Home / افيئر / بجلي گهرن کي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ واري مامرو وفاقي بيوروڪريسي طرفان ٿر جي ڪوئلي خلاف هڪ ٻي سازش
above article banner

بجلي گهرن کي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ واري مامرو وفاقي بيوروڪريسي طرفان ٿر جي ڪوئلي خلاف هڪ ٻي سازش

 

 

ٿر جو ڪوئلو جنهن کي عام طور تي ڪارو سون چيو وڃي ٿو، هڪ اندازي موجب اهو ڪوئلو سئو سال تائين پاڪستان کي نه رڳو گهڻي مقدار ۾ بجلي مهيا ڪري سگهي ٿو، پر هي ملڪ بجلي درآمد ڪرڻ ۾ به پنهنجو نالو دنيا جي ڪجهه بجلي درآمد ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪرائي سگهي ٿو، پر افسوس جو هن ڪوئلي کي ڪڍي استعمال لائق بڻائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ماضيءَ ۾ ورتيون ويون۽ جيڪي ڪوششون هن دور جي سنڌ حڪومت ورتيون آهن، انهن ڪوششن کي تين وال ڪرڻ لاءِ وفاقي بيورو ڪريسي عالمي تيل جي لابي ۽ ٻيون ڌريون  هر ممڪن قدم کڻي رهيون آهن.

ڪجهه هفتا اڳ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل هڪ اهم گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته ملڪ جا سمورا بجلي گهر ۽ ٻيا پلانٽ ڪوئلي تي منتقل ڪيا وڃن، اهڙي فيصلي کان پوءِ انٽرنيشنل آئل لابي وفاقي بيورو ڪريسي ذريعي هڪدم سرگرم ٿي وئي ۽ ان ئي فيصلي تحت امداد/قرض فراهم ڪندڙ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهن کي به  گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته جيئن حڪومت اهڙي فيصلي کان پوءِ ڪو ٻيو فيصلو ٿر ڪوئلي جي حوالي سان نه ڪري ويهي. جيتوڻيڪ انٽرنيشنل آئل لابي ۽ فيڊرل بيورو ڪريسي جي ڇهين جِس صحيح ڪم ڪري رهي هئي، ڇاڪاڻ ته صدر زرداري جي گڏجاڻي ۾ ٿيل اهڙي اهم فيصلي کان پوءِ سنڌ ڪول انرجي بورڊ جي گڏجاڻي اسلام آباد ۾ وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ جي ڪول ۽ انرجي ڊپارٽمينٽ جي نمائندن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

ان گڏجاڻي ۾ موجود ذريعن “افيئر” کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جا نمائندا وزيراعظم کي اهو فيصلو ڪرڻ تي راضي ڪري ويا ته بجلي گهر کي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ واري مشينريءَ ۾ اهڙو ٽيڪنيڪل سيٽ اپ ٺاهيو وڃي ته جيئن 2015 تائين نڪرندڙ ٿر واري ڪوئلي کي ان مشينري ذريعي ڪارآمد بڻائي سمورن بجلي گهرن کي ٿر جي ڪوئلي وسيلي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ملي سگهي.

گڏجاڻي گڏيل طور تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪا مشينري برآمد ڪئي وڃي، اها اهڙي هجي ته جيئن فلحال برآمد ڪيل ڪوئلي تي بجلي گهر هلايا وڃن ۽ پوءِ 2015 تائين نڪرندڙ ٿر واري ڪوئلي کي ان مشينري ۾ فٽ ڪري بجلي گهر هلايا وڃن، پوءِ بجلي گهر ٿر جي ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪري سگهن.

گڏجاڻي ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته جينڪو (GENCO) هولڊنگ ڪمپني سنڌ حڪومت سان ان سلسلي ۾ هفتي اندر معاهدو پڻ ڪندي ته جيئن اها ڳالهه رڪارڊ تي اچي سگهي.

پر اسلام آباد ۽ سنڌ حڪومت جي انتهائي ويجهن ذريعن “افيئر” کي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ ٿيل ان اهم فيصلي موجب جينڪو هولڊنگ ڪمپني سنڌ حڪومت سان لڳ ڀڳ ٽي هفتا گذرڻ باوجود معاهدو نه ڪيو آهي، جيڪا سراسر آئيني ۽ قانوني خلاف ورزي پڻ ٿئي ٿي.

ذريعن ان حوالي سان وڌيڪ اهو ٻڌايو آهي ته جڏهن سنڌ حڪومت اهو محسوس ڪيو ته جينڪو هولڊنگ ڪمپني صوبائي حڪومت سان ايگريمينٽ ڪرڻ لاءِ ٽال مٽول ڪري رهي آهي ۽ لنوائي رهي آهي ته ان ڳالهه کي سامهون رکندي سنڌ جي وزير سيد قائم علي شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم راجا پرويز اشرف کي هڪ خط روانو ڪيو آهي، جنهن جي ڪاپي “افيئر” وٽ موجود آهي.

خط جي متن موجب  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وزيراعظم راجا پرويز اشرف کي لکيو آهي ته اوهان جي صدارت ۾ ٿيل سنڌ ڪول ۽ انرجي بورڊ جي گڏجاڻي واري فيصلي تحت جينڪو هولڊنگ ڪمپني کي سنڌ حڪومت سان ٿر ڪوئلي جي حوالي سان هڪ هفتي اندر ايگريمينٽ ڪرڻو هو، پر جينڪو هولڊنگ ڪمپني اڃا تائين اوهان جي ڪيل فيصلي تي عمل نه ڪري رهي آهي.

خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته اهڙي ئي معاهدي جي عارضي ڪاپي ڊرافٽ ڪري سنڌ حڪومت جينڪو هولڊنگ ڪمپني جي سي اي او کي پڻ موڪلي ڏني آهي ۽ اهڙي ڪاپي سان گڏ هڪ ريمائنڊر ليٽر به کين اماڻيو ويو آهي، پر ڪمپني طرفان اڃا تائين سنڌ حڪومت کي ڪو به جواب موصول ناهي ٿيو.خط ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي فنڊنگ سان بجلي گهر ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ واري هن تاريخي فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته مشينري اهڙي آندي وڃي جيڪا اڳتي هلي ٿر جي ڪوئلي لاءِ ڪارآمد بڻجي سگهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ملڪي خزاني کي سخت نقصان پهچندو.خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن جينڪو هولڊنگ ڪمپني وزيراعظم جي ٿيل فيصلي تي عمل نه ڪندي ته ان جا اثر ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي فنڊنگ تي به پوندا ۽ ان جو نقصان ملڪ ۽ قوم کي ٿيندو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي نقصان پڻ رسندو.اهڙو خط لکڻ کانپوءِ  به اڃا تائين ڪو کڙتيل نه نڪتو آهي، پر ان جي ابتڙ انٽرنيشنل آئل لابي ۽ فيڊرل بيورو ڪريسي ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۾ ويٺل پنهنجن ماڻهن ذريعي اها ڳالهه ڪرائي رهي آهي ته “ٿر ڪول از ڊرٽي ڪول”.اهڙو جملو ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد م ٿيل هڪ اهم گڏجاڻي ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي هڪ اعليٰ عملدار کان چورايو ويو ۽ پوءِ اها خبر وڏين انگريزي اخبارن ۾ فيڊ به ڪرائي وئي.

انٽرنيشنل آئل لابي ۽ فيڊرل بيورو ڪريسي طرفان ٿر جي ڪاري سون خلاف هي هڪ ٻي وڏي سازش آهي، جنهن ذريعي نه رڳو ملڪي پر عالمي سطح تي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٿر جو ڪوئلو گندو ڪوئلو آهي، جيڪو ڪنهن به استعمال لائق نه آهي ۽ ان تي پئسا خرچ ڪرڻ جو مقصد پئسا ضايع ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ پلاننگ ڪميشن جي هڪ ميمبر ٿر ڪوئلي تي هلندڙ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جي انڊر گرائونڊ ڪول گيسيفڪيشن پروجيڪٽ لاءِ به ائين ئي چيو هو ته ڊاڪٽر ثمر حڪومت کي بيوقوف بڻائي پئسا ڪمائي رهيو آهي، باقي ٿر ڪوئلي ۾ ايترو پوٽينشل نه آهي، ته ان مان بجلي يا گئس پيدا ڪري سگهجي.

سنڌ جي هن بي بها خزاني ٿر جي ڪوئلي خلاف جيڪي انٽرنيشنل آئل لابي تمام گهڻي سرگرم آهي، تي فيڊرل بيورو ڪريسي به هر ممڪن ڪوشش ڪري ان خزاني کي گندو چوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا ڳالهه سيد خورشيد احمد شاه به “افيئر” سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مڃي آهي.سيد خورشيد احمد شاهه ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته ٿر جي ڪوئلي کي ڪارآمد بڻائي ان ذريعي ملڪ ۾ موجود انرجي ڪرائسز کي ختم ڪيو وڃي ۽ سنڌ توڙي ملڪ کي ترقي وٺرائي وڃي ۽ ان لاءِ اسان کي تمام گهڻي سياسي ويڙهه ڪرڻي پئي آهي ۽ لڳي ٿو ته اڳتي ان کان به گهڻي ويڙهه ڪرڻي پوندي.

ان حوالي سان “افيئر” طرفان ڪول اينڊ اينرجي ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري اعجاز خان سان رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن جو چوڻ هو ته حج تي ويل هو، سو کيس معاملي جي مڪمل بريفنگ نه آهي، ان ڪري هو ان تي ڪمينٽ نه ٿو ڪري سگهي.

yasirbabbar@gmail.com

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو