Home / افيئر / سنڌ ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ
above article banner

سنڌ ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ

 

پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ، هن ملڪ جي مٽاسٽا واري ناڻي جو مدار اڄ تائين اڪيلي زراعت تي آهي. هي اسان واروغزيب ملڪ ڪپهه ۽ چانور ايڪسپورٽ ڪري غير ملڪي مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمائي ٿو. ٻي هن ملڪ ۾ ڪابه اهڙي شئي ڪانهي جيڪا ايڪسپورٽ ڪئي وڃي. هن ملڪ ۾ زراعت سان ملڪي حڪمرانن هاڃا ڪيا آهن، اهڙي انڌير نگري جو ڪٿي به مثال نٿو ملي. هن ملڪ جي چئن صوبن مان فقط ٻه صوبا سنڌ ۽ پنجاب زرعي صوبا آهن . باقي ٻه صوبا خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان پهاڙي پرڳڻا آهن. جتي زراعت ورلي ڪا ٿئي ٿي. ملڪ جا اهي ٻئي پهاڙي صوبا سنڌ ۽ پنجاب جي پيدا ڪيل ڪڻڪ ۽ چانور کائين ٿا. ان کانسواءِ افغاني طالبان جن دهشتگردي وسيلي هن ملڪ کانسواءِ هن وقت سڄي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اهي پڻ سنڌ ۽ پنجاب جو اناج کائين ٿا. افغانستان جاگرافيائي لحاظ کان هڪ اهڙو بدنصيب ملڪ آهي جو جيڪڏهن سنڌ ۽ پنجاب اناج بند ڪري ڇڏين ته اهي انهن پهاڙن ۾ بکن وگهي مري وڃن.

صوبو پنجاب زراعت ۾ سنڌ کان تمام گهڻو اڳتي آهي، جتي جديد سائنسي اصولن هيٺ زراعت ٿئي ٿي. پنجاب جي زراعت ۾ جديد مشينري جي گهڻي استعمال کان سواءِ گهڻي پيداوار ڏيندڙ نت نيون زرعي جنسون ايجاد ڪري پوکيون وڃن ٿيون،ان سان گڏ پنجاب صوبي جي زمين پڻ سنڌ کان ڪيترايئن ڀيرا وڌيڪ زرخيز آهي ۽ پنجاب ۾ سنڌ جهڙيون وڏيون جاگيرون هرگز ناهن. پنجاب ۾ سم ۽ ڪلر جو نالو نشان ڪونهي اتي زير زمين جر جو پاڻي مٺو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ سم ۽ ڪلر قهر ڪري ڇڏيا آهن . اڳي سنڌ جي سامونڊي پٽي جو جر کارو  ۽ زهريلو ٿيو بعد ۾ سڄي لاڙ جو جر زهريلو ٿيو. هاڻ ته سانگهڙ ۽ خيرپور کان وٺي اتر سنڌ جي ضلعن لاڙڪاڻو، سکر ۽ شڪارپور جي زمين جو جرکارو ۽ زهر يلو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جون زرخيز زمينون تيزي سان بنجر بڻجي رهيون آهن. زراعت سان ته هن ملڪ جي حڪمرانن سڄي ملڪ ۾ ويڌن ڪئي آهي پر سنڌ پر ڳڻو جيڪو هن ملڪ جي ڏاکڻي پوڇڙي ۾ آهي. سنڌو درياهه پنجاب مان گذري ٿو.

پنجاب سنڌو جي پاڻي تي گذريل ڊگهي عرصي کان طاقت جي زور تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي. هر سال پاڻي جي سخت کوٽ جو نشانو سنڌ بڻجي ٿي ۽ وري گهڻيون برساتون پوڻ ڪري سڄي ملڪ جو ٻوڏ وارو پاڻي سنڌ کي اچي سان ٻوڙي ٿو.ملڪي ۽ سنڌ جي نااهل حڪمرانن سنڌ جي زراعت سان جيڪي قهر ڪيا آهن ان جو اڇو چٺو تفصيل سان منظر عام تي اچي نه سگهيو آهي، جيئن ته اها سڀني کي خبر آهي ته اڄ هن جديد ترقي يافته
زماني ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ قديم سنڌي لوڪ ڌرتي ڌڻين جي جياپي ۽ معيشت جو مدار سڌي ۽ اڻسڌي طرح سان فقط زراعت تي پر سنڌ ۽ هن ملڪ جا حڪمران سنڌ ۾ زراعت کي ترقي ڏيارڻ جي بجاءِ زراعت جو ڄڻ ته جنازو ڪڍڻ پيا چاهين. هن ڏس ۾ حيرتناڪ ڳالهه اها آهي ته  هن ملڪ جي قيام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ظاهري طرح تي سنڌ جا حڪمران اهي جاگيردار ، مير، پير ، سيد ۽ ڀوتار وڏيرا رهندا پيا اچن. اسيمبلين ۾ به اهي ئي ويٺل نظر اچن ٿا. جنرل ايوب، جنرل ضياءُ الحق ، جنرل پرويز مشرف جهڙن آمرن جي مارشلائن ۾ به اهي ئي ساڳيا خاندان وڏيرا سنڌ جا حڪمران بڻيا، جن جو بدقسمتي سان واسطو پڻ زراعت سان آهي.اهي سنڌ جا بدبخت ڀوتار سنڌ ۾ زراعت کي ترقي ڏيارڻ بجاءِ زراعت جي نڪرندڙ جنازي کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار پيا نظر اچن. سنڌ گذريل ٽن سالن کان لاڳيتو ڀيانڪ هٿرادو آندل ٻوڏن جي لپيٽ ۾ آهي، هن وقت ملڪ ۾ جي پيپلز پارٽي جو راڄ آهي. 2010ع ۾ سنڌ کي دريائي ٻوڏ سان ٻوڙيو ويو، گذريل سال 2011ع ۾ ايل بي او ڊي جي خوني آفت وسيلي ڏاکڻي سنڌ کي مهاٻوڏ ۾ ٻوڙيو ويو. هن سال 2012ع ۾ وري هڪ ڀيرو اتر سنڌ کي برساتي پاڻي ۾ ٻوڙي تباهه ڪيو ويو آهي. گذريل ٻن سالن جي ٻوڏن ۾ سنڌ جا ٻه ڪروڙ ماڻهو بي گهر بڻجي دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿيا،جن جو الهه تلهه تباهه ٿي ويو. 2010ع جي ٻوڏ جو پاڻي 2011ع جي برساتن تائين ٻنين ، شهرن ۽ ڳوٺن مان نڪري نه سگهيو. 2011ع جي مهاٻوڏ جو پاڻي 2012ع جي آگسٽ مهيني جي آخر تائين بدين، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي ٻنين ۽ ڳوٺن مان نڪري نه سگهيو. جتي سيپٽمبر جي مهيني ۾ معمولي پاڇاٽيون برساتون پيون. هن سال لاڙ جا ٻئي تاريخي ضلعا بدين ۽ ٺٽو سوڪهڙي جي وڪڙ ۾ رهيا، جتي ساريال جو فصل واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري تمام گهڻو پاڇاٽو سيپٽمبر جي مهيني ۾ پوکيو ويو، جنهن لاڙ جي ساريالي جي بنهه پاڇاٽي پوکيل فصل تي گڏر جي بيماري جو حملو ٿي ويو آهي ۽ ڪروڙين روپين جا فصل تباهه ٿي ويا آهن.

هن سال جي پاڇاٽي برسات وري اتر سنڌ جي جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي ضلعن کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو .جتي 50 لک کان به وڌيڪ ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن ، ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ اڃاتائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. متاثرن جي ڪير به واهر ڪرڻ وارو ناهي، اهي بي يارومددگار بڻجي کليل آسمان هيٺ اڃن ۽ بکن ۾ پاهه ٿي پساهه پورا ڪري رهيا آهن.لاڳيتو انهن ٽنهي ٻوڏن ۽ هن سال جي خوفناڪ سوڪهڙي سنڌ ۾ زراعت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي. اهڙي حالت ۾ حڪومت جون مجرماڻيون زراعت دشمن پاليسيون ته ڏسو. انڊيا جو ٽماٽو ۽ بصر بدين ضلعي ۾ سنڌ جي ڏاکڻي ڇيڙي واري شهر ڪڍڻ تائين ان وقت پهچي ويو آهي، جڏهن بدين جو ٽماٽو ۽ بصر اڃا تائين مارڪيٽ ۾ نه آيو آهي، انهن زرعي فصلن جي لهڻ کان اڳ انڊيا مان ايڪسپورٽ ڪيل گهٽ معيار وارا سڪل بي سوادي ڦڪا ٽماٽا ۽ بصر لاهور جي واهگا بارڊر رستي طويل سفر ڪري اچي بدين ضلعي جي شهرن تائين پهتا آهن. اها ته حڪومت سميت سڀني ماڻهن کي خبرآهي ته بدين ضلعو 80 واري ڏهاڪي کان سڄي ملڪ ۾ ٽماٽن جي گهڻي پيداوار سبب اول نمبر تي آهي. بدين شهر ۾ مرحيات خليضي ، عبدالله ميمڻ جي ٺهرايل ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي ٽماٽن جي منڊي آهي. بدين جا اهي ٽماٽا جيڪي 80 ۽ 90 وارن ڏهاڪن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سواءِ ملڪ جي ٻين ٽنهي صوبن جي وڏن شهرن لاهور، راولپندي، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا وغيره تائين ويندا هئا ۽ ڏهاڙي بدين جي ٽماٽن جي منڊي کان 70کان وڌيڪ ٽرڪون نڪرنديون هيون

سنڌ حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ پنجاب جي واپارين جي هڪ هٽي سبب بدين جي ٽماٽن جو اگهه تيزي سان ڪرڻ لڳو آهي ۽ آبادگارن کي هر سال ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيڻ لڳو آهي پر حڪومت ٽماٽن جي آبادگارن جي واهر ڪرڻ  بجاءِ تماشو ڏسندي رهي. اهڙي طرح آهستي آهستي بدين جي ٽماٽن جون ملڪي شهرن وارين منڊين ڏانهن سپلاءِ بند ٿي وئي ۽ هرسال بدين جا لکين مڻ ٽماٽا ٽڪي ڌڙي ٿي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وڪامڻ لڳا. ساڳي حالت ٺٽي جي اونهاري جي مند وارن ٽماٽن سان ٿيڻ لڳي هرسال لاڙ جا ٽماٽا 40کان 30 روپيا مڻ وڪامڻ لڳا.ايتري  ڊگهي عرصي ۾ سنڌ حڪومت لاڙ جا لکين مڻ ٽماٽا ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ ته ڪوبه قدم نه کنيو پر گذريل اٽڪل ويهارو سالن کان بدين ۽ ٺٽي ۾ ٽماٽن جي ڪيچپ جا ڪارخانا لڳائڻ وارن حڪومت جي ڪيل اعلانن تي اڄ ڏينهن تائين ڪوبه عمل نه ٿيو. ان جي ابتڙ حڪومت لاڙ جي آبادگارن سان  قهر ڪيو آهي ته انڊيا جا بصر ۽ ٽماٽا امپورٽ ڪري بدين تائين پهچايا پيا وڃن.انڊيا جو ٽماٽو هن وقت بدين ۾ 80کان 100 روپيافي ڪلو وڪامجي رهيو آهي،جڏهن ته بدين جا ٽماٽا هاڻي مارڪيٽ ۾ ايندا ته چند ڏينهن ۾ انهن جو اگهه50 روپيا في مڻ ٿي ويندو. هر سال ساڳي حالت سنڌ جي بصرن سان ٿيندي آهي ، هن وقت بدين جي شهرن ۾ انڊيا جو بصر 50 رپيا في ڪلو وڪامجي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جو اعليٰ معيار وارو نصرپوري ۽ ڦلڪارا جو بصر مارڪيٽ ۾ ايندو تڏهن ان جو اگهه 50 کان 60 روپيا مڻ تائين وڃي پهچندو.هيڏانهن اسان واري حڪومت آبادگارن کي وڌيڪ ڪنگال ڪرڻ لاءِ مٿين قسم جون زرعي پاليسيون پئي جوڙي ۽ هوڏانهن هڪ ارب جي آدمشماري وارو ملڪ ڀارت پنهنجا بصر ۽ ٽماٽا ايسڪپورٽ غير ملڪي ناڻو ڪمائڻ سان گڏ پنهنجي آبادگارن جي خوشحالي ۽ زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو