Home / افيئر / سنڌ حڪومت جو اهم ڪارنامو سوين صنعتون بند، 13هزار پورهيت بيروزگار
above article banner

سنڌ حڪومت جو اهم ڪارنامو سوين صنعتون بند، 13هزار پورهيت بيروزگار

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جيڪا اڄ ڪلهه سنڌ کي ورهائڻ لاءِ سنڌ پيپلز لوڪل گونمينٽ بل 2012 جي صوبائي اسيمبلي مان پاس ٿيڻ کانپوءِ سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي ۽ سندس چند وزير ۽ ايم پي ايز ( باقي خلق ته لڪڻ ۾ پوري آهي ) حڪومت جي ڪارنامن کي باربار ميڊيا آڏو اچي وضاحتون ڪري رهيا آهن. انهن وزيرن ۽ ايم پي ايز کان اهو به پڇڻ گهرجي ته اوهان جي ليڊرشپ (ڀوتارن) جيڪي اهم وزارتون پنهنجي حڪومتي ڀائيواري کي ڏنيون آهن. ڇا چئن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود انهن وزارتن ۾ ڪو چيڪ ۽ بيلنس به رکيو اٿن يا نه ..؟ ايم ڪيو ايم وٽ سنڌ ۾ صحت کاتو، انڊسٽريز ڪامرس کاتو، ماحوليات کاتو، انفارميشن ٽيڪنالاجي، قيمتن تي ڪنٽرول وارو کاتو ۽ ٻين اهم کاتن سميت لڳ ڀڳ 12 کاتا آهن اهي سڀ جا سڀ انتهائي اهم آهن.

ٻين کي ڇڏيون ۽ صرف هڪ کاتي انڊسٽريز ۽ ڪامرس کي ڏسون ته اتي ڇاپيو ٿئي ؟انتهائي اهم ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ پ پ جي  هاڻوڪي دور ۾ 801 ننڍيون توڙي وڏيون  صنعتون سنڌ ۾ بند ٿيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ 13 هزارن کان وڌيڪ مزدور بيروزگار ٿيا آهن. هن اهڙي ڏکي دور ۾ جتي بک، بيروزگاري ۽ به مالي بدحالي، مهانگائي، بجلي ۽ هاڻي وري گئس لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اتي رڳو هن ٿوري عرصي ۾ 801 صنعتن جو بند ٿيڻ سنڌ مٿان هڪ وڏو معاشي وار آهي.انڊسٽريز ۽ ڪامرس کاتو هن دور ۾ ايم ڪيو ايم وٽ آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه هفتا اڳي بلديا واري فيڪٽري کي لڳايل هٿرادو باهه جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي وزير رئوف صديقي ميڊيا ۾ واهه واهه ڪرائڻ لاءِ استيعفيٰ ته ڏني آهي پر هن مهل به هن اهم ترين کاتي جون واڳون “ “نائين زيرو” وٽ آهن.کاتي ۾ اهم پوسٽن تي ڪم ڪندڙ عملدارن “ افيئر” کي ٻڌايو آهي ته کاتي جا اهم فيصلا اڄ به ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي ۽ سيڪريٽري کان وٺي سمورا اهم آفيسر “ نائين زيرو” جون ياترائون ڪري رهيا آهن.هن اهم کاتي ذريعي ايم ڪيو ايم ڪراچي جي صنعتڪارن کي بليڪ ميل ڪري کانئن جائز ۽ ناجائز فائدا وٺي رهي آهي.

801 صنعتن جو بند ٿيڻ خير ڪا پراڻي ڳالهه ناهي پر اهڙي رپورٽ هن کاتي جي عملدارن طرفان سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ به پيش ڪئي هئي.جنهن جي ڪاپي “ افيئر” کي به ذريعن وٽان ئي ملي آهي. رپورٽ موجب گذريل 4 سالن کان وڌيڪ عرصي دوران سنڌ جي مختلف وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ 801 ننڍا توڙي وڏا انڊسٽريل يونٽس بند ٿيا آهن.امن امان جي پڻ صورتحال، لوڊشيڊنگ ۽ انڊسٽريز ۽ ڪامرس کاتي طرفان سهولتون فرامهم نه ڪرڻ ڄاڻايا ويا آهن.رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته 801 صنعتن جي بند ٿيڻ ڪري انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ 13 هزار کان وڌيڪ پورهيت به بيروزگار ٿيا آهن. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيل آهي ته 801 مان 692 ڪارخانا رڳو ڪراچي ۾ بند ٿيا آهن.جڏهن ته 26 ڪارخانا حيدر آباد ضلعي ۾ بند ٿيا آهن،17 نوري آباد ۾ 31 ڪوٽڙي ۾، 7 سکر ۾، 4 خيرپور ميرس ضلعي ۾ 6 گهوٽڪي ضلعي ۾ ، ٺٽي ضلعي ۾ 12، شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪارخانو، شهيد بينظيرآباد( نواب شاهه) ۾ ۽ هڪ ڪارخانو ميرپورخاص ۾ بند ٿيو آهي.801 بند ٿيل ڪارخانا مختلف صنعتن جهڙوڪ ٽيڪسٽائل، ڪاٽن ۽ جننگ، پلاسٽڪ، انجنيئرنگ ورڪس، آٽوپارٽس ، گارمينٽس، پينٽ، فوڊ ۽ بيوريجز، پرنٽگ پريس، ڪيميڪل، ڪاسميٽڪس،پولٽري، فائيبر، چمڙي، ڊرائي ڪلينرز، فلور ملز، فشريز، ڊيري، اسٽيل ۽،المونيم، هوٽل،هارڊوئير، ٽائر، رٻڙ، هوزري، اسپننگ ۽ ويونگ، پائيپ، ميٽل ڪنسٽرڪشن، ٽائلز ۽ ماربل، فارما، پلاسٽڪ بيگ، شيشو، تماڪ، گيهه ۽ تيل سان لاڳاپيل هئا.

مٿي ڄاڻايل سموريون صنعتون پوري دنيا بلڪه پنجاب ۾ به وڌيڪ ۽ ويجها رهيو آهي. پر سنڌ ۾ اهي صنعتون لڳي ۽ بند ٿي رهيون آهن پر ايم ڪيو ايم جي وزير رئوف صديقي کان سنڌ جي هيڏي وڏي تاريخي نقصان کي پيپلز پارٽي جو ڪوبه ايم  پي اي ،ايم اين اي ،سينيٽر، صلاحڪار ۽ وزير پڇڻ وارو نه آهي. ايم ڪيو ايم کي ڏنل کاتن ۾ انهن جي مڪمل مرضي هلندي آهي رڳو انڊسٽريز ۽ ڪامرس جا اهڙا حال آهن ته پوءِ صحت کاتي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي، اسپورٽس کاتي، ۽ ماحوليات کاتي وارن وري ڪهڙا ان کان گهٽ ڪارناما سرانجام ڏنا هوندا.هن وقت جتي پوري دنيا کي اها اپيل ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي ۽ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف 18 هين ترميم کانپوءِ مليل اختيارن جو مڪمل فائدو وٺندي صوبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ پاڻ دنيا جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي.اتي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سندس اتحادي ٿيل سيرپڪاري به ختم ڪرائڻ ۾ رڌل آهن. ان سلسلي ۾ جڏهن “ افيئر” طرفان سيڪيريٽري اندسٽريز ۽ ڪامرس ضمير احمد خان سان رابطو ڪيو يو ته هن صاحب اهو فرمايو ته رڳو ڪارخانا بند نه ٿيا آهن پر هن درو ۾ نوان ڪارخانا لڳا به آهن.جڏهن کانئس اهو پڇيو ويو ته ڀلا نون ڪارخانن جا انگ اکر ٻڌايو ته ضمير احمد خان جواب ڏنو ته مونکي انگ اکر ياد ناهن. ڪجهه ڏينهن ۾ اوهان کي فراهم ڪندس.

هڪ اهم کاتي جي سيڪريٽري کي نئين ٿيل سيڙپڪاري بابت انگ اکر ياد نه هجن اهو ڪيئن ممڪن آهي ؟۽ جيڪڏهن ايئن ممڪن آهي به ته مطلب ته اهو شخص نااهل ترين آفيسر آهي ۽ جيڪڏهن اهڙن نااهل ترين افيسرن کي اهڙا اهم ترين کاتا ڏنا وڃن ته نتيجا به اهڙائي نڪرندا.

yasinbabbar@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو