Home / افيئر / روحل واءِ کان ڪارونجهر تائين
above article banner

روحل واءِ کان ڪارونجهر تائين

ڀٽ ڌڻي چيو آهي ته “ هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن، ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا”

سو اسان ڪجهه دوست مارئي جي ديس جنهن کي عام طور دردونديءَ جو ديس به چون ان پاسي پنڌ پياسين. ٿريا جيڪي نازڪ نينهن نڀائڻ ڄاڻين، ڳنڍڻ سندن وڙ آهي ۽ ڇنڻ وارو لفظ سندن ڊڪشنريءَ ۾ ئي ناهي. سڄڻن ڏانهن سفر جو بهانو بڻيو جهمپير جو جهونو مڙس سائين رسول بخش درس. روحل واءِ هڪ ننڍو ڳوٺ جيڪو عمرڪوٽ کان ڪجهه ڪلوميٽرن تي آهي. پران ڳوٺ ۾ اهڙا ته دلبر شخص رهن ٿا، جو وڃي ٿيا خير. رومال ڪلهي تي، مٿي تي سنڌي ٽوپي، پيرن ۾ هوائي چپل، شيو وڌيل، ڪپڙا به بنهه سادا سودا، دنيا جي هر ٺاهه ٺوهه کان بنهه آجو. هي شخص ڪير آهي ؟ اهو مڻيادار ۽ ٻاجهارو، شخص آهي جمن دربدر، جنهن جو شعر “ وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو” سائين جي ايم سيد کي روح ۾ رچي ويو هو ۽ سائين جي محفل ۾ جڏهن به جمن دربدر موجود هوندو هو ته سائين کانئس ان شعر ٻڌائڻ جي تقاضا ڪندو هو. هاڻ ته اهو شعر سنڌ جو قومي گيت بڻجي ويو آهي ۽ هر قومي ڪارڪن کي بر زبان ياد آهي. هاڻي ته اهو شعر سائين جي ايم سيد جي مزار ٻاهران داخلي دروازي تي به لکيل آهي، ايئن جمن جون سائين وڏي سان روح رچنديون مئي پڄاڻان به قائم آهن.

روحل واءِ جي مٽيءَ مان ڳوهيل هڪ ٻيو فقير منش شخص جيڪو ،پڻ جمن جو ڀاڻج آهي، اهو آهي حليم باغي، جنهن کي ڄامشوري ۾ پڙهندڙ نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون “ اڙي شهر جانان” جي ڪري ايترو ته سڃاڻن ٿا جو رڳو  شعر پڙهجي ته شاعر جو نالو هو پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏيندا. روحل واءِ جي پٽ تي جهمپير جي ان جهوني جوڳيءَ سان شام ملهائجي رهي  هئي، جنهن کي مون پهرين ايئن ٿي سمجهيو ته رڳو منهنجا دوست حسن درس ۽ مظهر لغاري “ ابو” ڪوٺي مان ڏيندا رهندا هئا/ آهن پر روحل واءِ جي اسٽيج تي ويٺي مون سڀني اديبن ، شاعرن مير حسن آريسر، فراق هاليپوٽو، حفيظ ڪنڀر، حاجي ساند، گلشن لغاري، نواز زنئور، ضراب حيدر ۽ ٻين کي ٻڌو، پر سڀني جو مشترڪه خيال اهو هو ته اسان کي هن شخص ابي وانگر چيچ کان وٺي، ادبي کيتر ۾ آندو نه ته اسان اڄ ان منزل تي نه هجون ها. راڳي شفيع فقير نهايت کري انداز ۾ ٻڌايو ته “ سائين رسول بخش درس رڳو ڪهاڻيڪار ۽ اديب ناهي پر هو موسيقيءَ جو به وڏو ڄاڻو ۽ قدردان آهي، آءُ جڏهن ساڻس مٺي ۾ مليو هئس ته هن مونکي همٿائڻ سان گڏ اهو پڻ چيو هو ته جيڪڏهن سٺو فنڪار ٿيڻو اٿئي ته شفيع فقير ٿي محنت ڪر ٻئي ڪنهن جي ٽور نه هل. ٻئي ڪنهن جي ڇاپ لڳئي ته اُسري نه سگهندين ۽ مون ايئن ڪيو. ان ڪري ئي اڄ مان شفيع فقير جي سڃاڻپ سان توهان آڏو بيٺو آهيان ”

روحل واءِ ۾ رات ٺري ڀٽون ٿڌيون ٿيون ته موسم بنهه دلربا ٿي پئي. هڪ پاسي پنڊال ۾ ٻه اڍائي سو ماڻهو رات جو هڪ وڳي تائين به بنهه خاموشيءَ سان تقريرون ۽ مقالا ٻڌي رهيا هئا ته ٻئي پاسي ڪجهه ڪچهرين جا ڪوڏيا دوست ڀٽن تي ميڙا پڻ مچايو ويٺا هئا.مونکي ٿرين جي اهڙي نظم وضبط تي حيرانگي ٿي رهي هئي، ڇو ته هيلتائين منهنجي مشاهدي ۾ اها ڳالهه هئي ته ٻڌندڙ ڪراچيءَ جا ڀلا ، باقي مڙيوئي خير لڳو پيو آهي. ليڪن هن پروگرام ۾ شرڪت کان پوءِ مونکي پنهنجي راءِ ۾ ترميم ڪرڻي پئجي رهي آهي ته سٺن ٻڌندڙن ۾ ٿريا به ڪنهن کان گهٽ نه آهن. رسول بخش درس سان ملهائجندڙ هن سرهي سانجهه ۾ سڄي سنڌ مان وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جيان دلبر ماڻهو اچي شريڪ ٿيا هئا، نوشهري فيروز مان مولانا عزيز الله ٻوهيو، خيرپور ناٿن شاهه مان قربان ٻگهيو، بخت ٻڙو، مطفيٰ چنا، تاج جويو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ دانشور شريڪ هئا. “ اڄ استادن جو عالمي ڏينهن ملهائجي رهيو آهي، رسول بخش درس هڪ سٺي ڪهاڻيڪار، اديب سان گڏ ايمانداراستاد پڻ آهي. سٺو استاد قوم سنواري ٿو ۽ هن هڪ ٽهي سنواري آهي ان ڪري کيس اهو خراج به پيش ڪرڻ گهرجي. اديب ۽ شاعر غلام حسين رنگريز چئي رهيو هو.

بروبر سڄي سنڌ جا ماڻهو مهمان نواز آهن پر ٿريا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ان جو واضح مظهر رات جو ٻه وڳي تائين به جمن دربدر، هوشو ۽ خالد ڪنڀار طرفان ٻاهران آيل مهمانن جي سار سنڀال هئي، حالانڪ اهي سڀ مهمان سائين رسول بخش درس کي ڀيٽا ڏيڻ آيا هئا پر انهن مهمانن جو اهڙو آڌر ڀاءُ ڪيو جو مهمان سندن گرويده بڻجي ويا. ويجهي ئي ڪنهن ڀٽ تي پلٿي ماري ويٺل ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ ، شفقت کوسي ۽ نثار منصور کي راڳ جي پهرئين آلاپ شروع ٿيڻ شرط ئي رسول بخش درس ياد ڪيو، ۽ همراهه هڪيا تڪيا حاضر ٿي ويا.صادق فقير ۽ شفيع فقير کانپوءِ جڏهن استاد گلزار پڙ تي لٿو ته معمولي خالي ٿيل پنڊال وري ٽٻاٽُٻ ڀرجي ويو، معنيٰ ته ٿريا راڳ جو به واهه جو ذوق رکن ٿا. پنهنجو سنگتي ارباب احسان به سرمحفل موجود هو، استاد گلزار پنهنجي فن سان سڀني ٻڌندڙن کي منڊي ڇڏيو. ايئن اهو سلسو لڳ ڀڳ پرهه ڦٽي تائين هلندو رهيو.

هڪ اهم ڳالهه جنهن جو ذڪر مٿي نه ڪري سگهيس، اُها اِها ته صاحب رهاڻ رسول بخش درس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: دوستن جي مهرباني جو انهن مونکي مان ڏنو، شام ملهائي پر حقيقت ۾  پ پ حڪومت طرفان مڪاني ادارن وارو ڪارو قانون اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ کانپوءِ هي سرهي سانجهه نه پر سنڌ جي شام غريبان آهي، جنهن تي حاضرين کيس تاڙين سان ڀرپور داد ڏنو.

اڳئين ڏينهن صبح جو اسانجي منزل ننگر پارڪر ۽ ڪارونجهر ڏانهن پنڌ هو، اسانجي ميزبان ۽ مهربان دوست ارباب احسان سلام ڪوٽ ڏانهن ويندي اڌ پنڌ دوران رابطو ڪري ٻڌايو ته ننگر ۾ توهان جو آڌر ڀاءُ منهنجو دوست سردار کوسو ڪندو. اڃا سلام ڪوٽ مس پهتاسين ته سردار جو فون اچي ويو چيائين ته آءُ اوهان جي انتظار ۾ آهيان. اسان سلام ڪوٽ ۾ ڍاٻو ڪيو. ارشاد ميمڻ، شفقت ۽ نثار کي مون ٻڌايو ته هي اهو ئي سلام ڪوٽ آهي، جنهن ۾ منهنجو صحافتي استاد سائين عبدالرحمٰن نقاش ڊگهي عرصي تائين رهيو هو. اسان صبح جو نيرن به نه ڪئي هئي، سو دوستن حر هوٽل تي نيرن ڪرڻ جو طئي ڪيو. اتي ڪجهه گهڙيون ويٺاسين، هيٺ روڊ جي ڪنارن تي ٿري ۽ ٿرياڻيون لوهارڪو ڪم ڪرڻ ۾ رڌل هيون. هڪ ڪولهي لوهارڻ کان مون ڦوٽو ڪڍڻ جي اجازت گهري ، ته خاتون انڪار ڪري ڇڏيو. ايئن اسان وري رمتا ٿياسين اڳين منزل ڏانهن.ٿر جا شهر به باقي سنڌ جي شهرن جهڙائي هئا.پر وڏا شهر به باقي سنڌ جي ننڍڙن شهرن برابر مشڪل سان هئا. ٿر صفا سائو چهچ لڳو پيو هو، ڀٽن تي گاهه ۽ گولاڙا نظر پئي آيا. آباديون ڇڊيون آهن، رڳو واري ئي واري ، پوءِ به ٿريا لوڪ ان مٽيءَ سان محبت ڪندي اها جوءِ ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. زراعت نه هجڻ برابر ۽ سندن گذر سفر جو ذريعو ڍور ڍڳا پالڻ ئي آهي.

ٿر جا رستا لتاڙيندي، ساين ڀٽن جا منظر ۽ چونئرا ڏسندي جنهن ڳالهه جو مونکي شدت سان احساس ٿي رهيو هو اها هئي ڪميونيڪيشن ، يعني روڊ رستا، ٿريا ٻڌائين ٿا ته اهي روڊ رستا سنڌ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور ۾ ٺهيا. هاڻي ٿر جو هر ننڍو وڏو شهر روڊ وسيلي ڪراچي ، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ بدين سان ڳنڍيل آهي. واٽرسپلاءِ وسيلي کين پاڻي به مهيا ٿئي ٿو. سماجي سائنسدانن چواڻي ترقي جو تيز ترين گس مواصلات آهي، جيڪا ٿرين کي ارباب جي دور ۾ ميسر ٿي. نه ته اڃا به ٿر سئو ورهيه پٺتي هجي ها. ارباب سان سياسي اختلاف رکڻ پنهنجي جاءِ تي باقي هن جيڪو ٿر کي مواصلات ذريعي ڳنڍي ڇڏيو آهي سندس اهو ڪارنامو ٿري ڪڏهن نه وساري سگهندا. ڇو ته هاڻي ٿر ڪراچي کان ڪلاڪن جو پنڌ آهي ته خيرپور ناٿن شاهه کان به توهان هڪ ڏينهن اندر ٿر تائين پهچي سگهو ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه روڊن جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي،نه ته اوستائين پهچڻ محال هو.

اسان کي ننگر ڏانهن سفر ڪندي رستي ۾ ٻن رينجرز چيڪ پوسٽن تي روڪيو ويو ۽ جهڙتي پڻ ورتي وئي. شهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ واري چڪ پوسٽ تي اسان کي ڊجيٽل ڪيميرا کڻي نه وڃڻ جو ٻڌايو ويو  پر پوءِ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ڇڏيو ويو. شهر اندر هڪ ٻي چيڪ پوسٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪئميرا جو مسئلو اٿاريو ويو پر پوءِ ڇڏيو ويو. ننگر پار ڪر ۾ داخل ٿيندي ئي اتي هلندي ايئن محسوس ٿيو ته هتي ماڻهو ڪنهن اوپن جيل وانگر رهن ٿا. وک وک تي کانئن سيڪيورٽي وارا سڃاڻپ پڇن ٿا. اسان جي ميزبان سردار خان کوسي ٻڌايو ته روڊ جي پرئين پاسي بنگلو آهي ۽ اورئين پاسي اوطاق، اوطاق کان گهر وڃڻ وقت به پڇندا آهن ته ڪٿان ٿا اچو ۽ ڪيڏانهن  ويندوٰ ؟ حالانڪه اسان هتان جا مقامي ماڻهو آهيون.

سيڪيورٽي جا ڀلي کڻي ڪهڙا به اشو هجن، انڊيا  جو بارڊر ڀلي ويجهو ڇو نه هجي پر ايئن ٿر کي جيل خانو بڻائڻ ڪنهن به ريت درست نه آهي، اهڙي روش کان مقامي ماڻهو تنگ نظرآيا. ننگر جي آسپاس ڪارونجهر آهي، جنهن جو ڳاڙهسرو پٿر نهايت خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيو هو. اهو  گرينائيٽ پٿر تمام گهڻو قيمتي آهي جيڪو ڪراچي جا ڪجهه سرمائيدار حڪومت کان ليزون وٺي ڌماڪا ڪري ڪڍن ٿا ۽ پوءِ وڏن ماڻهن جي بنگلن ۾ اهو ماربل طور لڳايو وڃي. اهو نه وسارڻ کپي ته گرينائيٽ کي ٽوڙڻ لاءِ ڪارونجهر جي ڪورتي انهن ڊائنامينٽ ڌماڪن سبب مورن جا هانو ڦاٽي پون ٿا ۽ اهو حساس پکي موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو. اسان پنهنجي ميزبان طرفان ڏنل ماڻهوسان گڏجي ڪارونجهر جي ڪنارن وٽان ٿيندا هڪ قديم مندر ڏانهن پهچون ٿا، جتي اڪثر سياح ايندا رهندا آهن. جتي رستو ختم ٿيو ته اڳيان وارياسي چاڙهي هئي گاڏي مان لهي پنڌ هلڻ لڳاسين ته اڳيان هڪڙا فقيرمنش ٽي شخص اسان کي ڏسي  باجي ۽ ڍولڪ جي سنگت تي مارواڙي لوڪ گيت ڳائڻ لڳا.“ مارا آيو ڙي سنڌسي مهمان” اسان فقيرن کي چيوسين ته واپسي تي اچي ٻڌون ٿا.اڳيان هڪ 10-12 سال جو ڇوڪرو گڏيو جيڪو ذات جو کوسو هو، ان جو چوڻ هو ته مٿي جبل جي چوٽي تي جتي جيئي سنڌ جو جهنڊو لڳل آهي، اوستائين پنجن منٽن ۾ چڙهي ۽ لهي سگهان ٿو. مونکي خرچي ڪرايو ته چڙهي وڃان، شفقت اهو ڪرتب ڏسڻ جو خواهشمند هو، اسان ٻيا دوست ان ڊپ ۾ هئاسين ته ڪٿي ننڍڙو ڊهي نه پوي، ڏکيو پنڌ آهي پر ڇوڪري ٻڌايو ته هن جو روز جو ڪم آهي، هتي سياح ايندا رهندا آهن ۽ هو پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندو رهندو آهي، نيٺ دل ٻڌي چيوسين ته ڀلي وڃ، ڇوڪرو مٿي چڙهڻ لڳو اسان واچ تي وقت ڏسڻ لڳاسين، حيران ڇا سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيائين ،هو پنجن منٽن بدران چئن منٽن اندر چڙهي ۽ لهي به آيو. هڪ هزار فوٽ جي چوٽيءَ تي ايتري مختصر وقت ۾ ننڍڙي ٻار جو  چڙهي وڃڻ واقعي ڪمال فن لڳو. هڪ ٻيو ٻار جيڪو ڪولهي هو ان به آڇ ڪئي ته آءُ به اتيري وقت ۾ چڙهي ۽ لهي ويندو آهيان، مونکي خرچي ڪرايو ته آءُ به جبل تي چڙهي ويندس، پوءِ اسان ٻئي ٻار کي تڪليف ڏيڻ بدران ٻنهي کي خرچي ڪرائي واپس رمتا ٿياسين  ننگر ڏي، چوطرف ڪارونجهر جي وچ ۾ وري فقيرن جو آواز ٻُريو: مارا آيو ڙي سنڌس مهمان…”نثار ۽ شفقت پلٿي ماري ويهي رهيا ٻڌڻ ،آءُ ۽ ارشاد ميمڻ واري جو پنڌ کٽائڻ جي مشق ڪرڻ لڳاسين.ان کانپوءِ جين مندر پهتاسين  جيڪو ننگر شهر ۾ آهي، جين ڌرم جو اهو تمام پراڻو مندر آهي، بنهه تباهه حال هو، اتان ماڻهو مورتيون چورائي به ويا آهن ته نقش نگار ميساري پڻ ڇڏيا اٿن. ايئن پوءِ شهر مان چڪر هڻندا وري اچي ميزبان واٽ ٿاينڪا ٿياسين. اتي اسان کي اها پڻ خبر پئي ته جڳ مشهور سماج سڌارڪ مسڪين جهان خان کوسي جي آخري آرامگاهه به هتي . ڪٿي آسپاس آهي ،مڪين جهان خان کوسو اڄ به سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو ۽ سندن لاءِ اتساهه جو ذريعو آهي پر افسوس جو اڄوڪي سنڌ ۾ سماج سڌارڻ جي نالي ۾ ڌنڌو ڪندڙ دانشور، اڳوڻا سياسي ڪارڪن ۽ مڊل ڪلاسي موقعي پرست ته جام آهن پر ڪو مسڪين جهان خان کوسو ناهي. ايئن اسان مسڪين کي ساريندا، ڪارونجهر جي ڪور تي مور ٽهوڪا ٻڌڻ کانسواءِ روانا ٿياسين ڇو ته اسان وٽ وقت نه هو جو اتي ترسي اهي ٻڌي سگهون ها. وري روانا ٿيون ٿا مٺيءَ لاءِ، دير سوير اچي مٺي پهتاسين. اتي اسان جو آڌر ڀاءُ ڊاڪٽر شنڪر ڪيو. اڳيئين ڏينهن تي مٺي پريس ڪلب ۾ کاٽائو جاني سان ڪچهري ٿي. ف، م لاشاري جو مداح هو، مونکي به ان حوالي سان سڃاتائين پئي ڇو ته مون “ جاڳو” ۽ عوامي آواز وار زماني ۾ ف- م لاشاري سان چڱي عرصي تائين گڏ ڪم ڪيوهو. هنن همراهن مٺي پريس ڪلب ۾ ف ، م لاشاري لائبريري پڻ قائم ڪئي آهي، جس هجين . ان کانپوءِ شفيع فقير جي شاگرد رجب فقير جي مڙهي تي پهچون ٿا، جتي سڀ سنگتي صوفياڻو راڳ ٻڌن ٿا. پوءِ ڊاڪٽر شنڪر، گڊي ڀٽ وٺي وڃي ٿو. جتان لهي کانئس موڪلايون ٿا، ڪراچيءَ ڏانهن، جوڳي نه ڪنهن جا مٽ، سوسڄڻن سان ميل ملاقاتون، ڪچهريون  ڪندي ٿر جو سڳنڌ وٺندي نيٺ اچي پنهنجي ماڳ پهتاسين.

hamsafargadehi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو