Home / ڪرنٽ افيئر / حيدرآباد ۾ اديبن جي پهرين ڪانگريس تڪراري مڪاني نظام خلاف دانشور هڪ آواز
above article banner

حيدرآباد ۾ اديبن جي پهرين ڪانگريس تڪراري مڪاني نظام خلاف دانشور هڪ آواز

ڪجهه ڏهاڙا اڳ حيدرآباد جي انڊس هوٽل ۾ سنڌي رائٽرس فورم ۽ سنڌي ادبي سنگت پ پ حڪومت طرفان سنڌ تي مڙهيل تڪراري مڪاني نظام خلاف پهرين ڪانگريس ڪوٺائي وئي. اها ڪانگريس اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽي طرفان سنڌ جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ان نظام خلاف مسلسل مظاهرن کانپوءِ ڪوٺائي وئي هئي. ڪانفرنس ۾ مختلف سيشن رکيل هئا، جنهن ۾ سڄي سنڌ ۽ ملڪ مان سنڌي ڳالهائيندڙ دانشورن، اديبن، شاعرن ۽ ٽيڪنوڪريٽس شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ اڳوڻي مستقل نمائندي حسين هارون جو چوڻ هو ته پ پ حڪومت سنڌ مٿان تڪراري مڪاني نظام مڙهي ڌرتي ڌڻين لاءِ نهايت ڏکي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي نه رڳو مخالفت ڪريون ٿا پر عملي جدوجهد ۾ پڻ گڏ آهيون. قومي اسيمبلي  ميمبر ظفر علي شاهه جو چوڻ هوته ڪارو مڪاني نظام سنڌ مٿان مڙهڻ سراسر عوام کي هرگز نه قبوليو ويندو ۽ ان خلاف پارليامينٽ کان ويندي هر محاذ تي جدوجهد ڪئي ويندي.دانشور ۽ سماج سڌارڪ نصير ميمڻ جو چوڻ هو ته مڪاني ادارن جو سنڌ مٿان ٿاڦيل نظام ٻٽي کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. هن نظام ذريعي جبري طور سنڌي ماڻهن کان سندن وسيلا ڦري نه رڳو ٻين جي جهوليءَ ۾ اڇلايا ويا آهن بلڪه مستقبل ۾ سندن لاءِ ترقي جا گس پڻ بند ڪيا ويا آهن. هن جو چوڻ هو ته اهو نظام عوامي سگهه وسيلي ختم ڪرائي سگهجي ٿو. ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي ڌريون، اديب، دانشور، صحافي ۽ سول سوسائٽي گڏيل جدوجهد ۽ مستقل جدوجهد وارو فارمولا اپنائين.محسن ٻٻر جو چوڻ هو ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي، ان جا وسيلا باقي سڄي سنڌ جي وسيلن کان گهڻا آهن. ان ڪري اهي وسيلا ڌرتي ڌڻين بدران ڪنهن هڪ ڌر حوالي ڪرڻ قطعي طور انصاف تي ٻڌل ڳالهه ناهي، انڪري فوري طور تي اهو ڪارو نظام واپس ڪري عوامي امنگن مطابق نئون مڪاني نظام متعارف ڪرايو وڃي.

مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ هو ته پ پ وارا هروڀرو هوڏ تي قائم آهن، جڏهن ته سنڌ جو عوام ان تڪراري نظام کي رد ڪري چڪو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته  عوامي راءِ جو احترام ڪيو وڃي. ڇو ته سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ دانشور پڻ ان نظام کي مڪمل طور رد ڪري چڪا آهن، جنهن جو واضح ثبوت اديبن ۽ دانشورن جو روڊ رستن تي اچڻ ۽ هي ڪانگريس پڻ آهي. هڪ سيشن ۾ ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان ڳالهائيندي “ افيئر” جي ايڊيٽرعلي احمد رند چيو ته مڪاني نظام جي حوالي سان سنڌي ميڊيا جو ڪردار ڪو گهڻو مثبت ناهي، ميڊيا کي نام نهاد پروفيشنل انداز  کان ٻاهر نڪري پاڻ کي ڌرتي سان ڳنڍڻ گهرجي باقي عمل جو ميدان سجائڻ سياست جو ڪم آهي، ميڊيا جو ناهي، ميڊيا ته هڪ اشتهار جي مار آهي ان ڪري ان مان ڪي گهڻيون اميدون وابسته ڪرڻ نه گهرجن. هن سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي تڪراري نظام خلاف جدوجهد کي خراج پيش ڪندي چيو ته اڄوڪو اجتماع تڪراري مڪاني نظام خلاف هڪ عوامي ريفرينڊم آهي.

مذڪوره ڪانگريس جي مختلف سيشن ۾ مختلف اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل مشتاق ميراڻي ، شوڪت شورو، امان ميمڻ، امان شيخ، ذوالفقار هاليپوٽو، دستگير ڀٽي، انعام شيخ، جامي چانڊيو، آصف بالادي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، خورشيد عباسي، نور احمد ميمڻ، امر سنڌو، عرفانه ملاح، جي اين مغل، مشتاق ڦل، قاضي آصف ۽ ٻين پڻ تقريرون ڪيون. ان موقعي تي سنڌي اديبن ۽ دانشورن طرفان 11، نومبر تي ڪراچي جي پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبلي تائين انساني زنجير ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.

هن ڪانگريس ۾ ناميارن اديبن ۽ دانشورن عطامحمد ڀنڀري، جمن دربدر، حليم باغي، علي بابا، سحر امداد، مريم مجيدي، اظهار سومري، مظفهر چانڊئي، همسفر گاڏهي، ارشاد ميمڻ، شيرين زنئور، آزاد قاضي، مرتضيٰ سيال، رزاق سروهي، پنهل سارئي، شفقت کوسي، شاهنواز راڄپر، حميد سبزوئي، نثار منصور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آخر ۾ هڪ نڪاتي ايجنڊا وسيلي ڪارو مڪاني نظام فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو