Home / افيئر / آڪٽوپس جي چنبي ۾ ڦاٿل سنڌ
above article banner

آڪٽوپس جي چنبي ۾ ڦاٿل سنڌ

سنڌ ٽُڪر ڪين ٿيندي، ٽُڪر ٿيندا سازشي ،

ٿو وڏي واڪي پُڪاريان ، منهنجي پياري سنڌڙي- عبدالحڪيم “ارشد”

هڪ لک 40 هزار 914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل سنڌي قوم جو تاريخي وطن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت اڄ خطري هيٺ آهي. سنڌ انتظامي لحاظ کان 23 ضلعن، 119 تعلقن، 1100 يونين ڪائونسلن ،1439 تپن ۽ 5871 ديهن ۾ ورهايل آهي. سنڌ ۾ 66 هزار انساني وسينديون آهن جتي لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ 52 لک ماڻهو آباد آهن.

سمنڊ جي ڀاڪر ۾ پکڙيل ڪراچي،

مُنڊي ۾ مڙهيل ڄڻ ڪو پُکراج آ.“ فياض ڏاهري”

3527چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل پکراج، سنڌ جو راڄڌاني شهر ڪراچي انتظامي لحاظ کان ( 5 ضلعن ) 18 ٽائونز، 178 يونين ڪائونسلن، 75 موضن ۽ 6 ڇانوڻين ۾ ورهايل آهي.

ڪراچي شهر ۾ رهندڙ 41.52 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي اردو آهي ۽ اُهي ٻن ضلعن ايسٽ (اوڀر) ۽ سينٽرل (مرڪزي) ۾ اڪثريتي گروپ آهن، جڏهن ته باقي ٽن ضلعن اولهه، ڏکڻ ۽ ملير ۾ اُهي هڪ اقليت آهن.

ڪراچي جي 18.96 سيڪڙو آبادي پشتو ڳالهائي ٿي، 15.64 سيڪڙو پنجابي، 10.64 سيڪڙو سنڌي، 6.34 سيڪڙو بلوچي،4.11 سيڪڙو سرائيڪي ۽ 3.09 ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.باوجود ان جي ته اُردو ڳالهائيندڙ آبادي ( 41.52 سيڪڙو ) شهر ۾ هڪ اڪثريتي گروپ واري حيثيت رکي ٿي پر نه ته اُها غالب اڪثريت آهي ۽ نه اُها تنظيم سندن واحد نمائنده تنظيم آهي جنهن وٽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي توڙي ضلعي حڪومت جي ميئر جي صورت ۾ اُردو آباديءَ سميت سڄي شهر جو سياسي مينڊيٽ رهيو آهي. اهو مينڊيٽ حقيقت نه پر هڪ Myth آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڌرتي ڌڻي ٻين اسٽيڪ هولڊرس سان گڏجي يا اڪيلي سر ان Myth کي ٽوڙين.

منهنجا ساٿي شهيد سپاهين وانگر خاموش آهن-عزيز گوپانگ

سياسي پارٽين، غير سرڪاري تنظيمن ۾ ويٺل ۽ آزاد حيثيت رکندڙ پاڻڀرا ساڃاهه وند توڙي صحافي، بلاگر ۽ “ الوميان” آلاپيندڙ موقعي پرست صوفي اتساهه بدران نراشا پکيڙيندي نظر اچن ته مذمت لهڻن.

سماجي ويب سائيٽ فيس بوڪ تي حڪمران پارٽين  جي ليڊرن جي تصويرن کي ڀونڊا ڏيندڙ هزارين  سنڌي گهڻو ڪجهه تعمير به ڪري سگهن ٿا. هڪ اندازي موجب فيس بوڪ استعمال ڪندڙ سنڌين جو تعداد 60 هزار آهي.ڪنهن به Challenge کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ حڪمت عمليون جوڙي سگهجن ٿيون ۽ انهن کي ڪامياب به ڪري سگهجي ٿو. معرڪي کان اڳ ئي شڪست تسليم ڪرڻ ڪنهن به صورتحال ۾ ناقابلِ قبول ٿيندي ۽ ايئن ڪرڻ سنڌين جو وڙ نه رهيو آهي.

پاڪستان ۾ “ ضابطن هيٺ جمهوريت” ۾ سياسي مينڊيٽ چوري ٿيندو رهيو آهي. ڪراچي ۾ به ڪڏهن صاف ۽ شفاف چونڊ نه ٿي آهي ۽ اتي به مينڊيٽ جعلي ۽ غير نمائنده آهي. ان نام نهاد مينڊيٽ Myth ٽوڙڻ لاءِ گهڻ رُخي حڪمت عملي يقينا قابل عمل ۽ نتيجا خيز ٿي سگهي ٿي.

شهيد سپاهين وانگر خاموش پر Talented منهنجا هزارين ساڃاهه وند محب وطن ساٿي پنهنجي وطن جي وحدت بچائڻ لاءِ جيڪڏهن متحرڪ ٿين ته ڪجهه به ناممڪن ڪونهي.

هَر ماڻهو کي خيال اچن ٿا،

سهڪي صديون سال اچن ٿا،

حالن ۽ احوالن پويان،

ڪائي ٻُرندڙ ٻولي آهي.—  حسن درس

سپنا ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي جا اڳواڻ عقلِ ڪُل ڪونهن، انهن کي سنڌي قوم جي پسند ناپسند جو خيال ڪرڻو پوندو ۽ سياست توڙي چونڊن ۾ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ساڃاهه جي صلاحن تي عمل پڻ ڪرڻو پوندو.

اها ڌرتي، جنهن جا پيٽ ڄاوا پُٽ کري ويا آهن- اَمرگُل

سنڌ جو معاشرو سياسي، اقتصادي ۽ معاشرتي لحاظ کان اڳ ئي ڪيترن ئي طبقن ۾ ورهايل آهي، ڪوشش ڪجي ته ناپسنديدگي ۽ اختلاق جي اظهار ۾ تشدد يا ناشائشتگي جو عنصر نه هجي. جيڪڏهن ڪنهن پارٽي يا اُن جي اڳواڻ سان اختلاف آهي ته سنڌ جي ان کري ويل پُٽ يا ڌيءَ خلاف راءِ جو کليل اظهار يا ان جو سماجي بائيڪاٽ به گهربل نتيجا ڏيندو، جيڪڏهن ڪا اخبار S P L G O يا ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ حڪومتي اشتهار ڇپي ٿي ته ان اخبار جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. اخبار جي مالڪ خلاف اخلاق کان ڪريل زبان ( سابه ڪنهن سوشل ويب سائيٽ تي) استعمال ڪرڻ تربيت جي کوٽ ۽ اخلاقي پستيءَ جو ثبوت ليکي ويندي .

ڪَدُورتن کي ڪورجي،

ڪو حال دل جو اورجي.( شبنم موتي)

سنڌي قوم جي اڪثريت پنهنجي اجتماعي طاقت کان بي خبر آهي. اسان جي ساڃاهه وندن جي اڪثريت پڻ (معذرت سان ) لڪير جي فقير آهي، ساڳيو حال اسانجي سياسي قيادت جو آهي.

چون ٿا “ ڪراچي جي آڪٽوپس” کي برطانيا، آمريڪا ۽ ڀارت جي حمايت حاصل آهي” جيڪڏهن ايئن آهي به سهي ته ڇا اسين چپ ويهي تماشو ڏسندا سين ؟ پهرين ڳالهه ته اها اسٽڊي ٿيڻ گهرجي ته انهن طاقتن جو ڪراچي بابت ڪو منصوبو آهي به يا نه ؟ جيڪڏهن آهي ته ڪهڙو ؟ جن سببن ڪري لنڊن، واشنگٽن يا نئين دهلي ڪراچي جي آڪٽوپس کي اهميت ڏين ٿا. اُهي ڪهڙا آهن ۽ انهن سان ڪيئن منهن ڏجي ؟

نوان ڄام ڄمندا،

نئين راهه رَمندا.( ابراهيم منشي)

سنڌي قوم پنهنجي راڄڌانيءَ کي آڪٽوپس جي چنبي مان ڇڏائي سگهي ٿي، اُن کي Re-Claim ڪري سگهي ٿي. اهو مقصد ماڻڻ لاءِ قومپرستن جي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت پڻ گهربل ڪونه آهي. ڪراچي جي 178 يونين ڪائونسلن مان صرف 15 يونين ڪائونسلن کي Re-Claim ۽ ڪالونائيز ڪرڻ سان اسان هر ڏيهي توڙي پرڏيهي “ منصوبي” تي پاڻي ڦيرڻ جي صلاحيت رکون ٿا.اهو مقصد حاصل ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي اهو آئون ڊيمانسٽريٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

اڄوڪي سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال کي شاعرن جي لفظن ۾ اوهان اڳيان رکان ٿو:

S P L G O :—- پاڇي ناهه ڇڏي ڪا پنهنجن،

ذڪر ڪجي ڇا بيگانن جو. —- عبدالڪريم پلي

ذوالفقار آباد:——بشير شهر به پنهنجا ته ڳوٺ ڀي پنهنجا،

اسان کي ڪهڙي ضرورت اڏيون نيون جايون.—– بشير مورياڻي

اَٿاهه غربت:—– هڪ ماني جي قيمت عصمت،

ڳوڙها تارن ڳاڙيا ته هوندا. ——— غلام رباني آگرو

ڪارو ڪاري :—– سُريت لاءِ ته ماڙي آهي،

ڀيڻن ڪاڻ ڪهاڙي آهي.———-عبدالحليم جوش

قتل وغارت:- — لاش ڪيڏا ٿا ڪرن،

آڪاش جيڏا ٿا ڪرن.——-حسن مجتبيٰ

N G O s :— حق ٻين جا هڙپ ڪري ويهن،

سي شريفن ۾ ڇا شمار ڪريون.—الطاف اثيم

هندن سان ڪلور:– اوهان ڪُنب، ڪشمور، مورو ڇڏي ويا،

سجاول، سرهاڙي، بٺورو ڇڏي ويا،

اوهان جاٽ، جاتي، پٿورو ڇڏي ويا،

اوهان ڍٽ، ڍيليار، ڍورو ڇڏي ويا.—محمد خان مجيدي

ساڃاهه وندن جي بي حسي :—احساس بنا ماڻهو،

اخبار پراڻي آ.— اياز گُل

منهنجي تجويز آهي ته سنڌ جي عظيم تر قومي مفاد ۾ سنڌ جي سول سوسائٽي، وطن دوست سياسي قيادت جي رهنمائي ڪري.سنڌ جا سمورا ساڃاهه وند، ليکڪ، شاعر، دانشور، صحافي ۽ N G Os ۾ ويٺل مڊل ڪلاس جا نمائندا پڙهيل لکيل Self Made فرد هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏين، اختلاف راءِ کي دشمني يا بي عزتي نه سمجهن ۽ اعليٰ آدرشن خاطر پنهنجو گهربل تاريخي ڪردار ادا ڪن. سنڌ جي شاهڪار تخليق ۾ اُهي قدرت جا لڳل رنگن جا خوبصورت اسٽروڪس آهن ۽ اسان انهن مان ڪنهن جي به عدم دلچسپي ۽ عدم شرڪت افورڊ نٿا ڪري سگهون.

وطن دوست سياسي قيادت پنهنجو ۽ عوام جو وقت، پئسو ۽ توانايون مروج لا حاصل احتجاجي طريقن ۾ برباد ڪرڻ بدران نتيجا ڏيندڙ سرگرمين ۽ Initiatives ۾ لڳائين.

“ امداد فائونڊيشن ۽ خدمتِ سنڌ فائونڊيشن ” سنڌ جي هر تعلقي ۾ پنهنجي موجودگي 119 ڏينهن ۾ يقيني بڻائين ۽ عوام جا اهنج گهٽائڻ لاءِعملي قدم کڻن.

اسين جنهن دنيا ۾ رهون ٿا اُها انسان ذات جي گڏيل آئيڊياز (تصورن) جي نتيجي ۾ موجوده شڪل ۾ موجود آهي.اسان مان هر هڪ وهڪرن جي اُبتڙ وڃي پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي آهي، جيڪڏهن اسان انفرادي سطح تي خراب حالتن هوندي به پنهنجي لاءِ ڪاميابيون ماڻڻ جي صلاحيت رکون ٿا ته يقيني طور اسان اجتماعي طور تي به ڪاميابيون ماڻڻ جي اهليت رکون ٿا.

هيءُ ليک غير معمولي صورتحال ۾ سنڌ جي ساڃاهه جي ذهنن تي هڪ دستڪ آهي. ڀانيان ٿو ته جيڪو اوهان پڙهي آيا آهيو اهو اوهان جي دل جو آواز به آهي. اهو سوال اسان مان هر هڪ پاڻ کان پڇندو ته “ آئون ڇا ڪري سگهان ٿو ؟” ان سوال جو جواب به اسان کي پاڻ کي ڏيڻو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو