Home / افيئر / ۽ جڏهن مسيحائي پيشو، هٽ وکر بڻجي ويو
above article banner

۽ جڏهن مسيحائي پيشو، هٽ وکر بڻجي ويو

هو سٺ سال جو بزرگ هيو، مرداڻي غدود جو مريض ٻارن وانگيان پئي رنو. ٻه شاديون  ٿيل نياڻيون هيس ۽ هڪ پٽ، پٽ ڪٻاڙ جو ڪم ڪندو هيس ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ مشڪل سان پالي سگهندو هو.ڌيئرون ڪپڙا سبڻ جون ماهر هيس، اوڙي پاڙي وارن جا ڪپڙا سبي ڪجهه آمدني ڪنديون هيون،هي بزرگ نه چاهيندي به پنهنجي نياڻين کان پئسا گهرڻ تي مجبور هيو، اکيون ڳوڙهن جو سنڌو ٿي وهڻ لڳيون. چيائين ٽيڪسي 250 روپيا ٿي وٺي تڏهن وڃي هت پهچان ٿو. نياڻين اڳيان هٿ ٽَنگي ٽَنگي ٿڪجي پيو آهيان.ميرپور ماٿيلو جي هڪ رهواسڻ پهريان رحيم يارخان علاج لاءِ ويندي هئي، هاڻ سکر ٿي اچي. هڪ گردي جي تبديلي وارو همراهه سيد احمد شاهه جنهن جو ڳوٺ خان واهڻ نوشهرو فيروز ۾ آهي ٻڌائي ٿو ته مان مليريا جو علاج ڪرائڻ مشڪل سان سکر پهتو  آهيان.  ملڪ آزادي ٿئي 65 سال ٿي ويا، اسان جا طبي ۽ تعليمي سرشتا ڪونه سڌري سگهيا، ماڻهن کي ميلن جو سفر، قرض وٺي يا هٿ ٽَنگي علاج لاءِ دربدري جا ڌڪا ٿا کائڻا پون، اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي ؟ آهي ڪو سوچڻ ۽ ڏسڻ وارو!

ڪنهن زماني ۾ ننڍي گريڊ جا ملازم ۽ صفائي ڪرڻ وارو عملو ڪجهه ڏئي وٺي ڊيوٽي تان غائب هوندا هئا، هاڻ ڊاڪٽرن به اهو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،مونکي هڪ اسپتال جي پراڻي ڊاڪٽر ٻڌايو ته هاڻ 5000 روپيا ڏئي اوهان سڄو مهينو اسپتال مان غائب ٿي سگهو ٿا. 2000 روپيا مهيني ۾ ڏئي 2 ڪلاڪ دير اچو ۽ ڪلاڪ اڳ نوڪري تان ڀڄي وڃو، اهو حال آهي مسيحائن جو. ڊاڪٽري واري پيشي کي “ نوبل” ڪوٺيو ويندو هيو، ان جو ڇا ٿيو؟ ڊاڪٽري جي پڙهائي شروع ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر هڪ قسم کڻندا آهن جنهن کي “ هپو ڪريٽڪ اوٿ” چئبو آهي، ان ۾ به اهو لکيل آهي ته ڊاڪٽر ٿي مريضن ۽ پنهنجي پيشي سان سچا رهنداسين ، ان قسم جو ڇا ٿيو ؟ ڊاڪٽري جهڙي نوبل پيشي کي به اسين ڪپڙي ۽ پنسار جي دڪان وانگر هلائڻ لڳيا آهيون.هڪ ڏينهن جيڪب آباد ۾ مان هڪ هم ڪلاسي جي ڪلينڪ تي ويس، هڪ سفيد ڪپڙن ۾ بظاهر پڙهيل ڪڙهيل وچولي عمر جو ماڻهو آيو چيائين معدي ۾ سور آهي. مون واري هم ڪلاسي نه هم ڪئي نه تم پنهنجي ڪمپائونڊر کي ٻه انجيڪشن ڀري اچڻ لاءِ چيائين ، هڪ ڳاڙهي، هڪ اڇي ۽ همراهه کي چيائين قميص جي ٻانهن مٿي ڪر. همراهه پڙهيل هيو يڪدم چيائين ڊاڪٽر سئي کان سواءِ ڪم نه هلندو. ڊاڪٽر چيو چڱو هڪ سئي هڻان. هڪ سئي هڻي نسخو لکيائين ۽ همراهه کان 200 روپيا وٺي ڇڏيائين. مريض جي وڃڻ کانپوءِ  مون چيو مانس ته هن کي سئي جي ته ضرورت ئي ڪونه هئي، گوريون ڪافي هيس، ڊاڪٽر وراڻيو ته جيڪڏهن سئي نه هڻانس ها ته نسخو وٺي مهرباني چئي بغيرپئسن ڏيڻ جي هليو وڃي ها، سئي هڻڻ ڪري 200 روپيا ڏئي ويو. مون چيو پئسن لاءِ ايترو غلط ڪم، چيائين ڇا ڪجي ايمانداري تي هلبو ته بُک مربو.هاڻ اخلاقيات ڪٿان جي، ڏوڪڙ سڀ ڪجهه آهن، تنهن ڪري اسان جي ڊاڪٽرن جا خيال به اهڙا ٿيا. اسانجا آئيڊيل عبدالستار ايڌي ۽ اديب رضوي نه پر اهي ڊاڪٽر ۽ ماڻهو آهن جيڪي پئسو گهڻو ٿا ڪمائين. سکر شٻلاڻي سينٽر ايس، آءِ يو ٽي ۾ ڪيترائي مريض ڪرايو خرچ ڪرڻ جي قابل ڪونهن، ڪراچي پهچڻ ته پري جي ڳالهه آهي،مون سو چيو ته ايڌي ايمبولينس وارا اهڙن مريضن جي مدد ڇو ڪونه ٿا ڪن. يا وري اهڙا ادارا سنڌ جي ٻهراڙي ۾ قائم ڇو ڪونه ٿا ڪيا وڃن.

سرندي وارا ته سنڌ ۾ به کوڙ آهن، هندو سيٺ اڳ ۾ اهڙا خير جا ڪم ڪندا هئا. مسافرخانا ٺهرائيندا هئا. اسڪول ۽ ڪاليج کوليندا هئا.لنگر هلائيندا هئا، هاڻي اهي سيٺ ڪٿي آهن؟ هندن کي اڳتي اچڻ گهرجي، ايڌي جهڙي ڪا ايمبولينس سروس قائم ڪرڻ گهرجي پر اها مريضن ۽ ضرورتمندن کي مفت سهولت پهچائي، وڏيرا ۽ زميدار به سنڌ ۾ کوڙ آهن، انهن کي اڳتي اچڻ گهرجي، ڌنڌوڙي ۽ ڊاڪٽر به خوب ٿا ڪمائين، اهي به ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهن ٿا. ٻيو مسئلو جيڪو مون سکر ايندي ايندي ڏٺو اهو آهي گهڻا ٻار، سراسري طور اٺ ٻار هر خاندان ۾ آهن، 12 ۽ 14 ٻار به ٻڌم. هڪ غربت ٻيو ايترا ٻار انهن جي سارسنڀار ڪيئن ٿيندي؟ سنڌ جي ماڻهن جو هڪ وڏو مسئلو تيزي سان وڌندڙ آبادي به آهي، وسيلا گهٽ آهن، آدمشماري گهڻي آهي، خانداني منصوبا بندي وارا چون ٿا ته ماڻهو هاڻ وڃي ان ڳالهه تي پهتا آهن ته 5 ٻارن کان پوءِ ٻار روڪرائبا، اهڙن ماڻهن جو تعداد به ڪو گهڻو ڪونهي.اسان کي آبادي جي وڌندڙ مسئلي کي به ڏسڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اسين وينداسون پوئتي پوندا.هڪ طرف ته گهڻا ٻار آهن، ٻي طرف ڪجهه بدنصيب جوڙا اهڙا به آهن جن کي اولاد ڪونه ٿو ٿئي ، اهڙي ئي هڪ عورت چڪاس ڪرائڻ ۾ آڻي چيائين ٻار ڪونه ٿو ٿئي ۽ چيائين ته منهنجا ٽيسٽ ٺيڪ آهن، چيو مانس ته پنهنجي مڙس جا ٽيسٽ ڪراءِ، چيائين ته هو ڪونه ٿو ڪرائڻ چاهي، جڏهن ته  طبي سائنس مطابق ٻارپيدا نه ٿيڻ ۾ 50 سيڪڙو هٿ مرد جو هوندو آهي ۽ اسان وٽ اهو تاثر آهي ته مرد ۾ اهڙي ڪاخرابي ڪونهي ٿيندي، مون اهڙا مرد به ڏٺا آهن جن اهو سوچي ٻي شادي ڪئي ۽ پنهنجا ٽيسٽ نه ڪرايا. نتيجي ۾ هڪ ٻئي معصوم جي زندگي به خراب ڪيائون، جڏهن ته خرابي مرد ۾ هئي. اسانجي ملڪ ۾ 8 سيڪڙو ماڻهو ٻار پيدا نه ڪري سگهڻ واري خرابي ۾ مبتلا آهن، انهن مان 50 سيڪڙو مرد ذميوار هوندا آهن،انهن جو 90 سيڪڙو علاج جي لائق هوندو آهي ۽ 10 سيڪڙو جو مسئلو ٿورو ڳنڀير هوندو آهي . پاڪستان ۾ اهو مرض تيزي سان وڏندو پيو وڃي پر بدقسمتي سان سرڪاري کاتي ۾ ان جي علاج جو ڪو جوڳو بندوبست  ڪونهي. هڪ ٻي تحقيق مطابق سنڍپڻو 40 سيڪڙو مردن ڪري 40 سيڪڙو عورت ڪري 10 سيڪڙو ٻنهي مرد ۽ عورت ڪري ۽ 10 سيڪڙو جي خبر ڪونهي. نوجوان شرم ۽ حياءُ ڪري ڊاڪٽرن وٽ ڪونه ويندا ۽ غير سند يافته طبي عملي جي ور چڙهي ويندا آهن، اهي اڻپڙهيل غير سند يافته،  “ طبي ماهر ”  ڪنهن کي ڪشتا ۽ اسٽريرائيڊ ڏيندا آهن جيڪي انهن جي گردن کي خراب ڪندا آهن ۽ ٻار پيدا ڪرڻ واري سگهه کي وڌيڪ متاثر ڪندا آهن، مردن ۾ ٻه اهم مسئلا هوندا آهن پهريون مرداڻو ٻج هوندو آهي ۽ ٻيو ٻج ٺهندو  هجي پر ٺهڻ واري هنڌ کان مرداڻي عضوي تائين پهچڻ واري رستي تي ڪٿي بندش هجي. ٻيا سبب کي ڌڪ لڳڻ، رتو بتون متاثر ٿيڻ، ڄم واري مرداڻي سرشتي ۾ خرابي، ڳلن جي سوڄ ڄم واري سرشتي جي ٽي بي بلڊ پريشر جون دوائون ۽ السر وغيره کاڌي پيتي، ورزش نه ڪرڻ سگريٽ جي عادت، اسٽيروائڊ، شراب ۽ ٻاڦ وارو تڙ (Steam Bath) اهو سڀ ڪجهه سبب آهي.

اسٽيرائيڊ لاءِ ٻڌائڻ ضروري  ٿو سمجهان ته اسان جا جنرل پريڪٽشن اها دوا تمام گهڻي استعمال ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته مرض جون نشانيون جالدي ختم ٿينديون آهن، مريض عارضي طور خوش ٿي ويندو آهي، مرض چاهي ختم ٿئي يا نه پر ان دوا جا نقصان تمام گهڻا آهن، وڏي سفر وارو ڊرائيور ۽ گهڻي اَس ۾ ڪم ڪرڻ وارو به ننڍ پڻي ۾ وڌيڪ مبتلا ٿيندا آهن، مردن ۾ ٻار پيدا نه ڪري سگهڻ جا ڪجهه ٻيا سبب آهن. جهڙوڪ تمام گهڻي ورزش جنهن ۾ ايڊر ايسٽيراڊ رتوبت (Harmone ) پيدا ٿينديون آهن جنهن ڪري مرداڻي رتوبت (Tegtosrone) جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي،. وٽامن سي (C ) ۽ زنڪ جي خوراڪ ۾ گهٽتائي سختي سان چنبڙيل ڪڇو (Underwar) جنهن ڪر مرداڻي گولين جو گرمي جو درجو وڌي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ مرداڻو ٻج گهٽ پيدا ٿيندو آهي، ماحولياتي گدلاڻ جهڙوڪ جيوڙا مار دائون، رنگ (Paint) شيهو (Lead) شعائون نيوڪليئر تابڪاري. مادا جهڙوڪ مرڪيورسي، بينزين، بورون، ڳورا مادا، خوراڪ جي ڪمي، خون جي ڪمي ۽ گهڻي ذهني پريشاني وغيره به ڪجهه سبب آهن. انهن سببن جي علاج سان ۽ فيبل آڻڻ سان بهتري اچي سگهي ٿي، موٽاپو به ٻار پيدا نه ڪرڻ جي سگهه کي گهٽائي ٿو. آنورا مان خون واپس کڻي ويندڙ نسن جي سوڄ (Yaricocde) آنورا جو گهمي وڃڻ (Testicnlar/ Torsion) به سبب ۾ شامل آهن. جينياتي (Genetic) خرابيون به سبب طور ڄاڻايو ويون آهن. جينياتي سائنس هاڻي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اڳتي هلي ڄم کان اڳ ئي ماءُ جي پيٽ ۾ جين کي ڪم ۾ آڻيندي، ڪيترين ئي بيمارين کي روڪي سگهجي ٿو، ڪلن فيٽر سنڊروم Klinefolters syndrome) ( اها به هڪ جينياتي خرابي آهي،. جنهن ۾ جسم جي هر گهرڙي ۾ ٻه ايڪس (X) ڪرو موسوم ٿيندا آهن، ان ۾ مرد جا آنورا ۽ ارهه (Breast) وڏا ٿي ويندا آهن، ان بيماري کي جيڪڏهن شروع ۾ ئي پڪڙيو وڃي ۽ ان جو علاج ڪيو وڃي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. مني جو ٻاهر خارج نه ٿيڻ ۽ ان جو مثاني ۾ واپس وڃڻ به سبب ۾ شامل آهن، اڳ ۾ اهو چيو ويندو هيو ته مرداڻو سنڍپڻو 90 سيڪڙو نفسياتي مسئلي ڪري ٿيندو آهي، پر هاڻ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته 90 سيڪڙو مردن ۾ ڪو نه ڪو سبب ضرورو هوندو آهي، ڇو ته گذريل 100 سالن ۾ سڌريل دنيا ۾ ماڻهن ۾ ٻار پيدا ڪرڻ واري صلاحيت گهٽ ٿي آهي، سماجي طور تي مرد جيئن ته پاڻ کي طاقتور سمجهندو آهي، تنهن ڪري هو ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي چڪاس ڪرائڻ لاءِ تيار ٿيندو آهي، اڪثر هو عورت کي ئي ان جو ذميوار سمجهندو آهي. تحقيق کاڌي پيتي ۾ گهٽ وڌائي کي به ان جو ڪارڻ چئي رهي آهي. چون ٿا ته تازيون سبزيون، مڇي، ڀوراچانور وغيره جهجهي تعداد ۾ واپرائڻ گهرجن، برگر، تريل شيون وغيره نه کائجن، وٽامن بي ٽويلو(B12) زنڪ، وٽامن اي (E) جسم ۾ صحيح مقدار ۾ هجڻ گهرجن.

اڄ ڪلهه سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي، جو اهڙن مردن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، اڄ جا سائنسي طريقا Concept of  Assisted Reproduction Tehinques) جهڙوڪ مرداڻي ٻج ((I UI= Intrauterine Insemination) ۽ عورتاڻي انڊي کي جسم کان ٻاهر ملائڻ (IVF=incineration) شامل آهن. اهو علاج گهڻو ڪري انڊي ۾ (ICSI=Inratctoplossinc) شامل آهن. اهو علاج گهڻو ڪري نجي اسپتالن ۾ مهيا آهي جيڪو گهڻو مهانگو آهي، ان علاج کي سرڪاري اسپتالن ۾ شروع ڪيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي. شادي جي ٻن سالن کانپوءِ جيڪڏهن ٻار ڪو نه ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ زال مڙس ٻنهي کي پنهنجي چڪاس ڪرائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته مرد به سنڍ ٿيندا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو