Home / ويندي ويندي / اوباما، اسٽيبلشمنٽ ۽ اسين
above article banner

اوباما، اسٽيبلشمنٽ ۽ اسين

اوباما جي صدر چونڊجڻ تي ڪنهن ڪنهن کي خوشي ٿي ان تي پڪ سان نه ٿو چئي سگهجي ، پر هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته اوباما جي صدر چونڊجڻ سان اسان جي اسٽيبلشمنٽ ۽ تحريڪ انصاف واري عمران خان جون منجيون اونڌيون آهن. کين سندن راند مچندي نظر نه ٿي اچي. آمريڪي ووٽر کين ڌڪ پٽي ويا نه ته مٽ رومني جي شڪل ۾ جارج بش پارٽ ٽو سان سندن ياري جا سهانا ڏينهن موٽي اچڻا هئا.

ڇا آهي ته اوباما وات ڳاڙهو ڇورو آ، کيس هڪ نئين آمريڪي خواب جو ڀوت مٿي تي سوار آهي ان آمريڪي خواب ۾ ملن، ملٽري ۽ ميزائلن بجاءِ سماجي انصاف جمهوريت ۽ واپار جا بُت (( Icon پوڄيا وڃن ٿا. کيس عراق ۾ Neocons جي مڙهيل جنگ وڙهڻ سان دلچسي نه هئي ان ڪري اتان ڀڄي نڪتو. اسامه بن لادن سان ڪئي ٻلي واري راند کيڏڻ سان دلچسپي نه هئي جو ان جي جيجو بلاڙي سان آمرڪين کي ڊيڄاريندو رهي ها، سو اسامه کي مارائي وڌائين. خراب ساک رکندڙ ئي سهي پر پ پ سرڪار کي اسٽيبلشمينٽ جي تيل مهٽ سان آيل ٽڪيڪنوڪريٽ سيٽ اپ تي ترجيح ڏيئي ماسي هيلري هٿان ،”اصل اقتدار ڌڻين“کي نياپا پهچيائين ۽ ڪيري لوگل بل رستي پاڪستان جي سولين ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏنائين هاڻ اهڙي ماڻهو کي رستي تان هٽائڻ لاءِ هڪ ته اسان واري ”صاحبن“ ڀوپن کي هٿ ڪري اوباما کي بنگال جو جادو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪينيا ۾ رهندڙ اوباما جي مائٽن ان جو توڙ ڳولي لڌو. سندن ڪاري جادو جو ڪمال ڪري ڏيکاريو. سئوٽ اوباما وري چئن سالن تائين مخالفن جي هيانو تي مُڱ ڏارڻ لاءِ وائيٽ هائوس پهچي ويو آهي. هي جيڪو اوهان زرداري صاحب کي ڪريڊٽ ڏيو ٿا ته هن اسٽيبلشمنٽ جي تمام تر برعڪس خواهش جي باوجود ايوان صدر نه ڇڏيو، ان جو ڪريڊٽ ماسي هيلري کي ملڻ کپي واشنگٽن کان راولپنڊي ايندڙ نياپو ايترو ته واضع ۽ سگهارو هيو جو هڪ ڀيري لنڊن واري پير به اسٽيبلشمنٽ جي ونگار وهندي چئي ڏنو ته آمريڪا کي جاگيردارن(معنيٰPPP) بجاءِ عوام (معنيٰ اسان جو) ساٿ ڏيڻ گهرجي.


پر هڪ ڳالهه آهي. اهي آمريڪي آهن وڏا استاد. سڄو ڏينهن سيڪيولراز م جي تسبيح سورن ٿا پر جڏهن ڪم ڪار پئي ٿو ته مفادن جي ساهمي ڪڍي بيهي رهن ٿا. سنڌي کڻي ڪيڏا به سيڪيولر ۽ جمهوريت دوست هجن پر ڇاڪاڻ ته سندن مطلب جا ناهن، کين وڌيڪ ڪم ڪراچي وارن يا قبائلي علائقن ۾ پئي ٿو ته اوهان ڏسندئو ته سندس هيانو انهن لاءِ ڦاٽندو هوندو. سچ چوندا آهن ته دنيا مطلب دي هو يار!

سو، اوباما جي اچڻ سان ملڪ جي سويلين ادارن جي ته خوشبختي ٿي. اسان به سويلين بالاستي ۽ خوش آهيون ان ڪري دهل وڄڻ تي اسان به دوسو بڻيا سين، رڳو هڪ ڳالهه آهي ته آمريڪي اسان سنڌين جي چڱن گُڻن کي نظر ۾ رکي اسان لاءِ ڪا پاليسي جوڙيندا يا زمانه گيري ڪندا رهندا ۽ اسان کي ڪم جو نه سمجهي ٻئي پاسي لوڻا هڻندا؟  لڳي ٿو ته صفا صوفي ٿيڻ سان به ڪم نه ٿو هلي، گوڏن تان ڪجهه واري اسان کي به ڇنڊڻي پوندي. پر هڪ ڳالهه آهي. اهي آمريڪي آهن وڏا استاد. سڄو ڏينهن سيڪيولراز م جي تسبيح سورن ٿا پر جڏهن ڪم ڪار پئي ٿو ته مفادن جي ساهمي ڪڍي بيهي رهن ٿا. سنڌي کڻي ڪيڏا به سيڪيولر ۽ جمهوريت دوست هجن پر ڇاڪاڻ ته سندن مطلب جا ناهن، کين وڌيڪ ڪم ڪراچي وارن يا قبائلي علائقن ۾ پئي ٿو ته اوهان ڏسندئو ته سندس هيانو انهن لاءِ ڦاٽندو هوندو. سچ چوندا آهن ته دنيا مطلب دي هو يار!

سو، اوباما جي اچڻ سان ملڪ جي سويلين ادارن جي ته خوشبختي ٿي. اسان به سويلين بالاستي ۽ خوش آهيون ان ڪري دهل وڄڻ تي اسان به دوسو بڻيا سين، رڳو هڪ ڳالهه آهي ته آمريڪي اسان سنڌين جي چڱن گُڻن کي نظر ۾ رکي اسان لاءِ ڪا پاليسي جوڙيندا يا زمانه گيري ڪندا رهندا ۽ اسان کي ڪم جو نه سمجهي ٻئي پاسي لوڻا هڻندا؟  لڳي ٿو ته صفا صوفي ٿيڻ سان به ڪم نه ٿو هلي، گوڏن تان ڪجهه واري اسان کي به ڇنڊڻي پوندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو