Home / ڪور افيئر / سنڌ بدلجي رهي آهي حيدرآباد:پ پ جو مڪاني نظام جي حمايت ۾ شو فلاپ
above article banner

سنڌ بدلجي رهي آهي حيدرآباد:پ پ جو مڪاني نظام جي حمايت ۾ شو فلاپ

نه رڳو پيپلز پارٽي  پاڻ پر پاڪستان جون سموريون سياسي ۽ مذهبي ڌريون سنڌ کي ان جو مضبوط ڳڙهه سمجهنديون رهيون آهن،ڪافي ڀيرا هن پارٽي سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪيو آهي ۽ اهو استعمال ان کي هميشه ڦٻندو رهيو آهي، پر سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهريون ڀيرو ڏٺو ويو آهي ته پارٽي اڳواڻن کان ويندي عام ڪارڪنن تائين سڀ بي اعتمادي نظهر آيا. اهڙي بي اعتمادي جو مختلف شهرن مان نڪرندڙ قافلا پوليس پروٽوڪول کان سواءِ جلسي گاهه تائين ۽ اتان کان وري پنهنجن شهرن تايئين ساهه مُٺ ۾ محسوس ڪندا رهيا. هي اها ئي پيپلز پارٽي آهي جنهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تاريخي جلسا ڪيا ۽ خوب طاقت جو استعمال ڪري ڏيکاريو ۽ 15 آڪٽوبر تي ٿيندڙ جلسي ۾ وفاق جي علامت جي دعويدار هي. پارٽي سنڌي قومپرستن جي سامهون سموري طاقت جي باوجود هارائي ويٺي ! پيپلز پارٽي جا اڳواڻ لوڪل گونمينٽ آرڊيننس جي جاري ٿيڻ کان پوءِ قومپرستن پاران ٿيل تنقيد کي اهو چئي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا ته اهي ته هڪ ڪائونسلر جي سيٽ به نٿا کڻي سگهن ان ڪري  پيپلز پارٽي جي فيصلن کي رد ڪرڻ جي سگهه ئي نٿا رکي سگهن ! حيدرآباد جلسي ۾ پيپلز پارٽي طاقت جو استعمال رڳو انهي ڪري ڪيو ته هو سنڌ ۾ ٿيندڙ تنقيد کي ٻنجو ڏئي سگهي ۽ مخالف قوتن کي اهو ٻڌائي سگهي ته صوبي ۾ اڄ به اصل طاقت پيپلز پارٽي وٽ ئي آهي. هي جلسو هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪافي شڪار ڪرڻ هو، پر هو هڪ به نشانو لڳائڻ ۾ ڪامياب نه ويا. صرف پنهنجو تماشو ئي ڏيکاري سگهيا. هي جلسو انهيءَ ڏينهن ختم  ٿيو هو پر انهي ڏينهن کان سنڌ ۾ سياسي ماحول جي شروعات ڪرڻ ۾ اهم ڪردار طور شروعات ڪرڻ جو بنياد رکيو هئائين. اهڙو ماحول جيڪو هن کان اڳ سنڌ ڪڏهن به ناهي ڏٺو. هن جلسي ڪرڻ جا بنيادي مقصد هئا: قومپرستن کي لغام ڏيڻ، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ ، پيپلز پارٽي مڪاني نظام جي خلاف ٿيندڙ تحريڪ جي پٺيان ناهي بلڪه هو انهن سڀني قوتون جي خلاف آهي جيڪي متحده کي بري نظر سان ڏسن ٿيون ۽ ايندڙ عام چونڊون. پومپرست:  ڪنهن حدتائين اهو سمجيو ويندو رهيو آهي ته پيپلز پارٽي وٽ سنڌي قومپرستن لاءِ سافٽ ڪارنر آهي ۽ انهي جو بنيادي مقصد سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌ آهي. پر اهڙا نرم گوشا صرف اقتدار ملڻ کان اڳ تائين قابل قبول آهن. قومپرست پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي غدار ڪوٺيندڙ سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا آهن. پيپلز پارٽي، متحده کي خوش رکڻ لاءِ مشرف کان به بُرو نظام متعارف ڪرايو آهي، جلال محمود شاهه سنڌ بچايو ڪميٽي  جي پليٽ فارم تان حيدر منزل تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو،“ مسلسل دٻاءُ، هڙتالن، مظاهرن، ڌرڻن ۽ جلسن کان پوءِ موجوده حڪومت وٽ قومپرستن کي جواب ڏيڻ لاءِ سواءِ وڏو شو ڪرڻ جي ڪوبه چارو ناهي ، ايئن ڪرڻ سان پنهنجن ڪارڪنن کي آٿت ڏيڻ جي به ڪوشش ڪندا رهيا ته نه پيپلز پارٽي سنڌ ورهائڻ جي ڪنهن به سازش ۾ شريڪ ناهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڌندڙ نفرت کي پارٽي گڏجاڻين ۾ سنجيدگي سان زير بحث به آندو ويو. پر اياز سومرو ، پير مظهر الحق ۽ آغا سراج دراني جهڙن ذهين صلاحڪارن جي راءِ هئي ته ٽانگا پارٽيون ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن. موفائل فونن تي هلندڙ ميسيجن ، تقرين ۽ مڪاني نظام تي ٿيندڙ بحث مباحثن پارٽي اڳواڻن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي. شرجيل ميمڻ کان وٺي قائم علي شاهه ۽ پيپلز پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ کي اها جُرئت نه جلسي کان اڳ هئي نه ئي جلسي ۾ تقرير دوران ته قومپرستن پاران مڙهيل الزامن کي هو دليلن سان رد ڪري سگهن. هو سواءِ ذاتي ۽ سياسي حيثيت ڳڻائڻ کانسواءِ ڪجهه به ڪري ناهن سگهيا. “هي نظام سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ آهي ” يا “ پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ آهي ۽ انهي مينڊيٽ جي آڌار تي هو فيصلا ڪري سگهي ٿي، يا ايندڙ وقت ۾ انهي نظام جا فائدا نظرايندا، يا پهرين پڙهو، پوءِ ڳالهايو” هي اهي جملا آهن جيڪي پيپلز پارٽي جي هر اڳواڻ هر جاءِ تي ڳالهايا آهن. جيڪڏهن ڪامورڪي ٻولي ۾ لکيل بل قومپرستن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پوءِ توهان جيڪي اقتداري ايوانن ۾ پهچايا ويا آهيو انهن جو فرض آهي ته قوم کي گمراهي کان بچايو ! جيڪڏهن واقعي اهو نظام سنڌ ۽ سنڌين جي حق ۾ آهي ته بي خوف ٿي جلسو ڪرڻ گهرجي ها نه ڪي سوين قومپرست ڪارڪن هڪ ڏينهن اڳ بيگناهه گرفتار ڪيا وڃن ها ! “ معمول ڪي مطابق ڪُڇ جرائم پيشه افراد ڪي خلاف ڪاروايان هئين هين، ليڪن هم ني ڪسي ڀي قومپرست ڪارڪن ڪو گرفتار نهي ڪيا ”ٺٽي جي ايس ايس پي عُثمان غني جلسي واري رات مون کي ٺٽي ضلعي مان ٿيندڙ ڪريڪ ڊائون تي جواب ڏنو. سواءِ چند صوبيدارن جي ڪنهن به اهو نه قبوليو ته مٿان جي حڪمن تي چادر ۽ چوديواري جو تقدس ڪيئن نه پائمال ڪيو ويو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ (ن ) جو وڌندڙ اثر

نه رڳو قومپرست پارٽين جي نواز ليگ ڏانهن ڇڪ پر مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي هن پارٽي ۾ شموليت ۽ 2001 جي ٻوڏ کان پوءِ شريف ڀائرن جي سنڌ ۾ مسلسل اچ وڃ پيپلز پارٽي کان برداشت نه ٿي سگهي آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنجاب، بلوچستان ۽ مُلڪ جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ سياست ڪري سگهي ٿي ته پوءِ هر سياسي پارٽي کي به اوترو ئي حق آهي ته هو جلسا جلوس ڪري “ پيپلز پارٽي جي سوچ وڏيرڪي ڇو آهي ته ڪوبه هن جي برابر نه هجي ؟” پارٽي جي ڪنهن سينيئر اڳواڻ کان پڇيم ، چيائين ته جيڪڏهن پنهنجي ئي علائقي ۾ اثر نه رهيو ته پوءِ وڏيرڪي ڪٿي به نه هلي سگهندي. اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کان وٺي جلسي گاهه ۾ هر مقرر قومپرستن کان وڌيڪ نواز  ليگ تي ڳالهائيندا رهيا.هو سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ قومپرستن کي فنڊنگ ڪرڻ جو ذميوار به نواز ليگ کي ڄاڻائيندا رهيا. هن جلسي ثابت ڪري ڇڏيو ته پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پنهنجو مدمقابل (ن) ليگ کي سمجهڻ لڳي آهي ۽ جمهوريت جا دعويدار ن ليگ کي ابتدائي طرح خبردار ڪندي نظر آيا ته “ نه هاڻ هڪ قدم به اڳتي نه کڻجو” مخالف ڌر ۾ ويٺل هر پارٽي کي اهو حق آهي ته هو جلسا جلوس ڪري پر حڪومت پنهنجي عملن سان انهي کي جهڪو ڪري نڪي عوامي مال تي ڪروڙين روپيا اڏايا وڃن، جيڪڏهن (ن) ليگ قومپرستن سان گڏبيٺي آهي ته انهيءَ ۾ ڏوهه ڪهڙو آهي ؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي انهن قومپرستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهي ته زبردست ۽ جيڪڏهن ٻي ڪا پارٽي ڪري ته بيڪار ! جيڪڏهن مشرف مڪاني نظام آڻي ته انتهائي هاڃيڪار ۽ جيڪڏهن پيپلز پارٽي آڻي ته بهترين ! جيڪڏهن صدر زرداري ٽي انچ برساتي پاڻي ۾ پنج فرلانگ هلي ته واهه واهه ۽ جيڪڏهن پنجاب حڪومت برسات متاثرن جي مدد لاءِ مدد ڪري ته ڦوٽو سيشن ! حيدرآباد جي جلسي (ن) ليگ کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي ساک وائکي ڪري ڇڏي آهي ! اڳ ڪريڪر ڌماڪن جا الزام سنڌي قومپرستن تي لڳندا هئا پر بقول شرجيل ميمڻ جي ته جيڪي به پارٽي اڳواڻن جي گهرن تي حملا ٿيا اهي (ن ) ليگ ڪرايا. سمجهو ته نواز ليگ سنڌ ۾ ايئن آهي جيئن هڪ سگهارو ادارو انڊا يا ۾ !!!

پيپلز پارٽي کي ڊپ

گذريل سال جي برساتن کان پوءِ جي ڪارڪردگي کان وٺي پٽيوالي جي سيٽ کان هر اسڪيل جي نوڪري سفارش يا ڏوڪڙن تي ڏيڻ ۽ پ پ جي پراڻن ورڪرن کي نظرانداز ڪرڻ کان وٺي پنج سال تائين صرف متحده کي خوش ڪرڻ جي ڪري پ پ اڳواڻن کي اليڪشن کان اڳ هوش اچڻ شروع ٿي ويو هو پر مڪاني نظام کان پوء هاڻ هو پاڻ ۾ سرگوشيون ڪندي چون ٿا “ هي اليڪشن وڏي جُٺ واري ٿيندي” ڪي وري رفيق انجنيئر وارو فارمولو ذهن ۾ رکي ڪجهه پرسڪون ٿا ڏسجن . منهنجي هڪ صحافي دوست تجزيو ڪندي چيو ته آخري وقت تي عوام جي بهتر مفادن ۾ اهو بل واپس وٺي سگهجي ٿو.پُڇيومانس ته پوءِ متحده سان ٿيل واعدا ۽ وچن ؟ “ سياست ۾ ڪا وفا ڪا بي وفائي ناهي ٿيندي” جيتوڻيڪ اڪثر اڳواڻ ۽ پارٽي جا عهديدار مڪاني نظام کان پوءِ ٿيندڙ ردعمل تي پارٽي جي ٽاپ ليڊرشپ سان اهو اظهار ڪري چڪا آهن ته هنن جو پنهنجن تڪن ۾ وڃڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. پر پيپلز پارٽي جي اها ٽاپ ليڊرشپ انتظار ڪريو ۽ ڏسو ” جي صلاح ٿي ڏي.هو سمجهن ٿا ته وقت سان گڏ معاشي طور بدحال قوم گهڻي دير تائين روڊن تي بيهي نه سگهندي. اڳواڻن کي ڀلي خوف پنهنجي ووٽرن مان نه هجي پر پڙهيل لکيل طبقي طرفان انهي بل جي مخالفت کي هضم ڪرڻ بنهه ڏکيو ٿو محسوس ٿئي. جيتوڻيڪ ووٽرز جو گهڻو تعداد سفيد پوش ۽ پڙهيل لکيل طبقو ناهي رهيو پر موجوده صورتحال ڏسي ڪافي حد تائين پ پ کي انهي خوف ورايو آهي ته متان هارائي نه وڃون عام ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ خزاني جا منهن کولڻ ۽ ڪجهه پريشر گروپ خريد ڪرڻ جا به چوٻول آهن مارڪيٽ ۾.جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته هڪ عام ۽ سڄي سنڌ جو ڀروسو وري بحال ٿي نه سگهندو.

متحده کي يقين ڏيارڻ

لڳ ڀڳ اهڙو ئي نظام 2011ع ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر ٿوري مخالفت کان پوءِ اهو ارادو ترڪ ڪرڻو پيو هو. متحده انهيءَ وقت ئي اها ميار ڏني هئي ته پ پ پاڻ انهي مخالفت جي پٺيان هئي ۽ هيل ٿيل وري ساڳئي وٺ وٺان کي به متحده انهي نظر سان ڏسي رهي آهي ۽ اهڙيون شڪايتون به ڪيون ويون آهن، حيدرآباد قومپرست سياست جو ڳڙهه آهي ۽ اتي ئي پ پ کي هڪ ڪامياب جلسو ڪري اهو ثابت ڪرڻو هو ته هو  صرف متحده سان سچا آهن پر سنڌي عوام به هن بل /نظام جي حمايت ٿو ڪري. اياز لطيف پليجو اهو الزام هڻي ٿو ته انهيءَ جلسي ۾ سرڪاري ملازمن کي شرڪت لاءِ مجبور ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪجهه حلقا ته اهو به چئي رهيا هئا ته وڏي تعداد ۾ ماڻهو لطيف آباد مان پهتا هئا. ڪافي گاڏيون ڪراچي جي مختلف علائقن مان به ويندي ڏٺيون ويون پر اهو رپورٽ نه ٿي سگهيو. بل اسيمبلي مان پاس ٿيڻ کان پوءِ متحده بلڪل خاموش آهي. جيتوڻيڪ کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ کيس سنڌ ورهائڻ جي بنياد رکڻ جو ذميوار به سمجهيو پيو وڃي پر هن وقت تائين ها ڪنهن وڏي سطح تي وضاحت ڪرڻ لاءِ سامهون ناهي آئي. بل پاس ٿيڻ کان پوءِ متحده سربراهه الطاف حسين جو بيان سامهون آيو ته “ اتحادين سان گڏجي اليڪشن وڙهي سگهجي ٿي” معنيٰ ته اليڪشن ۾ به مفاهمت هلندي پر انهي لاءِ شرط سنڌي قوم جي مخالفت باوجود اهو نظام لاڳو ڪرڻو پوندو. چوڻوپوندو ته پ پ سياڻي ڪانو جيان ٻه ٽنگي ڦاٿي آهي.15 آڪٽوبر جي ڏينهن دادو پريس ڪلب جي سامهون صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق جي قافلي ۽ 16 آڪٽوبرتي نوراڻي شريف مان موٽندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙو کي ٽنڊي محمد خان ۾ ڪنن آنن، ٽماٽن ۽ جوتن سان آجيان ڪئي وئي آهي. انهي جو پ پ جي اڳواڻن تصور به نه ڪيو هوندو . پر ڇو ته اها ڊيل سنڌ جي ليڊر شپ ناهي ڪئي، انهي ڪري صرف جذباتي تقريرون ڪري نواز ليگ ۽ قومپرست تنظيمن کي تنقيد جو نشانو ئي بڻائي سگهن ٿا.

ايندڙ عام چونڊون

ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي ته پ پ سنڌ ۾ وري اڪثريت سان کڻي ايندي . اليڪشن کان اڳ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وينديون، جو اقتدار جي ڪُرسي وري به پ پ وٽ ئي  رهي، پر ايئن نه ٿيندو، ايندڙ اليڪشن ۾ ڀلي قومپرستن اڳيان ڪابه سيٽ نه هارائن پر سنڌ جا بدلجندڙ مزاج پ پ جي تڏاويڙهه جو واضح اشارو ڏئي رهيا آهن.منهنجي هڪ دڪاندار دوست نفرت جي اظهارجو خوبصورت ۽ آسان طريقو اختيار ڪيو آهي. هو روز هڪ پ پ جي اڳواڻن خلاف ميسيج ٺاهي مختلف دوستن کي موڪليندي التجا ٿو ڪري ته “ مهرباني ڪري اڳتي وڌايو” ٽيڪسٽ ميسيجر کان سواءِ فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر تي سامهون ايندڙ پ پ مخالفت  نئين سنڌ جو نياپو آهي، سنڌي قوم کي هاڻ شخصيت پرستي مان نڪرڻو پوندو.  حيدرآباد جلسي ۾ ناڪامي کان پوءِ وري اهڙيون ڪوششون ڪيو وينديون ته جيئن هو وري ماڻهن کي ٺڳي پنجن سالن لاءِ گم ٿي وڃن. حيدرآباد جلسي سان پ پ اليڪشن مهم جي شروعات ڪئي آهي.قومپرستن کي پهريون ۽ شايد آخري موقعو مليو آهي ته هو پنهنجو  ٻيهر ڪردار ادا ڪري سگهن، جيڪو اسٽيج تي تقريرن ۽ جهيڙي سان هرگز حاصل نه ٿيندو. روين ۾ واضح تبديلي آڻڻي پوندي، وڏيرڪي سوچ صرف پ پ اڳواڻن وٽ ناهي. اسان جا سڀ ڪامريڊ دوست به انهي بيماري جا شڪار آهن. عوامي ڪردار جي شديد کوٽ آهي. ماحول جُڙيل آهي، ميدان بلڪل خالي آهي، سڄي سنڌ لبيڪ چوندي، آهي ڪو اڳواڻي لاءِ ؟؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو