Home / افيئر / سياسي بنيادن تي جاري ڪيل 3 لک هٿيارن جا لائسنس، آخر ڪنهن لاءِ
above article banner

سياسي بنيادن تي جاري ڪيل 3 لک هٿيارن جا لائسنس، آخر ڪنهن لاءِ

25 جولاءِ 2012ع تي سنڌ جي هڪ مقامي اخبار ۾ گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ شايع ٿيل هئي ته پاڪستان ۾ تقريبن 2 ڪروڙ ننڍا وڏا هٿيار موجود آهن جيڪي ٽوٽل جو ٽوٽل غيرقانوني طور تي دهشتگردن،ڏوهارين ۽ عام شهرين وٽ موجود آهن جيڪي غلط استعمال ٿيڻ سبب روزانو ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿين پيون ۽ انهن هٿيارن جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ڪوبه اثرائتو قدم نه پيو کنيو وڃي جن جي استعمال سبب هزارين جانيون ضايع ٿين پيون،گڏيل قومن پنهنجي ان رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته اهي هٿيار ملڪ جي 12 سيڪڙو ماڻهن وٽ موجود آهن ۽ پاڪستان هٿيارن جي لحاظ کان 57 نمبر تي آهي،گڏيل قومن پنهنجي ان رپورٽ ۾ اهو نه ڄاڻايو آهي ته اهي هٿيار ملڪ جي ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي موجود آهن پر “افيئر” کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ تقريبن سوا 3 لک جي لڳ ڀڳ هٿيارن جا لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن جيڪي سنڌ جي گهرو کاتي طرفان سياسي بنيادن تي ايم پي ايز،وزيرن،صلاحڪارن ۽ ڪامورن جي ڪوٽا جي مد ۾ جاري ڪيا آهن جيڪو مستقبل ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو سبب بڻجندو ۽ ان جو ثبوت گذريل چئن سالن کان ڪراچي جي روڊن تي ملي رهيو آهي،سنڌ ۾ روزانو ڪو اهڙو ڏينهن نه آهي جنهن ڏينهن سنڌ صوبي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ ڏهاڪو کن ماڻهو نه مرندا هجن .صوبي ۾ سرڪاري اجازتنامن کان سواءِ به لکين هٿيار موجود آهن جن جي ڪري سنڌ جا نه شهر ۽ نه وري  ٻهراڙيون محفوظ آهن،ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،هر ماڻهو ذهني طور تي مايوس آهي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ ايترا هٿيارن جا اجازتنامه جاري ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جو لکين قانوني ۽ غيرقانوني طور تي هٿيار موجود آهن جيڪي ظاهر آهي ته  ايندڙ چونڊن ۾ استعمال  ٿيندا جڏهن ته 2008ع جي چونڊن ۾ 20 کان وڌيڪ ڪراچي جي پولنگ اسٽيشنن تي سياسي ڪارڪنن قتل ٿيا جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته ايندڙ 2013ع جي چونڊن ۾ به اهي هٿيار ڪڍيا ويندا ۽ هر پارٽي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي ۽ سنڌ جي راڄڌاني ۾ پڻ وڏو قتل عام ٿيندو

هاڻي ان سڄي بحث بعد سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا ايترا هٿيارن جا لائيسنس جاري ڪرڻ مان اها مراد آهي ته رياست عام شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي جو انهن کي ايترا هٿيار رکڻ لاءِ اجازتنامه جاري ڪيا ويا آهن؟ سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي بدامني ڪيس دوران سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي واجد دراني اهو بيان ڏنو هو ته صوبي ۾ 1947ع کان 2001ع تائين ڪل 50 هزار هٿيارن جا لائيسنس جاري ٿيا هئا پر جيڪي تقريبن هڪ ڏهاڪي دوران لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن اهي ملڪي تاريخ ۾ سنڌ اندر ايترا لائيسنس جاري نه ٿيا آهن،هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخر ايڏا هٿيارن جا لائيسنس ڇو جاري ڪيا ويا آهن؟ ۽ انهن جاري ڪيلن مان ڪل 90 سيڪڙو اجازتنامه ڪراچي شهر جي رهواسين لاءِ جاري ٿيا آهن جنهن مان سڌو ظاهر ٿئي ٿو ته اهي هٿيار جيڪي سياسي بنيادن تي ڏنا ويا آهن اهي چونڊن دوران استعمال ٿيندا ۽ ان سان وڏي رتوڇاڻ ٿيندي.

ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ٿيل ڪارڪنن جي وارثن کي ڏنل معاوضو

حڪومتي ڪميشن طرفان مسلسل 16 اجلاسن  ۾ سياسي ۽ سماجي پارٽين،پوليس،رينجرس،ڳجهن ادارن طرفان 2011ع ۾ ڪراچي اندر ٿيل وڳوڙن ۾ قتل ٿيل ماڻهن جي فراهم ڪيل 657 مان 198 ڪارڪنن جي تصديق نه ٿيڻ سبب قتل ٿي ويل 476  ماڻهن جي وارثن کي ڪل 9 ڪروڙ 5 لک 20 هزار رپيا معاوضو ڏنو ويو هو جيڪو  گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب ڏنو ويو. دهشتگردي واري واقعن ۾ مارجي ويلن کي 5-5 لک،ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجي ويلن کي 2-2 لک ڏنا ويندا،دهشتگردي واري واقعن ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 1-1 لک ۽ حملي ڪري زخمي ٿيلن کي 30-30 هزار ڏنا ويا آهن جڏهن ته سنڌ سرڪار هلندڙ سال 2012ع ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ٿي ويلن جي وارثن کي به معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو ڪم جسٽس رٽائرڊ قربان علوي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪا سنڌ سرڪار کي مڪمل رپورٽ ڏيندي جنهن بعد پنهنجون سفارشون پيش ڪندي.

هڪ ڪلاشنڪوف تي 1500 کان 2000 لائيسنس ڪيئن جاري ٿيا؟رحمان ملڪ گذريل سال انڪشاف ڪيو هو ته ڪراچي ۾ هڪ منع ٿيل بور واري هٿيار جي اجازتنامي تي 1500 کان 2000 هٿيار غيرقانوني جاري ٿيا آهن جن جي جاچ هلندڙ آهي ته ان ۾ ڪير ملوث آهي،وفاقي گهرو وزير جي اهڙي ڏنل بيان کي سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر ان اڃا تائين  غيرقانوني ڪم ۾ ملوث ماڻهن کي منظر عام تي آڻڻ ۾ ناڪام ويو آهي.“افيئر” کي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي جي دور  ۾  گهرو وزارت ۾ اهي هٿيار سرڪاري مال خاني مان غائب ڪيا ويا هئا جنهن لاءِ جاچ ڪميٽي جڙي پر اڃا تائين ان ۾ ملوث ماڻهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي.ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته هڪ منع ٿيل بور واري هٿيار جي  هڪ لائيسنس تي 1500 کان 2000 هٿيار به جاري ٿيا آهن ۽ اها  جاچ به موجوده سرڪار ڪراچي جي هڪ سگهاري پارٽي جي پريشر ۾ اچي بند ڪرائي ڇڏي آهي.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته وقت جي سرڪار کي اهڙن غيرقانوني ڪمن جي خبر هوندي به ان کي سياسي ڌر جي پريشر ۾ اچي ان جاچ کي دٻائڻ ڪٿان جو انصاف آهي،پيپلزپارٽي مشرف دور  ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪيل غيرقانوني ڪمن کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو آهي ۽ اهڙن قدمن جي ڪري پيپلزپارٽي خلاف سنڌ ۾ وڏي نفرت پکڙيل آهي جنهن جو اندازو انهن کي ايندڙ چونڊن ۾ ٿي ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو