Home / افيئر / تڪراري مڪاني نظام ۽ ميڊيا لارڊ
above article banner

تڪراري مڪاني نظام ۽ ميڊيا لارڊ

اردو ميڊيا جي هڪ نام نهاد اينڪر شاهد مسعود جڏهن صدر آصف علي زرداري جي سنڌي ٽوپي پائڻ واري عمل تي اعتراض ڪري اهو چيو هو ته ءِ سندس موجب صدر کي سنڌي ٽوپي پائڻ نه گهرجي“ اهڙو پروگرام جيو ٽي وي نيوز تي نشر ٿيڻ کان پوءِ ان جي جواب ۾ هڪ مشهور اخبار ۽ سنڌي ٽي وي چينل سنڌ ۾ 20 نومبر تي اجرڪ ۽  ٽوپي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو سڏ ڏنو ويو.مذڪوره ميڊيا لارڊ جا ان پٺيان ڪهڙا مفاد هئا ان کي “افيئر” اڳ به نروار ڪري چڪو آهي پر سنڌ سرڪار 19 نومبر تي اجرڪ ۽ ٽوپي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري ان جي سموري پروگرام کي هاءِ جيڪ ڪري سندس ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انهن ڏهاڙن ۾ ان ميڊيائي اداري  ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا. هڪٻئي جي مخالفت ايتري حد تائين وڃي پهتي جو هئي ان ميڊيائي لارڊ ان ڏهاڙي جي مناسبت سان جاري ڪيل سرڪاري اشتهار به نه ورتا صرف ان لاءِ ته سندن پروگرام کي ڌڪ ڇو رسايو ويو؟

ٺيڪ هن وقت سنڌ سرڪار سنڌ ۾ تڪراري مڪاني نظام لاڳو ڪري سنڌ جي وحدت تي ون يونٽ جهڙو وار ڪيو آهي پر ان مفاهمتي تلوار ۾ صرف انهن ٻن اتحادي پارٽين جو ئي هٿ نه هو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ميڊيائي ادارا به سنڌ جي وحدت جو سودو ڪري آيا هئا.سنڌ اسيمبلي ۾ جڏهن اهو آرڊيننس بل جي صورت ۾ منظور ڪرايو ويو. ان کان پوءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي جنهن کي ميڊيا لاڳيتو ڪور ڪيو. جنهن ٽي وي چينل ٻئي سال اجرڪ ٽوپي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي مفادن خاطر لکين روپين جا اشتهار واپس ڪيا هئا انهيءَ اداري مڪاني نظام جي حق ۾ جاري ڪيل ڪروڙين روپين جا اشتهار پنهنجي اخبار ۾ شايع ڪيا. ان سلسلي ۾ هڪ ڪچهري دوران جڏهن ڪنهن دوست نامياري دانشور وسعت الله خان کان سوال ڪيو ته “خبرن جي پاليسي ڌار ٿئي ٿي ۽ اشتهاري شعبو ميڊيا وارن لاءِ هڪ ڪاروبار آهي ڇا اهو اشتهار لڳڻ گهرجي ها يا نه..!؟” وسعت الله خان ڪجهه سيڪنڊ خاموش رهڻ کان پوءِ چوي ٿو ته پڙهندڙ کي ڪا به چڙ ڏياريندڙ شئي اخباري ادارو شايع ڪرڻ جو حق نه ٿو رکي، ڇو ته ان اخبار کي اڪثر اهي ماڻهو ٿا پڙهن جيڪي ان اشتهار ۾ شايع ڪيل مواد جي مخالفت ٿا ڪن. هن هڪ سواليا انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن اخباري مالڪن لاءِ اهو معاملو ڪاروباري آهي ته هو پنهنجي پئسن مان اشتهار ڏئي ٿو جنهن ۾ لکيو ويندو ته اڄ کان وٺي هيءَ اخبار نه پڙهي وڃي ته ڇا اهو ادارو ان اشتهار کي شايع ڪندو..؟ بهرحال اهڙا کوڙ سارا سوال پيدا ٿين ٿا.

اڄ کان ست اٺ سال اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ پنجابي مالڪ جي اخبار ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ اشتهار شايع ڪيو هو ته ان اخبار جو ايڊيٽر پنهنجي مڪمل ٽيم سميت احتجاجن استعيفيٰ ڏئي هليو ويو. پر اڄ سنڌ جي سمورين اخبارن ۾ ڪو هڪ به اهڙو ايڊيٽر نظر نٿو اچي جڪيو ڪاري مڪاني نظام جي حق ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جي مزاحمت ڪري.

تازي صورتحال جي طرف سنڌ ۾ تڪراري مڪاني نظام خلاف ٿيل احتجاجن کان پوءِ سنڌ سرڪار ميڊيا کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهڻي ڀاڱي ان ۾ ڪامياب به وئي سنڌ سرڪار کي ان سلسلي ۾ هڪ آساني پيدا ٿي ته هنن اردو ميڊيا سان ڪو به رابطو نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته اهي اڳ ئي مڪاني نظام جي حمايت ۾ هئا يا وري قومپرستن جي احتجاج کي ڪا خاص ڪوريج نه پيا ڏين تنهن ڪري  اڱارو 2 آڪٽوبر واري شام جو سنڌ جي وڏي وزير اخباري ۽ ٽي وي چينلز جي مالڪن کي سي ايم هائوس ۾ گهرايو هو. ذريعن موجب ان ڳجهه ڳوهه واري ملاقات دوران صوبائي وزير اياز سومرو، آغا سراج دراني، پير مظهرالحق ۽ مراد علي شاهه به موجود هئا. ڪيترائي ڪلاڪ هلندڙ ان گڏجاڻي ۾ آخر ڪار ڪجهه اخباري مالڪ ان ڳالهه تي به راضي ٿيا ته هو مڪاني نظام جي حق ۾ سڌو اشتهار هلائڻ کان بنا پنهنجي پاليسي ۾ نرمي ضرور آڻيندا ۽ ان جي مد ۾ کين رهيل بقايائون جلد وصول ٿينديون نه رڳو ايترو پر اهو به طئي ٿيو هو ته 18 آڪٽوبر ڪار ساز سانحي جي شهيدن جي ڏهاڙي تي کين ڌڙا ڌڙ اشتهار ڏنا ويندا. اخباري مالڪن ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ ٿيل ان رات واري ڊيل کان پوءِ راتو رات اخباري مالڪن جون پاليسيون تبديل ٿي ويون پر اهو سودو سموين اخبارن نه ڪيو ڪجهه سنڌ لاءِ درد رکندڙ اخباري مالڪن ان سودي کي ٺڪرائي به ڇڏيو. 2 آڪٽوبر واري ٿيل ان ملاقات کان ٻئي ڏينهن اوهان 3 آڪٽوبر جون اخبارون کڻي ڏسندئو  ته پتو پئجي ويندو سنڌ جي سودي ۾ ڪهڙا ڪهڙا سوداگر ميدان تي لٿا هئا. واضح رهي ته ان گڏجاڻي ۾ اخباري مالڪن کي گهرائڻ کان اڳ “افيئر ميگزين” کي مڪاني نظام جي حمايت ۾ اشتهار هلائڻ جو مڪمل هڪ پيڪيج مليو هو جنهن کي “افيئر” فوري طور ٿڏي پنهنجي پاليسي کي برقرار رکيو ۽ اخباري مالڪن مان سڀ جا سڀ به سرڪار سان راضي نه ٿيا. ذريعا ٻڌائين ٿا ته سنڌ ٽي وي نيوز کي پاليسي مٽائڻ جو چيو ويو پر اداري کين اهو چيو ته هو جيڪو ٿيندو سوئي ڏيکاريندا ٺيڪ ان جي بدلي ۾ ان ٽي وي چينل جا اشتهار فوري طور روڪيا ويا. گذريل سال 18 آڪٽوبر واري نشريات گواهه آهي ته گذريل سال ان چينل کي وڏي تعداد ۾ اشتهار مليا، پر هن سال تڪراري مڪاني نظام جون خبرون نشر ڪندڙ ۽ ٻيا پروگرام هلائڻ جي ڏوهه ۾ ان ٽي وي چينل جا اشتهار بند ڪيا ويا.

ميڊيا گردي کي نروار ڪرڻ جا اڳ ڪي به طور طريقا يا رستا نه هئا پر هاڻ فيس بوڪ تي به انهن اخبارن کي نروار ڪيو ويو آهي جن سنڌ جو سودو ڪيو، نه رڳو ايترو ڪجهه ٿيو پر سنڌ جي ڪيترن ئي ليکڪن سان به رابطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سنڌ جي قلم ڌڻين حق ۽ سچ کي اڃا به زور ۽ شور سان لکندي پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو