Home / ڪور افيئر / سنڌيونيورسٽي: نااهل هن باغ جو مالهي آ
above article banner

سنڌيونيورسٽي: نااهل هن باغ جو مالهي آ

سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن ۽ وائيس چانسلر مغل جي وچ ۾ اختلاف هرگذرندڙ ڏينهن بدکان بدتر ٿيندا ٿا وڃن.شايد ئي ڪو سرڪاري ادارو اهڙو هجي جنهن جي اسٽاف وچ ۾ اختلاف نه هجن پر اهي جڏهن ذاتي ٿي وڃن ته انهي اداري لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن. پروفيسر بشير چنڙ جي ٽارگيٽ ڪلنگ کان پوءِ استادن ۽ انتظاميا وچ ۾ اهڙا اختلاف سامهون آيا آهن جنهن ۾ ٻن کان وڌيڪ ڌريون ملوث نظر آيون آهن. استادن سان سول سوسائٽي ۽ قوم پرست پارٽيون، جڏهن ته وي سي مغل سان وزير تعليم پير مظهر الحق ۽ گورنر هائوس ساٿ ڏيندي نظر اچن ٿا. غورسان  جائزو وٺبو ته 50 کان مٿي ڊپارٽمينٽ ۽ هزارين شاگردن جي مستقبل کي خطري ۾ وجهڻ واري هڪ ئي شخصيت آهي، يعني وي سي مغل !

پاڪستان ۾ جمهوريت جي سڀ کان وڏي دعويدار پاڪستان پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي  قيادت جي اڳيان نه احتجاجن جي اهميت آهي ۽ نه ئي حق ڳالهه جي ! وي سي مغل ۾ اها اخلاقي جُرئت ناهي جو ڪرسي ڇڏي  سنڌ جي هن عظيم درسگاهه تي ڪو پنهنجن آخري ڏينهن ۾ احسان ڪري. نه ئي وري پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وٽ ايترو وقت آهي جو هن اهم مسئلي تي ٿوري دير لاءِ ئي سهي پر ڪجهه سوچين. هو گذريل چئن سالن کان صرف متحده کي راضي رکڻ ۾ ئي مصروف رهيا آهن. جيڪڏهن لطيف آباد جا ڪجهه شاگرد مهراڻ  يونيورسٽي جي انتظاميا خلاف 15 منٽن جو مظاهرو ڪن ٿا ته يونيورسٽي جي انتظاميا کي مجبور ڪيو ٿو وڃي ته اها انهن شاگردن کان معافي وٺي ۽ بروقت انهن جي مسئلي کي حل ڪري . پر سنڌ جي گورنر کي گذريل اٺن مهينن کان ٿيندڙ سنجيده نوعيت جو مسئلو، مسئلو لڳي ئي نٿو ! سنڌ يونيورسٽي جو مسئلو ڪو عام ناهي جنهن کي درگذر ڪري سگهجي- هي سنڌ جي بقاجو مسئلو آهي. ڪجهه گهڙين لاءِ اسان هن اداري کي ڪاٽو ڪريون ته اسان وٽ اهڙو ٻيو ڪو ادارو نه آهي . شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ جتي معياري تعليمي سرگرمين لاءِ اڃا 50 سال ٻيا لڳندا يا ڪراچي يونيورسٽي ؟ جتي سنڌي شاگردن جي ذري گهٽ انٽري بند آهي. باقي ڪو ادارو آهي جتان اسان کي هائيرايجوڪيشن ملي سگهندي ؟ سنڌ يونيورسٽي جا استاد وي سي نذير مغل کي سڄي فساد جي پاڙ  ٿا ڪوٺين، پر ڇاتعليم جو وزير انهي کان وڌيڪ فساد جي جڙ نٿو ليکجي سگهجي ؟ ڇا سنڌ جو موجوده گورنر صرف اردو ڳالهائيندڙ علائقن جو گورنر آهي ؟ اها ڪهڙي شخصيت آهي جيڪا مغل صاحب کي ئي هن عهدي جي اهل ٿي سمجهي ؟

1995ع کان 1998ع تائين نزير مغل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهي چڪو آهي . عاشق جوڻيجو جي سرعام قتل کان پوءِ هن کي هٽايو ويو هو، انهي وقت به ڪجهه شاگرد مغل جا خاص خليفا هوندا هئا ۽ سڄي ڪئمپس ۾ اڇي ڪاري جا ڌڻي هوندا هئا. انهي وقت به مغل غنڊن تي خاص مهربان هوندو هو ۽ هن وقت به ساڳيو ئي طريقو جاري آهي. انهي جو مثال موجوده رجسٽرار محمد نواز ناريجو آهي ۽ سندس جي سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن تي دست شفقت آهي ، جيڪي وي سي آفيس ۾ بنا اجازت جي وڃي سگهن ٿا. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جا استاد اي- سي ٽو ۾ ڪنهن پٽيوالي کان بي عزت ٿي سگهن ٿا. ڪو عام فهم ماڻهو به انهي ڳالهه جو اندازو ڪري سگهي ٿو ته جنهن ڪئمپس يونيورسٽي ج۾ هڪ سال ۾ 230  ايف آءِ آر رجسٽرڊ ٿينديون هجن انهي جاءِ تي ڪهڙو معياري تعليمي ماحول جُڙي سگهي ٿو ؟

جيڪڏهن مغل کي 1998ع ۾ هن اداري مان هٽايو ويو هو ته پوءِ اهي ڪهڙا سبب هيا جن جي ڪري کيس ٻيهر تڪليف ڏني وئي ۽ ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته مظهر الحق صديقي کان به بهتر يا گهٽ ۾ گهٽ انهي جي معيار جو اهڙو شخص هن اداري کي ڏنو وڃي ها. مغل جي مقرري جي پويان ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا- جن ۾ هن جا پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان “ خاص” ۽ ويجها واسطا، ويهن (20) کان مٿي اسيمبلي جا ميمبر جن هن اداري  مان ڪوڙيون ڊگريون ورتيون کي بچائڻ، گورنر جي چوڻ تي يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ ته جيئن حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ هڪ جديد يونيورسٽي جو قيام ممڪن بڻائڻ، انهن استادن کي ذهني طور مفلوج بڻائڻ جيڪي حقيقتون لکن يا ڳالهائن ٿا وغيره.

هن سال جي 2 جنوري تي پروفيسر چنڙ جو قتل ٿيو ۽ 21 فيبروري تي مغل کي جبري موڪل تي موڪليو ويو –پر وائيس چانسلر پروين شاهه جيڪا ايريا اسٽڊيز سينٽر جي ڊائريڪٽر پڻ آهي، ان کي عارضي طور وي سي جي چارج پڻ ڏني وئي جنهن پنهنجي تقريبن چئن مهينن جي دورِ حڪومت ۾ هن اداري جو حشر نشر ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ ائين ڇو نه ڪري ها ڇو جو کيس اها ڪرسي مستقل بنيادن تي حاصل ڪرڻي هئي. محترمه جي Capcity جو اندازو انهي ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته هوءَ هڪ عدد ليٽر انگريزي ۾ لکڻ جي به لائق ناهي… اهڙي قسم جي نااهل ماڻهن سان هيڏا وڏا تعليمي ادارا هلندا آهن ؟ جيڪڏهن مغل جي ذهنيت ۽ پروين شاهه جي ايپروچ وارا جن ادارن جا سربراهه هوندا انهي جا شاگرد ڪهڙن ادارن جي شاگردن سان مد مقابل ٿي سگهندا؟ مغل جي جبري رخصتي کان پوءِ استادن سک جو ساهه پٽيو ۽ سمجهيائون ته مغل جي وري موٽ مشڪل آهي ۽ ڪجهه استادن ۽ اسٽاف جي ماڻهن مون کي ٻڌايو ته پروين شاهه جي “ اهليت” کان واقف ڪجهه استادن خوب مراعتون ورتيون ۽ جون جي آخري ڏينهن ۾ مغل پرائيوٽ گارڊز جي هجوم سان ڪئمپس ۾ داخل ٿيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي گارڊ رجسٽرار ناريجو جي ويجهي مائٽ جيڪو خيرپور جو بدنام زمانه ڌاڙيل نظرو ناريجو جا ساٿي هئا، کيس وي سي هائوس تائين پهچايائون. انهي سيڪيورٽي جو هڪ خاص سبب هيو ته يونيورسٽي جي استادن کي خوف ۾ مبتلا ڪجي. مغل ايندي ئي اڳ ۾ رٿيل موڪلن کان 11 ڏينهن اڳ گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو ته جيئن ڪنهن تحريڪ کي هٿي نه ملي. هن استادن ۽ ٻي اسٽاف کي دعوت ڏني ته اچو ته گڏجي اداري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو . هن انهن کي اهو به يقين ڏياريو ته هنن جا سڀ مسئلا صرف ڏهن ڏينهن ۾ حل ڪيا ويندا. هن ترت پوءِ اها به دعويٰ ڪئي ته 35 مان 31 مسئلا حل ڪيا ويا آهن.

جيڪڏ هن واقعي وي سي صاحب هن اداري سان مخلص هيو ته ڇو نه انهي واقعي جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتائين  جنهن  ۾ امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح تي رات جو ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ جولاءِ ۾ حملو ٿيو ؟ هو ڇو انهي ڳالهه جو نوٽيس نٿو وٺي ته استادن جي تنظيم جي صدر اظهر شاهه جي گهر تي 29 سيپٽمبر جي رات جو فائرنگ ڪئي وئي ؟استادن جي سڄي جدوجهد ۾ سنڌي قومپرستن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن کين پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي، احتجاجي مارچ، مظاهرن کان سواءِ هن انتهائي سنجيده مسئلي تي لکيو ويو آهي. پر مجال آهي جو اختيار ڌڻين جي ڪن تي ڪا جونءِ سري ! استادن طرفان نه صرف گورنر بلڪه صدر آصف علي زرداري کي به خط لکيا ويا آهن جن ۾ مغل جو ڪارو چٺو بيان ٿيل آهي، رحيم يارخان جي موچي جو پُٽ جيڪڏهن ميٽرڪ ۾ Top ٿوڪري ته وزير اعظم کان وٺي بلاول ڀٽو زرداري تائين سڀ انهي ڳالهه جو نوٽيس وٺن ٿا ۽ کين وٺڻ به گهرجي پر ڇا سنڌ جا هزارين شاگرد ڪا اهمت نٿا رکن ؟ لمس لاهور ، پنجاب يونيورسٽي ۽ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جا انيڪ استاد نه صرف اخبارن ۾ لکن ٿا بلڪه حڪومت تي ڇتي تنقيد به ڪن ٿا. ڇا انهن کي ڪڏهن پابند سلاسل ڪيو ويو آهي ؟ سنڌي قوم کي تاش جي پتي جيان استعمال ڪندڙ سنڌي سياسي وڏيرا جنرل ضياءَ کان به خطرناڪ ثابت ٿيا آهن . هنن سنڌ جي شعور کي ڇيهو رسايو آهي کين تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

بظاهر مغل جي ڪُلهي تي پير مظهر الحق جا هٿ نظر اچن ٿا جيڪو گورنر هائوس ۾ ويهي سنڌ يونيورسٽي جي گڏجاڻين جي صدارت ٿو ڪري ۽ ڪڏهن جمعي جي ڏينهن مغل سان ڪئمپس جي مسجد ۾ نماز ٿو پڙهي ۽ پوءِ ڪڙڪ نوٽ فقيرن ۾  ٿو ورهائي. سخاوت بهترين شي آهي-اها فقيرن ۾ ڪيو يا ڪراچي جي ڪنهن روڊ تي کير واري جي مدد ڪندي ڪيو.پر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياسي مداخلت هرگز نه ڪيو. هونئن به مغل ته ڪراچي واري صوبائي وزير تعليم جي بنگلي تي حاضري ته ڀريندو ئي رهندو آهي-پوءِ توهان اها تڪليف ڇو ڪئي ؟ شايد توهان استادن کي اهو ڏيکارڻ پئي چاهيو ته توهان جو آشيرواد مغل تي برقرار آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي موجوده صورتحال جا ٻه اهم سبب آهن. هڪ . سياسي مداخلت ۽ ٻيو اداري جو نااهل سربراهه ! اهڙين حالتن ۾ نه استاد پنهنجو ڪردار ٺيڪ طرح ادا ڪري سگهن ٿا نه ئي اهل شاگرد پيدا ٿي سگهن ٿا. هن اداري کي اڳ ئي ڪامريڊ ڪلچر اڏوهي جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي، رهي سهي ڪثر هاڻ پوري ٿي رهي آهي. انهن شاگردن کان پڇو جيڪي سنڌ يونيورسٽي جون ڊگريون کڻي ڪيئن نه ڪراچي جي نجي ادارن ۾ هڪ عدد ڏهن هزارن جي نوڪري لاءِ پريشان گهمندا وتندا آهن.پاڪستان جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي هئڻ باوجود به مارڪيٽ ۾ هن جي ڊگرين جي ڪا خاص اهميت ناهي .صحت افزا ماحول نه هئڻ ڪري مفلوج ذهن پيدا ڪيا پيا وڃن –ڪراچي جي تعليمي اداري ۾ ڪو سياسي اڳواڻ ايئن مداخلت ڪري ڏيکاري ؟ ايئن ناهي ته هتي آشيرواد کان سواءِ ڪو ٽڪي سگهي ٿو پر ميرٽ جي ايئن لتاڙ ڪئي به نٿي وڃي. تعليم تي مصلحت ڪڏهن به نه . مجال آهي جو بغير ڪنهن سبب جي ڪو ادارو هڪ ڏينهن به بند ٿئي . ڪراچي جي ادارن جا استاد ۽ شاگرد ننڌڻڪا ناهن ۽ نه ئي هتي جي استادن تي پوليس جو بڇون ٿيون ڪرايون وڃن . اهو مذاق نه ليکيو وڃي ته پير مظهر الحق حيدرآباد پوليس جي سربراهه کي هدايت ڪري پروفيسر چنڙ جي قتل ڪيس ۾ فلاڻن فلاڻن استادن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ڇو ته هو هن صاحب بيجا مداخلت کي برداشت نٿا ڪن.

18 جولاءِ جي سينڊيڪٽ جي گڏجاڻي کان پوءِ گورنر هائوس جي هدايتن تي هڪ چار رڪني ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنهن کي چيو ويو ته 12 جولاءِ کان 14 جولاءِ تي ٿيل سليڪشن بورڊ جي سفارشن کي ۽ انهي کان اڳ ٿيل ڪجهه ڌانڌلين جي جاچ ڪئي وڃي. اها ڪميٽي صرف خانه پوري لاءِ ٺاهي وئي ته جيئن دنيا کي فائلن جي صورت ۾ اهو ٻڌايو وڃي ته ڪجهه ٿيو ضرور هو. انهيءَ کان اڳ جيڪي به معاملا هيا انهن کي صرف گورنر هائوس ۾ ڪجهه مخصوص ماڻهن جي گڏجاڻي ۾ ئي بحث هيٺ آندو ويو. ڪي به سنجيده قدم نه کنيا ويا ۽ نه ئي کنيا پيا وڃن بلڪه ڏينهون ڏينهن اختلاف  ذاتي ٿيندا ٿا وڃن، جيڪي ڪو وڏو سانحو به ڪرائي سگهن ٿا.

ٻهراڙين ۾ ڪي اسڪول ٿاڻا ته ڪي اوطاقون ۽ وٿاڻ ته ڪي وري گودام يا ڪرائي تي درزين ۽ ڊرائيورن کي ڏنا وڃن ٿا. سوين اسڪولن بند آهن. ڪيترائي زبون حال آهن-ڪافي اسڪولن  ۾ استاد وڃن ئي ڪونه. ڪٿي ڪٿي ته وڏيرن جي خواهش مطابق ٺهيل آهن جن جي ٺهڻ جو ڪو سبب ئي نٿو بڻجي. نياڻين جي پرائمري کان ڪاليج تائين جي تعليم جو ته انهي کان به برو حال آهي. گذريل ٽن سالن جي برساتن ڪري سنڌ جو تعليمي ڍانچو انتهائي تباهه ٿي چڪو آهي. انرولمينٽ ڏينهون ڏينهن گهٽ ۽ ڊراپنگ ريشو وڌندو ٿو وڃي. بيروزگاري ۽ معاشي بحران جي  ڪري اعليٰ تعليم ڪنهن خاص طبقي تائين محدود ٿيندي ٿي وڃي- جي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪاليج کان پوءِ يونيورسٽي  لاءِ تيار ٿين ٿا ته انهن جي بهترين چوائس صرف سنڌ يونيورسٽي ئي هجي ٿي. جيڪڏهن اتي به اهڙو ماحول هوندو ته سنڌ جو مستقبل ڪڏهن به روشن نٿو ٿي سگهي.

ڇا سنڌ يونيورسٽي جا استاد مطالبو ڪن ٿا ته يونيورسٽي کي ڄامشوري مان کڻي ٿرپارڪر ۾ رکو؟ ڇا هنن جا سڀ مطالبا ناجائز آهن؟ ڇا هنن کي ٻڌي به نٿو سگهجي ؟ جيڪڏهن صرف هڪ شخص جي ڪري سڄو بحران حل ٿي سگهي ٿو ته ٽال مٽول ڇو ۽ ڇا جي ؟جيڪڏهن حڪومت وٽ مغل کان سواءِ ڪا Choice ناهي ته پوءِ هڪ ننڍڙي پريس رليز جا ري ڪيو ته سنڌ ۾ اهل ماڻهن جو ڪال آهي ! حالتن مان لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي اڃا پنج سال ٻيا به حڪومت ۾ رهندي ۽ ساڳيا چهرا/وزير انهي ئي ڊپارٽمينٽ تي قابض رهندا ته پوءِ باقي ڪنهن شي جي باري ۾ ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر سنڌ جي تعليم جو خدائي حافظ آهي…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو