Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي جي بلديه ٽائون وارو سانحو،پيرا ڪاڏي پيا وڃن
above article banner

ڪراچي جي بلديه ٽائون وارو سانحو،پيرا ڪاڏي پيا وڃن

سنڌ کي ٻه ڀيرا برساتن ۽ هڪ ڀيرو ٻوڏ سخت متاثر ڪيو آهي جڏهن ته هاڻي وري هڪ ته برسات جون تباهيون به جاري آهن ته وري ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ روز 10 کان 15 ماڻهو جيڪڏهن نه مرندا هجن ته ڪجهه به نه ٿيو، وري مٿان ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ علي انٽرپرائيز کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن ۾ سوين ماڻهو سڙي رک ٿي ويا ۽ انهن مان ڪجهه وري سڃاڻپ جي لائق رهيا آهن جيڪي وراثن حوالي ڪيا ويا آهن پر  112 لاشون اهڙيون آهن جيڪي سڃاڻپ جي لائق نه رهيون آهن جن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي پئي وڃي جئين اهي لاشون وارثن حوالي ڪري سگهجن،هن واقعي کي ساڃاهه وند،تاريخ ۽ سياستدانن سميت ٻين طبقن جا ماڻهو ان کي ملڪي تاريخ جو بدترين سانحو قرار ڏئي رهيا آهن.انهن فئڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي پونئيرن جو گذر سفر ڪئين ٿيندو،اهي پنهنجي گهر جو گاڏو ڪيئن ڌڪيندا اهي سمورا سوال متاثر خاندان جي پونئيرن جي ذهن ۾ گردش ڪري رهيا آهن،ضرور انهن متاثرين سان ازالو ٿيڻ گهرجي ۽ ان واقعي ۾ ملوث ڌرين کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن هڪ آزاد قسم جي ڪميشن وجود ۾ اچي .

ڪراچي جي بلديه ٽائون واري علائقي ۾ قائم علي مل کي باهه لڳڻ سبب تقريبن 300 ماڻهو مري ويا آهن،ان واقعي مالڪي تاريخ جو بدترين واقعو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ ڪجهه ڌريون ان کي 11/9 واري واقعي سان ڀيٽي رهيا آهن ڇو ته ان واقعي ۾ به مارجي ويلن جو ساڳيو تعداد ئي هو،ڪراچي ۽ لاهور ۾ ساڳي ڏينهن تي ٻن فئڪٽرين کي باهه ڏني وئي،لاهور ۾ ته گهٽ جاني نقصان ٿيو پر ڪراچي ۾ واقعي ۾ سوين ماڻهو مري ويا ۽ سوين سڙي زخمي ٿيا آهن،اکين ڏٺا شاهد ٻڌائين پيا ته مزدورن کي زوري اوور ٽائيم هڻڻ لاءِ چيو ويو جن پنهنجي پيارن کي فون ڪري ساڳي آگاهي ڏني ته اڄ رات اسان دير سان اينداسين انهن مزدورن کي خبر نه هئي ته شاهد اهي اڄ پنهنجي زندگي جو هي آخري ڪم ڪري رهيا آهن.اکين ڏٺا شاهد اهو به ٻڌائين پيا ته جڏهن فئڪٽري کي باهه لڳي ته ان سڄي اپارٽمنٽ جا دروازا ٻاهران بند ڪيا ويا هئا ۽ ايمرجنسي لاءِ لڳل دروازا جيڪي سدائين کليل رهندا هئا پر ان ڏينهن اهو جواز ڏئي بند ڪيا ويا ته فئڪٽري مان چوري ٿيڻ جو خدشو آهي ان ڪري اهي دروازا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته جيڪي دريون هيون اهي تمام مضبوطي سان لوهه جي سرين واري سان مضبوط نموني سان بند ٿيل هئي.فئڪٽري کي جڏهن باهه لڳي ته ان ۾ موجود 400 کان وڌيڪ ماڻهن اتان نڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي پر اهي نڪري نه سگهيا،باهه جي وڏي دٻاءُ ۽ گهڻي دونهي سبب ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري بيهوشي واري حالت ۾ سڙي مري ويا.بلديه واري علائقي ۽ صحافتي حلقن ۾ ڪجهه ماڻهو نالو ظاهر نه ڪرڻ تي اهو بيان ڏئي رهيا آهن ته علي مل جي مالڪ کان هڪ هفتو اڳ 5 ڪروڙ رپيا گهريا ويا هئا ۽ فئڪٽري جي مالڪ انهن کي 10 لک رپيا ڏيڻ تي راضي ٿيو هو پر ڀتو گهرندڙ ڪراچي جي دهشتگرد سياسي تنظيم ان کان ٿوري رقم وٺڻ کان جواب ڏنو هو ۽ اها به ڌمڪي ڏني وئي هئس ته اوهان کي ڏسي رهنداسين،اوهان شهر ڇڏي وڃو نه ته توهان جيڪڏهن پنهنجي خيريت چاهيو ٿا ته ملڪ ڇڏي وڃو ۽ ان ۾ ئي اوهان جي خيريت آهي جنهن کانپوءِ فئڪٽري جي مالڪ پنهنجو سڄو خاندان دبئي منتقل ڪري ڇڏيو،کانپوءِ دهشتگردن وٽ بليڪ ميل ڪرڻ جو دڳ نه بچڻ سبب انهن اهڙو سخت قدم کنيو.ڪجهه حلقن ۾ اها ڳالهه به هلندڙ آهي ته شروعات جاچ رپورٽ ۾ پڻ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ان مل ۾ ساڳيو ڪيمڪل استعمال ٿيو آهي جيڪو 10 محرم واري جلوس تي بم حملي بعد بولٽن مارڪيٽ کي باهه ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو هو.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏهن مل ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي ته اها باهه ايڏو جلدي ٽنهي فلورن کي پنهنجي لپيٽ ۾ نه آڻيندي آهي ان باهه جا جيڪي آثار يا شاهديون ٻڌائين ٿيون ته ان ۾ ڪيمڪل استعمال ٿيو آهي جيڪو شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ واضع ٿي ويو آهي پر ان کي اڃا تائين ظاهر نه پيو ڪيو وڃي،جيڪڏهن مل کي باهه لڳي به صحيح ته اها ٽنهي فلور تي يڪدم ڪئين پهتي ۽ ايڏي شديد هئي جو شهر جون 300 فائربرگيڊ جو گاڏيون به ان کي 72 ڪلاڪن ۾ وسائي سگهيون.

وارثن کي درپيش مشڪلاتون ۽ سرڪار جي ذميواري؛ مري ويلن جا وارث 11 تاريخ جي رات جو فئڪٽري ۾ شديد قسم جي باهه جو ٻڌي اونداهي ۾ اتي پهتا ۽ پنهنجي وارثن کي بچائڻ لاٰءِ اتي بيٺل آهن جيڪي پنهنجي پيارن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ ڪڏهن جناح،سول،عباسي شهيد ته ڪڏهن وري ايدهي جي مرڪزي سرد خاني سهراب ڳوٺ  جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن سرڪار کي گهرجي ته انهن غريب متاثر خاندان جي معلومات لاءِ اسپتالن ۾ خصوصي سيل قائم ڪري ۽ انهن کي سرڪاري طور تي لاش کڻائڻ لاءِ ايمبولينسز جو به بندوبست ڪرڻ گهرجي ڇو ته انهن جي لاءِ جيڪو ٻڌايو پيو وڃي ته مزدور ماڻهو هڪ ويلو به ان ڪمائي مان مس کائي سگهندا آهن ۽ ٻي لاءِ پريشان هوندا آهن ته ٻي پهر جي ماني ڪئين کائون جيڪڏهن هاڻي انهن کي مسلسل چئن هنڌن جا چڪر ڪاٽرايا وڃن ته پوءِ اوهان ٻڌايو اهي خرچ ڪئي برداشت ڪري سگهندا؟

سنڌ سرڪار جي جوڙيل ڪميشن ڪم کان اڳ ئي اعتراضن جو شڪار  ۽ ڀيلا خاندان جو موقف

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه طرفان بلديه ٽائون واقعي جي جاچ لاءِ جسٽس رٽائرڊ قربان علوي جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي آهي جنهن کي ڪجهه هفتن ۾ رپورٽ وزيراعليٰ هائوس کي ڏيڻي آهي ته فئڪٽري کي باهه ڪئين لڳي يا لڳائي وئي؟ انهن سوالن جون اصل حقيقتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ ان ڪميٽي اڃا ڪم ئي شروع نه ڪيو آهي ته ان تي ف ليگ سخت اعتراض واريندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪميشن رٽائرڊ جج بجاءِ حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ جوڙي وڃي ڇو ته هي سانحو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو آهي ان جي صاف ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڪميشن جو سربراهه جيڪو ڪراچي ۾ رهندڙ آهي ڇا اهو بلڪل ئي شفاف قسم جي رپورٽ ڏئي سگهندو؟ جيڪڏهن رپورٽ شفاف ڏيندو به ته ان تي وري ڪا متاثر ڌر به اعتراض واري جانبدار،ڪرپشن سميت ٻيا کوڙ قسم جا الزام به هڻي سگهي ٿي ان لاءِ ف ليگ جي اها ڳالهه درست آهي ته جاچ لاءِ حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا اصل حقيقتون عوام آڏو آڻي متاثر ڌر کي انصاف ڏياري سگهي.فئڪٽري کي باهه ڏيڻ ۾ ڀتي خورن جو به نالو اچي پيو جيڪڏهن اهي ملوث آهن ته پوءِ انهن سان ساڍن چئن سالن ۾ سرڪار منهن نه ڏئي سگهي آهي ته پوءِ رٽائرڊ جج خلاف رپورٽ ڏئي انهن جو سڄي زندگي منهن ڪئين ڏيندو؟ رپورٽ بعد يا ته ڪميشن جو سربراهه ۽ ميمبر ڪراچي شهر ڇڏي وڃن ڇو ته ڪراچي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ 60 سيڪڙو پوليس آفيسرن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن جي وارثن کي به اڃا انصاف نه ملي سگهيو آهي.بلديه سانحي ۾ اعليٰ پائي جا ڀتاخور ملوث ٿي سگهن ٿا جنهن جي تصديق ڀيلا برادري پاڻ به اڻ سڌي طرح ڪري چڪي آهي ته ڪراچي ۾ ڪابه اهڙي فئڪٽري ناهي جيڪا ڀتو ادا نه ڪندي هجي.ٻيو سوال اهو به پئدا ٿئي ٿو ته فئڪٽري ۾ صحيح نموني سان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هنگامي درواز نه لڳايا ويا هئا اها 100 سيڪڙو درست ڳالهه آهي،اها فئڪٽري مالڪن جي غفلت آهي پر ان فئڪٽري ٺاهڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي؟ ۽ جيڪڏهن ڀيلا خاندان جيڪو اصل ۾ ميمڻ سنڌي آهن جيڪڏهن ڏوهي آهن ته پوءِ اهي پاڻ عدالتن،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اڳيان ڇو پيش ٿين پيا؟ ۽ اهو به موقف اٿن ته ڪير به پنهنجي سالن ۾ قائم ڪيل ملڪيت کي باهه نه ڏيندو آهي،هنن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان فئڪٽري کي باهه لڳڻ جو ٻڌي فائربرگيڊ وارن کي فون ڪيو ٿڏي تي واقعي واري هنڌ پهتا هئاسين پر اتي ڪجهه مشڪوڪ قسم جي ماڻهن اسان کي اهو چيو ته اوهان هتان فرار ٿي وڃو ۽ انهن اتان فرار ٿيڻ وارو فيصلو درست ڪيو ڇو ته جذبات ۾ متاثر ڌر جا پوارث ڪجهه به ڪري سگهن پيا جڏهن ته جيڪا فائربرگيڊ اتي پهتي اها به ڏيڊ ڪلاڪ دير سان آئي ۽ ان به صحيح نموني سان باهه وسائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.علي انٽر پرائيز جي مئنيجر جيڪو پوليس جي حراست ۾ آهي ان پنهنجي رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته فئڪٽري ۾ ٽنهي فلورز تي ايمرجنسي ۾ ٻاهر وڃڻ جا رستا هئا ۽ باقاعده رستن جي نشاندهي به ٿيل هئي جيڪڏهن مئنيجر ۽ ڀيلا خاندان جا داخل ڪرايل بيان درست آهن ته پوءِ ضرور فئڪٽري کي باهه لڳي نه پر لڳائي وئي آهي ۽ اهو تڏهن ثابت ٿيندو جڏهن ملڪ جي ڪنهن اعليٰ آزاد اداري کان ان جي جاچ ڪرائي وڃي.

ڊي اين اي ٽيسٽ؛صحت کاتي طرفان 259 مري ويلن  مان ڪل 82 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جنهن مان 177 ڄڻن جي سڃاڻپ نه پئي ٿي جيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي پئي وڃي ۽ افيئر جي آخري رپورٽ موجب 100 کان وڌيڪ غيرسڃاڻپ لاشن جي وارثن پنهنجا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ڇڏيا آهن جن جي لاءِ سول،جناح ۽ عباسي شهيد اسپتالن ۾ خاص قسم جون جزا وٺڻ لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جيڪي سنڌ جو صحت کاتو ٽيسٽون پوليس جي اسلام آباد ۽ لاهور واري ليبارٽرين ڏانهن اماڻيندو ۽ ان جا نتيجا 15 کان 20 ڏينهن اندر ظاهر ٿي ويندا ڇو ته ٻڌايو پيو وڃي ته لاشن جي اهڙي خراب حالت ٿيل آهي جو انهن جي سڃاڻپ نه پئي ٿئي جڏهن ته جيڪي 141 لاش لاپتا آهن انهن لاءِ اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته گرم پاڻي ۾ انهن جو ماس ڳري ويو آهي جڏهن ته جيڪي لاش تمام خراب حالت ۾ مليا آهن انهن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي ٿيڻ ممڪن بڻجي وئي آهي

قومپرست ۽ سياسي اڳواڻ بلديه واقعي بابت ڇا موقف اٿن؟

ف ليگ جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري بلديه واقعي بابت حڪومت جي جوڙيل ڪميشن کي رد ڪندي چيو آهي ته  اهو اوقعو قومي سانحو آهي جنهن جي جاچ رٽائرڊ جج بدران حاضر سروس جج کان ڪرائي وڃي.واقعي شفاف ۽ فوري طور تي جاچ ڪرائي وڃي جئين اصل حقيقتون ظاهر ٿي سگهن

سنڌ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر جلال محمود شاهه چيو آهي ته بلديه سانحو  به بولٽن مارڪيٽ ۽ طاهر پلازه ۾ وڪيل ساڙڻ واري واقعي جي ڪڙي آهي جنهن بابت صاف ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ڇو ته ڪڏهن به جهوپڙيون سڙڻ سميت باهه وارا واقعا ٿيا آهن انهن جي اڻ ڌري جاچ ٿي ئي نه آهي.

ايس ٽي پي چئيرمين قادر مگسي چيو آهي ته بلديه واقعو ايم ڪيو ايم قومپرستن جي هڙتال کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪرايو ۽ اها جماعت بولٽن مارڪيٽ واقعي ۾ به ملوث هئي ڇو ته اهي دڪاندار انهن کي ڀتو نه ڏيندا هئا،باهه ۾ جيڪي 300 ماڻهو مري ويا آهن ان جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ سنڌ بچايو ڪميٽي ڏنو هو  ٻين ان جي حمايت ڪئي جيڪڏهن اسان هڙتال جو سڏ واپس وٺون ها ته پهريان وانگر اهو ئي چيو وڃي ها ته قومپرست هڙتال ڪري نه سگهندا آهن ان ڪري اڪيلائپ جو شڪار ٿي سڏ واپس ورتو.اسان مري ويلن جي پونيئرن سان فاتح لاءِ ڪرڻ وينداسين،ان واقعي سبب سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي،اسان ته پهچنداسين پر اهي حڪمران ڪٿي آهن اهي اتي ڇو نه پهتا آهن.ايم ڪيو ايم هڙتال جو سڏ واپس وٺرائڻ لاءِ اهو واقعو ڪرايو ڇو ته اها ڌر نٿي چاهي ته مڪاني ادارن واري نئين نظام خلاف ڪو مظاهرو يا هڙتال ٿي.

نواز ليگ،جماعت اسلامي،سني تحريڪ ۽ ٻين سياسي پارٽين جو به ساڳيو ئي موقف آهي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي

فئڪٽري ائڪٽ 1934ع ڇا ٿو چوي؟

ائڪٽ ۾ واضح ٿيل آهي ته ڪنهن به فئڪٽري ۾ ڪو واقعو ٿيو ته ان جي مالڪ کي سزا طور 500 رپيا ادا ڪرڻا پوندا جنهن کي بعد ۾ سرڪار ۽ فئڪٽري مالڪن وڌائي 750 ڪيو ۽ پوءِ وري ٽيون ڀيرو اضافو ڪري 1000 رپيا ڪيو ويو جيڪڏهن 78 سال پراڻو قانون هوندو ته ان دور ۽ هاڻي جي دور ۾ ضرور فرق هوندو،سرڪار کي گهرجي ته اهڙا واقعا پهريان به ٿيا آهن پر هاڻي بلديه ۾ تازو ٿيل واقعو تمام وڏو سانحو آهي جنهن کي مدنظر ۾ رکندي جلد کان جلد موجوده دور جي معيار موجب قانوسازي ڪرڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو