Home / ڪور افيئر / شهيدن جي پارٽي نيٺ سنڌ کي شهيد ڪري ڇڏي
above article banner

شهيدن جي پارٽي نيٺ سنڌ کي شهيد ڪري ڇڏي

پاڪستان پيپلز پارٽي  جنهن ماضيءَ ۾ ملٽري توڙي سول ڊڪٽيٽرن سان ڊگھي عرصي تائين مهاڏو اٽڪايو هو سا هڪ ڏينهن سانڊيَ وانگيان ست رنگ بدلائيندي ۽ مينڊيٽ ڏيندڙ سنڌ جي عوام سان ايڏي وڏي جٺ ڪندي، اها ڳالهه سنڌ جي عوام خواب ۾ به ڪڏهن سوچي ڪونه هوندي. ايئن ضرور هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مارچ 2008 ۾ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان وٺي هٿ ٺوڪي سرچاءَ واري پاليسي جي نالي ۾ ڪجھه اهڙا ڪارناما ڪرڻ شروع ڪيا هئا

جن تي سنڌ جي عوام جو اچرج وچان عقل ئي دنگ رهجي ويو هو. مثال: ڪراچيءَ جو واٽر بورڊ جنهن ۾ تڏهوڪي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ڪراچيءَ جي انتهائي تعصب پرست اڳوڻي ميئر سيد مصطفى ڪمال جنهن جو واسطو لساني تنظيم سان آهي، تنهن لساني بنيادن تي اٽڪل چار هزار ماڻهو ڀرتي ڪيا سي پ پ پ جي ڪو ـ چيئرمن آصف علي زرداري جيڪو ان وقت خير سان اڃا ملڪ جو صدر ڪونه بڻيو هو پر سندس پارٽي اقتدار ۾ اچي چڪي هئي تنهن پهرين سَٽَ ۾، لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن غير قانوني ڀرتين کي، فارغ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو پر جيڪڏهن اها ڪرم جي نظر ٻين کاتن تي به پوي ها جت هونئن ته لساني تنطيم جا ماڻهو گھٽ پر سنڌين سميت ٻين قوميتن جا وڌيڪ ماڻهو هئا ته گھڻن جو

ڀلو ٿي پوي ها صدر آصف زرداري جنهن ڪجھه غير ملڪي دورن دوران سنڌي ٽوپي پاتي آهي پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ڪو سکڻي سنڌي ٽوپي پائڻ سان سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي سگھي ها ته اڄ لساني تنظيم جو سربراهه الطاف حسين ۽ تعصب پرست اڳوڻو سٽي ميئر ۽ هاڻوڪو سينيٽر سيد مصطفى ڪمال سي اڄ سنڌين جا هيرو هجن ها. ٻيو ته ٺهيو، پر قبائلي علائقن ۾ رهندڙ دهشت گرد بيت الله محسود مرحوم جنهن تي ٻين سان گڏ شهيد بينظير ڀٽي کي شهيد ڪرڻ جو به الزام هو، تنهن جي باري ۾ لنڊن جي مشهور روزاني انگريزي اخبار ٽائيمز ۾ پڙهيو هوم ته هو سدائين سنڌي ٽوپي پائيندو هو جيڪا هن خاص طور سنڌ کان گھرائي هئي.

 

ائين برابر آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي، وفاق ۾ ڪجھه چڱا ڪم به ڪيا آهن، جن ۾ 18، 19 ۽ 20 آئيني ترميمون ڪرڻ ۽ 17 کاتا صوبن کي منتقل ڪرڻ، انساني حقن توڙي عورتن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ، عورتن کي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ، سرحد صوبي جو نالو بدلائي خيبر پختونخوا رکڻ، گلگت ـ بلتستان کي غير رسمي صوبو بڻائڻ، اين.ايف.سي ايوارڊ تي هڪراءِ ٿيڻ (جيتوڻيڪ مان ذاتي طور ان کي ڪا وڏي ڪاميابي نه ٿو سمجهان ۽ سمجھان ٿو ته انهيءَ ڪري سنڌ جي وسيلن ته مالڪيءَ واروڪيس گھڻو ڪمزور ٿي ويو آهي)، عورتن کي مکيه عهدن تي مقرر ڪرڻ ۽ ڪجھه ٻيا اهڙا ڪم آهن جيڪي پ پ پ سرڪار ڪيا آهن جيڪي چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف جي ساڍن اٺن ورهين واري ڪاري دور ۽ ان کان اڳ نواز شريف جي ٽن ورهين جي دور ۾ جيڪو جنرل مشرف وانگيان سنڌين لاءِ اونداهي دور کان گھٽ ڪونه هو، يعني ڪل ساڍن يارهن ورهيه سنڌين سخت عذاب سٺا جڏهن ته لساني تنظيم وارا همراهه نه رڳو اقتدار ۾ رهيا پرهنن خوب جاوا ڪيا ۽ مزا ماڻيا، انهيءَ دوران جڏهن ته سنڌين سان عقوبتون ڪرڻ وارن ۾ سندن مکيه هٿ رهيو، سو سنڌي عوام ساڍن يارهن ورهين کانپوءِ اقتدار ۾ آيل پاڪستان پيپلز پاٽيءَ کان اها اميد ڪرڻ ۾ حق بجانب هو ته اها سندن ڦٽن تي ڪي پها رکندي پر افسوس صد افسوس، هت ته معاملو ئي نرالو نڪتو . ڦٽن تي پها رکڻ ته معمولي ڳالهه هئي جڏهن ته پ پ پ وارن انهن کي ناسُور ۾ بدلائي ڇڏيو.

 

پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ جي عوام طرفان وڏي مينڊيٽ ملڻ جي باوجود، سنڌ جي عوام سان اهو حشر ڪيو آهي جيڪو شايد ڊڪٽيٽرن به ڪونه ڪيو هو، اڃا ته اهو سلسلو جاري آهي، خبر ناهي ته آخر ڪٿي وڃي دنگ ڪندو. ڪيڏي ڪيڏي مهل سنڌ جو عوام ضرور سوچيندو هوندو ته جيڪڏهن پ پ پ آئينديَ به پنج ورهيه وڌيڪ اقتدار ۾ رهي ته پوءِ سنڌ جي عوام جو اهو حشر اهڙو ٿيندو جو دنيا انهيءَ تي دنگ رهجي ويندي.
پر صدر آصف زرداريءَ کي شايد انهيءَ ڳالهه تي بانور آهي ته هيڪر عام چونڊ ويجھي اچي ته هو پنهنجو آخري پتو ڦٽو ڪندو جيڪو منهنجي خيال ۾ بلاول ڀٽو زرداري ئي آهي. جيئن ته سنڌ جو عوام شهيد ڀٽي جي ڪُٽنب جي قربانين ۽ سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن جي عيوض ساڻن دل سان پيار ڪري ٿو جڏهن ته بزرگ بلوچ اڳواڻ عطاءَالله مينگل جي چواڻي: سنڌي، ڀٽي کي پير ڪري پوڄيندا رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ زرداريءَ کي اها به خوشفهمي آهي ته سنڌي جيئي ڀٽو ۽ جيئي بلاول جي نعرن ۾ ايترو ته مگن ٿي ويندا جو صدر آصف زرداريءَ طرفان لساني تنظيم خاطر سنڌ جي عوام سان ٿيل کليو کليون عقوبتون به وسري وينديون ۽ اهڙي ريت صدر آصف زرداري، سنڌ مان به ڳرو مينديٽ کڻي، ايندڙ پنجن ورهين لاءِ ساري ملڪ جو هڪ ڀيرو ٻيهرصدر ٿي ويندو (ڪل ڏهه ورهيه) پر سنڌ جو عوام گھڻو ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ طرفان ساڻن ٿيل عقوبتون انهيءَ ڪري شايد وساري نه سگھندو جو صدر آصف علي زرداريءَ لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي وحدت کي ڪاپاري ڌڪ هنيوآهي جيڪو سنڌ جو عوام ڪڏهن به برداشت ڪونه ڪندو. بدنام ون يونٽ وانگيان اهو به اهڙو ڦٽ آهي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي ڪونه سگھندو.
صدر زرداريءَ کي اهڙي خوشفهمي، ذهن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ۽ ساڳي وقت اها به ته ڪو لساني تنظيم ڏکئي وقت ۾ سندس واهر ڪندي يا هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندي. رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته لساني تنظيم جو مول متو بليڪ ميلنگ، ٽارگيٽ ڪلنگس، ڀتو وغيرهه رهيو آهي، سي ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن ڏينهن صدر آصف زرداريءَ خلاف به سلطاني گواهه بڻيا بيٺا هوندا. ٿورو صبر ڪريو، رڳو وقت کي ته بدلجڻ ڏيو، عوام سارو تماشو ويٺو پاڻ ڏسندو، انهيءَ وقت زرداري صاحب کي پڇتاءَ جي ترين مهٽڻ کانسواءِ ڪجھه به پلئه ڪونه پوندو پر انهيءَ وقت پاڻي سر تان لنگهي چڪو هوندو، جيڪو وري موٽڻو ناهي.
تازو پهرين آڪٽوبر 2012 تي پ پ پ سرڪار، رات جي پيٽ ۾ جاري ڪيل سنڌ پيپلز لوڪل گورنمنٽ آرڊيننس ـ 2012 پيش ڪري، ملٽري ۽ سول ڊڪٽيٽر خاص ڪري ڄام صادق علي مرحوم (نواز شريف جي دور وارو وڏو وزير) جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي جنهن کي اسيمبليءَ ۾ سکڻو پنهنجو هڪ ووٽ هو پر هن حيرت انگيز طور وفاق ۾ وزيراعظم نواز شريف جي پنهنجي عهدي جي قسم کڻڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي، سنڌ جي وڏي وزير واري عهدي جو قسم کنيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وارن ملٽري ڊڪٽيٽرن ۽ ڄام صادق علي مرحوم جي ياد تازي ڪندي، سنڌ جي عوام سان اها جٺ ڪئي جو کانئن ڄام صادق علي ۽ چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف ۽ سنڌ جو اڳواڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم به وسري ويو . ڄام صادق مرحوم ۾ سوين خامين جي باوجود هڪ خوبي اها هئي ته هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو دور ۾ سنڌ جو مڪاني ادارون وارو وزير هو ته سنڌ اسيمبليءَ اندر، جميعت العلماءَ پاڪستان (مولانا شاهه احمد نوراني) جي تعصب پرست ننڍڙي قد واري ميمبر ظهور الحسن ڀوپالي مرحوم جنهن کي بعد ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ٻين لساني سوچ رکندڙن کي، دليلن سان اهڙا منهن ٽوڙ جواب ڏيندو هو جو اهي ماٺ ڪري ويهي رهندا هئا.سو ڳالهه پئي ڪئي سون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ته مڪاني ادارن واري قانون ۾ ترميمون آڻڻ بدران، هنن ساري قانون کي بي اثر بڻائڻ لاءِ7 سيپٽمبر تي رات جي پيٽ ۾ آرڊيننس تيار ڪري ساري سسٽم کي ئي بلڊوز ڪري ڇڏيو جيڪو 25 ڏينهن کانپوءِ پهرين آڪٽوبر تي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ خوف ۽ حراس جو اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو جو ڄام مدد جي اڳواڻيءَ ۾ مخالف ڌر جي ڪل 18 ـ 19 ميمبرن جي شديد احتجاج ۽ استعيفائن جي باوجود الڳ سيٽون نه الاٽ ڪرڻ تي اسپيڪر جي سيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ نئين نظام جي مخالفت ڪئي.
هونئن ته اسپيڪر طور                              چونڊجڻ کانپوءِ، جنهن به پارٽيءَ جوهجي تنهن کي غير جانبردار رهڻو آهي پر هت اسپيڪر نثار کهڙي ته ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرهن واري ڪارڪردگي ڏيکاري ڇڏي آهي، جنهن آرڊيننس ايوان ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ، ان جي فائدي ۾ايوان کان ٻاهر تقريرون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ بدقسمتيءَ سان هڪ جانبردار اسپيڪر جو رول ادا ڪيائين جيڪا نهايت ئي شرمناڪ حرڪت هئي. هن اهو تڪراري آرڊيننس پنجن منٽن، پر بي.بي.سي جي چوڻ موجب رڳو چئن منٽن ۾ ڪنهن به بحث ٿيڻ کانسواءِ پاس ٿيڻ ڏنو، اهڙي ريت هن پنهنجي ويجهي عزيز، تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزير مرحوم محمد ايوب کهڙي جنهن 1954 ۾ بدنام ون يونٽ جي فائدي ۾ زوري ٺهراءُ بحال ڪرايو هو، تنهن جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي هئي. هاڻ تڪراري آرڊيننس جي زوري بحاليءَ کانپوءِ نثار کهڙي جو اهو بيان به رڪارڊ تي آهي ته آرڊيننس جي بحالي کانپوءِ احتجاج سبب، ٽئين ڌر فائدو حاصل ڪري سگھي ٿي، سبحان الله يعني سنڌي ايڏي زيادتيءَ تي احتجاج به نه ڪن.هونئن به نثار کهڙي نه رڳو غدارِ سنڌ ايوب کهڙي جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي آهي پر حڪومتي ڌر وٽ پاڻ وڻائڻ خاطر، شرافت جي حد به پار ڪري ڇڏي آهي، جو ايوان اندر مخالف ڌر جا سخت احتجاج ڪندڙ اٽڪل 18 ـ 19 ميمبر جن ۾ ٻه خاتون ماروي راشدي ۽ نصرت سحر عباسي هيون سي شايد، نظر جي ڪمزوري يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري نثار کهڙي کي نظر ڪونه آيا ۽ اهو اعلان ڪيائين ته اهو ٺهراءُ هڪراءِ بحال ڪيو ويوآهي.ايوان ۾ ماروي راشديءَ سان سينيئر وزير پير مظهر سندس خاندان تي حملا ڪري بدتميزي ڪئي.
نثارکهڙو ته پاڻ به سنڌ جو وڏ وزارت جو اميدوار رهيو آهي ۽ جيئن ته عام چونڊ ويجهي آهي سو فطري طور کيس اهڙي لالچ وري هوندي تنهن ڪري هو ظاهري طور آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي، پر سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم جو پنهنجي دور ۾ چوڻ هو ته نثار کهڙي جي هٿ ۾ وڏي وزير ٿيڻ جي لڪير ڪونهي. سو چئي سگھجي ٿو ته هڪ غلط ماڻهوءَ صحيح ڳالهه ڪئي هئي، مان سمجهان ٿو ته نثار کهڙي اسپيڪر جهڙي مقدس عهدي جي مٽي پليد ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته اسپيڪر به پنهنجي جاءِ تي جج هوندو آهي ۽ جيڪڏهن منجهس ضمير توڙي اخلاقيات کان علاوهه قومي غيرت جي ذري موجود آهي ته هو پنهنجي عهدي تان ترت استعيفا ڏئي. مڪاني ادارن جي نئين نظام جي باري ۾ پ پ پ جي اهڙي زورآوريءَ تي سنڌ جي عوام ۾ شديد رد عمل فطري آهي ۽ احتجاجي مظاهرن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 3 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن ۽ تازو سنڌ جي اديبن، ليکڪن، دانشورن، صحافين وغيره ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا جن ۾ صدر آصف علي زرداريءَ خلاف سنڌ دشمني اختيار ڪرڻ تي کليو کلايو نعرا هنيا ويا، انهيءَ موقعي تي اهي به نعرا ٻڌڻ ۾ آيا ته: سنڌ وڪڻندين، پادر کائيندين، جيجل وڪڻندين، پادر کائيندين، تو سنڌ لڄائي زرداري وغيرهه.
سنڌ جا اٽڪل ست وزير ته نمڪ حلاليءَ ۾ حد پار ڪري چڪا آهن ۽ انهن جا رٽَيل بيان ڪنهن طوطي کان گھٽ ناهن، اها ڏاڍي ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته پ پ پ وارا، قوم کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ، اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته رڳو سنڌي قوم پرست تڪراري نظام جي مخالفت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سچ اهو آهي ته سڄي سنڌي قوم انهيءَ تڪراري نظام جي سخت خلاف آهي، تنهن ڪري اهڙي احتجاج کي سنڌي قومپرستن تائين محدود ڪرڻ انتهائي بد ديانتي ۽ سج کي کاري هيٺ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، وفاقي وزير سيد نويد قمر جو بيان هو ته هيڪر اسيمبلي تڪراري نظام پاس ڪري ته احتجاج پاڻهي ختم ٿي ويندا، پر اسان سڀني ڏٺو ته ائين ڪونه ٿيو ۽ احتجاج پنهنجي شدت سان جاري آهن.
انهيءَ کان سواءِ صدر آصف زرداريءَ جي بيان کانپوءِ پ پ پ جا وزير ، اسيمبلي ميمبر ۽ اسپيڪر نثار کهڙو اها راڳڻي ڳائيندا وتن ٿا ته جن کي انهيءَ قانون ۾ ترميم ڪرڻي آهي سيَ اسيمبليءَ ۾ اچن. ظاهري طور اهو سادو بيان آهي پر حقيقت انهيءَ جي ابتڙ آهي. جيڪڏهن اڳ ۾ اسيمبليءَ کان ٺهيل قانون ۾ ترميم ڪرڻي هئي ته پوءِ اهڙيون ترميمون ايوان ۾ آڻجن ها ۽ انهن تي تفصيلي بحث ٿئي ها ۽ پوءِ انهن کي بحال ڪيو وڃي ها پر هت ته مامرو ئي نرالو آهي، رات جي پيٽ ۾ آرڊيننس جاري ڪري، اهو اسيمبليءَ جي ايوان ۾ داٻيَ واري ماحول هيٺ پيش ڪيو ويو ۽ ائين لڳو ته اها جمهوري اسيمبلي ناهي پر ڪنهن ڊڪٽيٽر جو دور آهي ۽ رهيل سهيل ڪسر ،اسپيڪر نثار کهڙي پوري ڪري ڇڏي. هاڻ اهو چوڻ ته تڪراري آرڊيننس جي بحاليءَ کانپوءِ ، ان ۾ ترميمون ڪيون وڃن سا کل ۽ ٻين کي بيوقوف بڻائڻ واري ڳالهه آهي. جيڪڏهن سنڌ جو اوهان کي ايڏو ئي دک درد آهي ته پوءِ پراڻو مڪاني ادارن وارو نظام بحال ڪريو ۽ ان ۾ جمهوري طريقي موجب آهستي آهستي ترميمون آڻيو، اسپيڪر نثار کهڙي ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه ڪئي هئي ته اسيمبلي ءَ جو اجلاس هلندڙ ڪونه هو سو آرڊيننس آندو ويو ، هاڻ پاڻ کي شاهه کان وڌيڪ وفادار ثابت ڪندڙ اسپيڪر نثار کهڙي کان ڪو پڇي ته جيڪڏهن اهم تڪراري مسئلا، اسيمبليءَ ۾ جمهوري بحث کانسواءِ رات جي پيٽ ۾ آرڊيننس لاڳو ڪري مڙهڻا آهن ته پوءِ اسيمبليءَ جي آخر ضرورت ڪهڙي آهي؟ ٻيو ته جيڪڏهن اسيمبليءَ جو اجلاس هلندڙ ڪونه هو ته اهو پ پ پ وارا سولائيءَ سان سڏائي ٿي سگهيا، اجايو قوم جو پيسو اسيمبليءَ کي برقرار رکي ڇو ٿا زيان ڪريو؟
جيڪڏهن پ پ پ جا هاڻوڪا حڪمران اهو سمجھن ٿا ته سنڌ جا ماڻهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽي جي عشق ۾ کين سدائين ووٽ ڏيندا رهندا، ڀل هو لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي عوام جي هنيانءَ تي مڱ ڇو نه ڏريندا وتن ته اها سندن خوشفهمي آهي. بهرحال، اهو ضروري ناهي ته سنڌ جو عوام، پ پ پ لاءِ سدائين قربانيءَ جو ٻَڪرُ بڻجندو وتي. اهڙن ماڻهن کي غدارِسنڌ محمد ايوب کهڙي جي مثال کان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي جنهن لاءِ سنڌ جو عوام هٿ مٿي کڻي دعائون ڪندو هو پر جڏهن بدنام ون يونٽ زوري ٺهرايائين ته سنڌ جي عوام، نه ته مرڻ کان اڳ ۽ نه ئي مرڻ کانپوءِ کيس معاف ڪيو ۽ نه ئي وري سندس ڪٽنب کي، تنهن ڪري پ پ پ جي هاڻوڪي حڪمران صدر آصف علي زرداري ۽ سندس خوشامدڙي ٽولي کي به تاريخ کان سبق پرائڻ گھرجي!
mksial@gmail.com

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو