Home / افيئر / ترڪي حڪومت شام سان تڪرار جي پنڌ تي
above article banner

ترڪي حڪومت شام سان تڪرار جي پنڌ تي

 

ترڪي ۾ مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت ريپبلڪن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڪليچدار اورغلو پاڙيسري ملڪ بابت ترڪي جي وزير اعظم رجب طيب اردغان جي روئي تي شديد تنقيد ڪندي چيو آهي ته سندس حڪومت غير علائقائي طاقتن جي آله ڪار آهي. هن پنهنجي پارٽي جي هزارين ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته اردغان 2002 ۾ پاڙيسري ملڪ سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي نعري تحت اقتدار حاصل ڪيو هو پر سندس عمل ان نعري کي ڪوڙو ثابت ڪيو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ ترڪي جا شام سان اختلاف آهن، ايران ، روس ۽ عراق سان اختلاف آهن. ڪهڙو پاڙيسري ملڪ باقي رهجي ويو آهي جنهن سان ترڪي جا سٺا لاڳاپا آهن ؟ هن ترڪي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته سندن موجب شام ۾ جمهوريت ناهي ۽ اهي اتي جمهوريت آڻيندا. هن چيو ته جيڪڏهن ترڪي حڪومت کي جمهوريت سان ايترو چاهه آهي ته پوءِ سعودي عرب ۽ قطر ۾ جمهوريت لاءِ ڪوشش وٺڻ گهرجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو