Home / افيئر / روانڊا سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو
above article banner

روانڊا سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو

 

 

روانڊا کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل سيٽ لاءِ ميمبر چونڊيو ويو آهي. اها چونڊ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن روانڊا تي پاڙيسري ملڪ ڪانگو ۾ باغين جي مدد ڪرڻ جو الزام آهي. روانڊا سان گڏ 2013 ۾ سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبرشپ حاصل ڪندڙ ٻين ملڪن ۾ ارجنٽائن، آسٽريليا، لڪسمبرگ ۽ ڏکڻ ڪوريا شامل آهن. انهن ملڪن کي اها ميمبر شپ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ مقرر اڪثريت ملڻ کانپواءِ ڏني وئي آهي. هلندڙ هفي گڏيل قومن جي ماهرن جي هڪ رپورٽ ميڊيا کي ملي هئي جيڪا اصل ۾ جاري نه ٿي هئي. ان رپورٽ ۾ روانڊا ۽ يوگنڊا تي اوڀر ڪانگو ۾ سرگرم باغين  جي مدد جو الزام مڙهيو ويو آهي. مذڪوره ٻنهي ملڪن اهڙن الزامن جي ترديد ڪئي آهي. ان رپورٽ جي رد عمل ۾ ڪانگو حڪومت مطالبو ڪيو هوته روانڊا ۽ يوگنڊا تي پابنديون مڙهيون وڃن. رپورٽن موجب اوڀر ڪانگو جي هڪ اترئين صوبي ۾ ويڙهاڪ باغين جي ڪارروائي سبب ٻه لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. اوڀر ڪانگو ۾ 1994ع جي نسل ڪشي کانپوءِ انهي ويڙهه جو سلسلو جاري آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو