Home / افيئر / تڪراري مڪاني نظام عوامي مئنڊيٽ کي ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ڪندڙ پيپلز پارٽي
above article banner

تڪراري مڪاني نظام عوامي مئنڊيٽ کي ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ڪندڙ پيپلز پارٽي

مڪاني نظام جي خلاف سنڌي عوام جو رد عمل، ڪاوڙ ۽  حمايت ۾ پيپلز پارٽي جي لٻاڙ،هن سڄي صورتحال ۾ هڪ نئين سنڌ جوجنم ٿي رهيو آهي.سنڌي عوام جي نمائندگي ڪندڙ ۽ ڇهه ڪروڙ سنڌ جي عوام جو مينڊيٽ رکندڙ پيپلز پارٽي کي آخرڪار ڇو ضرورت پيش آئي جو حيدرآباد کي ڪڙو چاڙهي اڌ سنڌ جي پوليس کي حيدرآباد طلب ڪري نوي هزار سيٽن وارو پنڊال سجايو، .اها روايت ته ذوالفقارعلي ڀٽي جي پيپلزپارٽي جي ته ڪڏهن به نه ھئي. پندرهين آڪٽوبر وارو ڏينهن  موجوده پيپلزپارٽي پنهنجي لاء  خود ريفرينڊم ڪرائي تاريخ  ٺاهي ڇڏي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سنڌ دشمن آرڊيننس جاري ڪري کان وٺي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ تائين چڱي طرح پڙهيو ۽ ان کي سنڌ لاءِ ا بهتر قراربه ڏنو. سنڌ جو سُڌ سُماء وارو وزير جنهن جيCapacity ٽي وي چينلزتي اچي سنڌي قوم پرستن کي گهٽ وڌ چوڻ ۽ مينڊيٽ جو ورد ڪرڻ کان وڌيڪ ناهي. اُهو ڇهه ڪروڙ جي انگ ۾ نوي ھزار جي اھميت کان ته ضرور واقف هوندو.جتي ڪروڙن جي آبادي هجي اُتي  هڪ لک ماڻهن جو هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانهي.

موجوده پيپلز پارٽي اهوڀلي وساري ويٺي آهي پر سنڌ جو عوام چڱي طرح ڄاڻي ٿوته  هُنن مينڊيٽ ڪهڙن بنيادن تي ڏنو هو. اهو شهيدراڻي جو ڏنل پارٽي مينيفيسٽو هو جنهن کي اُنهيءَ ڏينهن ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ محترمه سان گڏ دفن ڪيو ويو.جنهن جي خبر سنڌي عوام کي به هاڻي پئي آهي.

پندرهين آڪٽوبر جي ڏينهن۽ مشرف جي ڪرايل ريفرينڊم ۾ صرف هڪ فرق هو، اُن ڏينهن تي پوليس وارا ٺپن هڻڻ ۾ مصروف هئا. پندرهين آڪٽوبر تي پوليس وارا سنڌي نوجوانن کي ٻڌڻ ۾ مصروف هئا.

جيڪڏهن ڳالهه اُصول جي آهي ته پوءِ جهموريت جي علمبردار پارٽي، جمهوريت جي اصولن تي لهي ڇو نه پئي ڳالهائي. هڪڙي پاسي سڄي سنڌ احتجاج ۾ آهي ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي حڪومت احتجاج کي پيرن ھيٺان لتاڙي پئي .ڏهن ڪلاڪن جي  نوٽيس تي آرڊيننس اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي معنٰيٰ ڇا آهي! جن منصوبن ۽ پاليسين تي سنڌ جي ماڻهن کي اعتراض ۽ خدشا آهن اُنهن منصوبن کي لڪايو ڇو پيو وڃي. جهڙوڪ ذوالفقار آباد جو منصوبو آهي. جنهن کي سنڌ جي عوام سان گڏو گڏ ٺٽي مان چونڊيل  ميمبرن کان به ڳجهو رکيو ويوآهي . جيڪڏهن هن سڄي عمل کي چٽو ڪري عوام آڏو آندو وڃي ها .پوءِ عوام پاس يا رد جو فيصلو پاڻ ڪري ها ته اڄ مُنهن ڏيکارڻ لائق ٿين ها. گريجوئٽ اسيمبلي کي اهو به سمجهڻ جي ضرورت آهي ته  ووٽ يا مينڊيٽ ڏيڻ کان پوءِ مينڊيٽ ڏيندڙ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيتن کان محروم نه  ٿي ويندا آهن . ٻئي طرف مينڊيٽ رکندڙ کي اهو حق هرگز نه ملي ويندو آهي ته هو جتي چاهين ۽ جڏهن چاهين ماڻهن کي وڪڻي ڇڏين.ڇاڪاڻ ته جهموريت ِانهن بنيادن تي ناهي  هلندي .

موجوده پيپلزپارٽي جڏهن کان اقتدار جون واڳون سنڀاليون آهن ،تڏهن کان هڪ مفاهمتي ڍڳو پاليوآهي .اهو ڍڳو سنڌين کان سواء باقي سموري ملڪ کي سڃاڻي.ايئن پ پ سنڌ کي انڌن جو ديس سمجهي حڪومت ڪري رهي آهي.ڪنهن به قوم جو پنهجي ڌرتي لاءِ جذبو۽ان لاء سوچڻ ڪو ڏوه ته ڪونهي.اگر سنڌ  جو عوام پنهجي بقا لاءِ سوال ٿو ڪري ته ان تي پ پ جي ليڊرن کي ايڏي ڪاوڙ ڇوٿي لڳي .

پي پي پي حڪومت  گذريل پنج سالن کان سنڌي عوام کي چند نوڪرين ۽ بينظير جي نالي تي ڪجهه  اسڪيمن کانسواءِ ڇا ڏنو آهي. انهن هيئنر تائين جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اهي ڪجهه هن ريت آهن:

· سنڌ جي انتظامي  بنيادن تي ورهاست.

· رات جي اونداهي ۾ سنڌ دشمن آرڊيننس  جاري  ڪرڻ .

· سنڌ دشمن آرڊيننس  کي ڏھن ڪلاڪن جي نوٽيس تي سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ.

· نوي  واري ڏھاڪي ۾ سنڌي نياڻين جي بي حرمتي  ڪندڙ قاتلن جي قبرن تي گل چاڙهڻ

· ذوالفقارآباد جھڙو سنڌ دشمن منصوبو جوڙڻ ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي ڌارين کي وڪرو ڪرڻ.

· 2011۽2010۾ لکين ٻوڏ ستايل سنڌين جي واهر نه ڪرڻ.

· قديم ڪراچي جي وسندي لياري تي آپريشن.

· سنڌي آفيسرن جو ڪراچي ۾ قتلام.

· ڪراچي جي تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن جي بيدخلي.

هاڻي جڏهن سنڌ جو عوام پ پ جا اهڙا ڪرتوت ڏسڻ کانپوءِ پنهنجا نمائندا چونڊيندا .تڏهن  ان ڏينهن سنڌ ۾ هڪ نئين سياسي  سوچ جي شروعات ٿيندي. نمائندي کي  چونڊڻ  وقت  ايجنڊا  ڳوٺاڻو وڏيرو نه پر  سنڌ ۽ عوام هُجڻ گهرجي . ماڻهو بناڪنهن ڊپ جي عوامي احتساب جو دائرو وسيع ڪن .جتي سياستدانن سان گڏ  اهڙن ڪامورن جو به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي جيڪي جڏهن ڪُرسي تي هوندا آهن  ته مفاد پرست ۽ رٽائرٽمينٽ کان پوءِ قوم پرست.اهي ڪامورا سنڌين جي  خلاف ڪيل هر  سازش۽ فيصلي تي خاموشي اختيار ڪري هر ويڌن ۾ حصيدار رھيا آهن.انهن  ڪامورن مان  ڪيترن تڪراري مڪاني نظام جي خلاف آوازاٿاريو ۽ استعيفائون ڏيڻ جي  جرئت  ڪئي.اهو به عوام کي ڏسڻو پوندو.

حقيقت ۾ پيپلزپارٽي جوسنڌ ۾ چاليهن سالن جو ڊگهو سفر پنهنجي پڄاڻي طرف ھوريان ھوريان  وڌي رهيو آهي .جنهن جو اندازو اقتدار جي نشي ۾ چُور ليڊرن کي ناهي ھنن جي مُفاهمتي  ڍڳي  پنهنجي تيز کُرن سان پارٽي جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون آهن.

سنڌ جي ڌرتي پنهنجي ھزارن سالن جي تاريخ۾  ڪئي پيپلزپارٽيون  ڏٺيون ھونديون ۽ ڪيتريون ويساھ  گهاتيون سٺيون ھونديون،پرجڏهن تبديلي  جون تيز ھوائون گهلنديون آهن ته ڪيئي شيون مٽي ۾ تبديل ٿي وينديون آهن.پوءِوري نئين صبح ٿيندي.ڌرتي ساڳئي طرح پنهنجي نئين صبح سان گڏ سفر شروع ڪندي ۽ ھڪ  نئين سنڌ سامهون ايندي .هن سموري صورتحال کي بنا ڪنهن مايوسي جي مثبت اک سان ڏسڻ جي وڌيڪ  گھرج آهي.سنڌي عوام جي ڪاوڙ ۽ ردعمل کي هڪ سياسي تحريڪ جي شڪل ڏيڻ ۽ اُنکي  مضبوط ليڊرشپ جي ضرورت آهي. هڪ اهڙي ليڊرشپ جنهن جي انا سنڌ کان مٿاهين نه هجي .جيڪي نئين سنڌ جي اڏاوت جديد طرز تي ڪري سنڌ جي آواز کي دنيا جي آواز سان ملائي .جتي ووٽ جو فيصلو شخصي ڊپ ۾ نه پر سنڌ سان عشق  ۾ ٿيڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو