب ۽ سراب جي ٻيو ڪجھ به ناهي، مايوسي ڦهلائڻ گناھ ضرور آهي، پر جيڪڏهن هجي ئي رُڃ ته پوءِ قافلي کي دوکو ڏيڻ انهي کان به وڏو گناھ آهي،

جنهن سنڌ جو وزير اعلي پنهنجي ايماندار نياڻي( ناهيد شاھ) جي  تعليم کاتي جي سيڪريٽري شپ ايمانداري ڪرڻ جي ڏوھ ۾ به نٿو بچائي سگهي اهو سنڌ جي ماڻهن ۽ ڪامريڊ سهتي کي ڇا ڏئي سگهندو؟

Email:razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو