Home / افيئر / ڪراچي جي ڪاليجن ۾ 160 ماڻهو غيرقانوني طور ڀرتي
above article banner

ڪراچي جي ڪاليجن ۾ 160 ماڻهو غيرقانوني طور ڀرتي

سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪامورن 160 کان وڌيڪ غير سنڌين کي ڪراچي جي ڪاليجن ۾ غير قانوني طور تي ڀرتي ڪيو آهي،جيڪو مقامي بيروزگارن جي حق تلفي برابر آهي.مليل تفصيلن مطابق ريجنل ڊائريڪٽر (ڪاليجز) ڪراچي ريجن 5 سيپٽمبر 2011 تي ڪاليجن ۾ خالي آسامين جا اشتهار مقامي اخبارن ۾ شايع ڪرايا- ان اشتهار ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر (B P S-12) جونيئر ڪلارڪ (B P S-7) ليب اسسٽنٽ (B P S) نائب قاصد (B P S ) ليب اٽينڊنٽ) 3/2(B P S- چوڪيدار ۽ ڀنگي (B S P -1) جون جايون ڀرڻ جو اعلان ڪيو ويو. اشتهار ڇپجڻ جي ڪجهه ڏينهن اندر ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر ڪاليجز 27 سيپٽمبر-2011  تي هڪ ميرٽ لسٽ ٺاهي هن ۾ 14 پوسٽون غير قانوني طور تي شامل ڪيون ويون، جيڪي اسسٽنٽ (B P S-14) جون هيون جيتوڻيڪ انهن 14 نوڪرين جو ڪوبه اشتهار نه ڏنو ويو هو.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن 14 اسسٽنٽس ۾ ٻه ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز جا پٽ به شامل آهن.جڏهن ته امتياز حسين، صنم حيدر، محمد فرخ، نور الله خان، فدا حسين ۽ مصطفيٰ سميت ٻين اضافي ماڻهن کي اسسٽنٽ جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن.

ڪمپيوٽر آپريٽرن(B P S -12) جا آرڊر خليق الزمان، طارق عزيز، روحل امين، نازش خوشبو، محمد نواز، محمد شفيع، عدنان شيخ، جنيد سليم ۽ آصف علي شيخ کي جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ صرف هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ آهي.

جونيئر ڪلارڪ (B P S-7) جا آرڊر رضيه وسيم، شاهد منيراسلام الدين ، امين ، شاهينه، محمد حسن، ابراهيم اسماعيل، علي ابور،عادل، مختيار علي، سخاوت حسين، وقار احمد خان، ڪاشف رحمان، معشوق علي، منور علي، عديل احسن،وقار علي، صدام مشتاق، محمد يونس قريشي، فقيرمحمد، آغا محمد قيوم، محمد دانش، تنوير محمد، محمد فرخ،نثار احمد، سجاد علي، نعيم الدين خان، ابراهيم،عرفان احمد،سڪندر علي، اميربخش، سهيل احمد، فدا محمد، آشعيب احمد، امجد انجم ميمڻ، علي افتخار، سرفراز علي، نظام بلال، شائسته نگار،سيد عامر علي،راشد يامين، قدير احمد، علي حسن،جمشيد، محمد علي ۽ عطا رحمٰن کي ڏنا ويا آهن.

ليب اسسٽنٽ (B P S-7) ۾ اسد، امجد حسين قمبراڻي،واجد عزيز، ريحانه ڪوثر،عذرا پروين، شيف محمد، امتياز احمد،رفيق احمد،شمائلاگل، عاصم سعيد،راج بيبي، اسيد عاليه، عازم علي، عبدالحميد، راشد علي، محمد ذيشان، محمد رمضان، شهباز حسين، شاهنواز، صونيه، محمد عثمان، جنيد علواڻي، پيربخش، مهوش مزاري، محمد دانش، محمد نسيم، حبيب الله،ياسين خان، امام بخش، سيد فرحان علي، شاهنواز، طاسب حسين، غلام مرتضيٰ، عبالماجد، عطاءُ الرحمان، نويد اختر، شفقت حسين، امتياز علي، عبدالجبار، حافظ عيل اڪبر، فرحان سليم، غلام علي، رانا ارسلان، شاڪر، عارف خان، عبدالرفيق، محمد فهد احمد ۽ ٻيا شامل آهن.اهڙي ريت ليب اسٽينڊنٽ ۽ نائب قاصد ۾ به سڀ جو سڀ غير سنڌي ڀرتي ڪيا ويا آهن، انهن غير قانوني ڀرتين جو نوٽيس وٺندي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ريجنل ڊائريڪٽر کي ليٽر No Edu II/ 1680 موڪليو جنهن ۾ اشتهار ٿيل نوڪرين جي فهرست، اخبارن جا اشتهار، اعليٰ اختيارن جي منظوري ليٽر، اجازت نامو ڊسپيچ نمبر جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو. جڏهن ته ان قسم جي ڪابه معلومات جمع نه ڪرائي وئي.

ان جي ابتڙ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز هڪ نئون ليٽر نمبر R D ( C ) K Admn-II? M/P.F/813/2012 بتاريخ مئي 28-2012 تي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي موڪيلو جنهن ۾ انهن ڀرتي ٿيل ماڻهن جي پگهار جاري ڪرڻ لاءِ چيو ويو.

ليٽر ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسسٽنٽ (B P S -14) جي پوسٽن کانسواءِ سڀ آساميون ڀرڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايا ويا هئا. جڏهن ته غلطي سان B P S -14 جو اشتهار نه اچي سگهيو هو جنهن جي ازالي لاءِ ڄاڻايل امتحاني مرڪزن ٻاهران بينر لڳايا ويا هئا.وڌيڪ چيو ويو آهي ته جن ماڻهن جونيئر ڪلارڪ لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا تن تي غور ڪيو ويو – ڄاڻايل ليٽر ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انهن ڀرتين ٿيل ماڻهن جي پگهار جاري ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.ياد رهي ته مارچ 2012 ۾ سيڪريٽري تعليم محمد حسين صديق ميمڻ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي ريجنل کي تعليم کاتي وٽ رپورٽ ڪرڻ جو چيو. جيتوڻيڪ ان حڪم تي ڪو به عمل نه ٿيو- ان طاقتور عورت آفيسر اڳيان سيڪريٽري تعليم بيوس رهيو،جنهن کان پوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس هڪ حڪم نامو S O III ( S8 G ad) 3-36/2012 جاري ڪيو جنهن ۾ ريجنل ڊائريڪٽر کي برطرف ڪيو ويو، جنهن تي پڻ عملدار آمد نه ٿي سگهيو.

ساڳي طرح سيڪريٽري تعليم هڪ ٻيو ليٽر نمبرSO (H EII) 2(5-1056) /2012 جاري ڪيو جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ( ايڇ آر ) سيد علي عباس ٽيپو کي چارج ڇڏڻ جو چيو ويو ۽ ان عملدار به حڪم نامي تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۽ هواڄ ڏينهن تائين موجود آهن.

جڏهن ته ريجنل ڊائريڪٽر ۽ سندس ساٿي مطمئن ڪندڙ جواب ڏئي نه سگهيا تڏهن ڊپٽي اڪائونٽنٽ جنرل رشيد احمد ڪلوڙ هڪ  ليٽر نمبرEdu-II/List-14/752 موڪليو جنهن ۾ چيو ويو ته ذڪر ڪيل عملدارن جو جواب اڻ پورو آهي ۽ اهو نه ٿو مڃي سگهجي ته بينر جي ذريعي (B S P- 14) جي جاين جو ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته هجي،جنهن ڪري قابل نوجوان ان نوڪري کان اڻواقف رهيا تنهن ڪري اهي پگهارون جاري نه ٿيو ٿي سگهن. اهو پڻ واضح طور تي چيو ويو ته آهي ڀرتيون غير قانوني آهن.

دلچسپ ڳالهه آهي ته ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز آگسٽ 2012-1 تي وري هڪ نئون ليٽر جاري ڪيو. ليٽر نمبر R D ©/771/2012 ۾ ريجنل ڊائريڪٽر اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي انساني همدردي جي بنياد تي پگهار جاري ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو.ان ليٽر مطابق تعليم ۽ خواندگي اداري ئي 2010 SNE منظور ڪئي هئي جنهن مطابق ڪراچي جي 14 ڪاليجن ۾ ڀرتيون ڪرڻيون هيون. ريجنل ڊائريڪٽوريٽ سڀ شڪ پورا ڪندي اهي ڀرتيون ڪيون آهن. پگهار نه ملڻ ڪري انهن ملازمن جا گهر وارا مشڪلاتن ۾ وتل آهن.

ياد رهي ته اڳوڻي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي ريجن پروفيسر نجم نياز تي غيرقانوني ڀرتين جا الزام هئا، جنهن تي ان کي نوڪري تان هٽايو ويو هو.ساڳي ريت هاڻوڪي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پڻ N A B اينٽي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن.

“ افيئر” طرفان رابطو ڪرڻ تي ريجنل ڊائريڪٽر (ڪاليجز) ڪراچي ريجن پروفيسر راڻي غني شيخ ٻڌايو ته اهي ڀرتيون قانون مطابق ڪيون ويون آهن ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ وارا اجائي واويلا ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته تعليم جو صوبائي وزيران معاملي کي ڏسي رهيو آهي ۽ اهو مسئلو جلد ئي حل ٿي ويندو.ٻئي طرف سيڪريٽري تعليم مختيار سومري جو چوڻ هو ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ چارج سنڀالي آهي. ان سڄي معاملي جو جائزو وٺي ڪا ڪارروائي عمل ۾ آڻبي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو