Home / افيئر / جرمني: روما جي مقتولن جو يادگار تعمير
above article banner

جرمني: روما جي مقتولن جو يادگار تعمير

 

جرمني ۾ گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان سينٽي ۽ روما نسل جا ماڻهو ٻي مهاڀاري جنگ دوران پنهنجي قتلام تي پنهنجو يادگار تعمير ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا آهن ان جو سبب نه رڳو سندن قتل عام ٿيڻ بلڪه اڄ به متڀيد جو شڪار هجڻ آهي. نيٺ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ سندن خواهش پوري ٿي چڪي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ جرمني جي چانسلر انجيلا مرڪل نازين  جي هٿان قتل ٿيندڙ روما ۽ سنٽي ماڻهن (خانه بدوشن) جي ياد ۾ برلن ۾ هڪ يادگار جو افتتاح ڪيو. اهو يادگار جيڪو هڪ دائري جي شڪل ۾ پاڻي جو تلاءُ آهي، جرمن پارليامينٽ ويجهو هڪ پارڪ ۾ ٺاهيو ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻي مهاڀاري جنگ دوران 2 لک 20 هزار کان 5 لک تائين روما نسل جا ماڻهو ماريا ويا هئا. افتتاحي تقريب ۾ چانسلر مرڪل کانسواءِ بچي ويندڙ 100 بزرگن ۽ صدر جبوچم گائوڪ به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چانسلر مرڪل جو چوڻ هو ته هي يادگار جوڙي اسان پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي ۽ زنده قومون ئي پنهنجا تاريخي يادگار جوڙائينديون آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو