Home / افيئر / صحافت جو هڪ عجيب ڪردار: اڱوٺي ئي ڪافي آهي
above article banner

صحافت جو هڪ عجيب ڪردار: اڱوٺي ئي ڪافي آهي

هو ٺُپ اڻ پڙهيل ناهي پر پوءِ به وڏي فخر سان پاڻ کي آڱوٺي ڇاپ نمائندو سڏائدڻ پسند ڪري ٿو ۽  هو اهڙو به آهي ! اڄ جي ترقي يافته ۽ گليمر ميڊيا جي ميدان ۾ لهڻ لاءِ جتي پڙهيا لکيا ۽ سهڻا سيبتا نوجوان واجهائيندا ٿا وتن، اتي ڪاڇي جي ننڍي شهر جوهي جو هي جوڌو جوان ويهارو کن اخبارن ۽ ٻن ٽن چينلن جو نمائندو بڻيو، بالم لڳو وتي ٿو گهمندو. اها نمائندگي آهي ته نالي ۾ نهال پر پوءِ به ايترو اعتراف ضررو ڪبو ته اهي سڀ اخبارون ۽ چينل اسان جي هن همراهه جون موڪليل هر قسم واريون خبرون بنا ڌڙڪ جي لڳائي ڇڏينديون آهن، انهن لاءِ هن جي موڪليل خبر هيٺان پڪي نشاني طور هن ارڏي ”علامه” جو آڱوٺو ئي ڪافي آهي، جيڪو هو پنهنجي صحيح ڪرڻ جي بجاءِ لڳائيندو آهي.

هن جو چوڻ آهي ته سندس هن مثالي صحافتي ڪاميابيءَ پٺيان ستن لکن روپين جي سيڙپ جو ڪمال آهي، اهي پئسا هن مختلف اخبارن جي چڱن مڙسن کان پريس ڪارڊ وٺڻ تي خرچ ڪيا آهن. يعني کائنس خدمت، تحفن ۽ نذرانن کانسواءِ پريس ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جون ڳريون فيون به ورتيون ويون آهن، ٻيو ته هن صحافي بروڪرن جي روڪ خدمت به جام ڪئي آهي، انهيءَ ڪري کيس اها صحافتي ڪاميابي ست لکن ۾ پلئه  پئي آهي.

هن جو ٽارگيٽ اهو آهي ته جڏهن وٽس 25 اخبارن ۽ پنجن چينلن جي نمائندگي ڪرڻ جا ڪارڊ پورا ٿي ويندا، تڏهن هو پنهنجي ”ڪيريئر“  جي آخري انويسٽمنٽ ڪندو، يعني هي اهي سڀئي ڪارڊ کڻي اسلام آباد پريس ڪلب وڃي پهچندو ۽ اتي پر هجوم پريس ڪانفرنس ڪري اصلي صحافين، صحافتي ادارن جي مالڪن ۽ انفارميشن واري وزارت جي آفيسرن کي آئينو ڏيکاريندو ته توهان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اها اوقات آهي جو هڪڙو آڱوٺي ڇاپ ماڻهو به هيترن سالن کان هيترين اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جو نمائندو لڳو ويٺو آهي.

اهڙي زورآور بادشاهه سان منهنجي ”تاريخي“ ملاقات عيد جي ٻئي ڏينهن منهنجي ڳوٺ ۾ ڪرائي وئي، جڏهن  مان اتان جي ڪن صحافي دوستن سان هڪڙي هوٽل تي ويٺي ڪچهري ڪئي،  ان وقت هو ٻي بئنچ تي ويٺل هو ۽ مڪاني صحافين يا نمائندن ڏانهن ڏسندي شرارت مان مسڪرائي رهيو هو، هڪ دوست کيس سڏ ڪري منهنجو تعارف ڪرايو ته هن چيو:

”هائو، مان سائين کي سڃاڻان ٿو… جيڪڏهن سائين مون کي چئلينج ڪري ته مان سندس سامهون ويٺي ڪنهن به اخبار کي خبر لکرائي موڪليان ٿو،  صبح جو اها ڇپيل هوندي!“

مون کيس چئلنج ڪو نه ڪيو جو سنگتي اڳي ئي ٻڌائي چڪا هئا ته سندس موڪيل اها خبر ڇپجندي آهي، مون اهو پڇيو مانس ته هن اهڙو مثالي صهحافتي عروج ڪيئن ماڻيو آهي؟. ان تي هن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سڄو صحافتي سفر بيان ڪري ٻڌائڻ تي راضپو ڏيکاريو، مون واعدو ڪيو ته جيستائين هو نمائندگي جا 25 ڪارڊ حاصل ڪرڻ وارو ٽارگيٽ حاصل ڪري نه وٺندو، تيستائين سندس نالو ظاهر نه ڪندس، انهيءَ خاطريءَ کانپوءِ هن بيان شروع ڪيو:

” سائين ! مان توهان کي سچي ٻڌايان ته صحافت جو پهريون ڪارڊ مون ٻڪري چوري ڪري حاصل ڪيو هو!“

” اها ڪا ايتري حيرت جي ڳالهه ناهي، اسان وٽ صحافت ۾ اهڙا اعليٰ مثال جام آهن“. مون سندس حوصلو وڌائڻ لاءِ هڪڙي عام حقيقت جو سهارو ورتو.

”انهيءَ ڳالهه کي اٺ ڏهه سال ٿي ويا آهن، ان عرصي ۾ مون پنهنجون زمينون کپائي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، پر ايترو ٿيو آهي جو هينئر مون وٽ 19 اخبارن جا اصلي پريس ڪارڊ گڏ ٿي ويا آهن ۽ ٻن ٽي وي چينلن جو به مان نمائندو آهيان. انهن سڀني ادارن کي مان هتان خبرون موڪليندو هان، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نمائندي کان لکرائيندو هان، ڇاڪاڻ ته مون کي  لکڻ ايندو ئي ناهي، انهيءَ خدمت جي بلندي انهيءَ نمائندي جو خرچ پکو مون کي هوندو آهي، گهڻو ڪري 50 روپيا في صفحو انهن کي ڏيندو هان ۽ چانهه، ماني  ۽ وزم پاڻي الڳ هوندو آهي“

” پوءِ به ست لک روپيا ته وري وڏي رقم آهي… ايترا پئسا ڪيئن خرچ ٿيا؟“

” سائين ! ڳالهه اها آ ته هن شهر جي هر اخباري نمائندي مون کي جاهل سمجهي لٽيو آ. مان وري اهڙو هان جو انهن کي ئي انڌو ڪري، انهن کان لکرايل خبرون انهن جي ئي ادارن کي موڪلي ڏيندو هان،  مزي جي ڳالهه اها جو انهن جو پنهنجي نالي ۽ ٺپن سان موڪيل خبرون گم… منهنجي آڱوٺي واري نشان سان موڪليل خبرون منهنجي باءِ لائن سان ڇپجي وينديون آهن، ايئن مان کائنن پنهنجي لٽ مارجو پلاندو ڪندو هان، اڄ به هي سڀئي ويٺا ٿوّ. انهن کي چئليج آ. هي پنهنجي ادارن کي نيوز لکي موڪلين ۽ مان به انهن ئي ادارن کي نيوز موڪليان ٿو، هنن جي ڇڏي منهنجي نالي واري خبرون ڇاپيندا. هي ڀلي پنهنجي موڪليل خبرون تي صحيحون ڪن، ٺپا هڻن، ڪجهه نه ٿيندن،  مان پنهنجي لکرايل خبر جي هيٺان آڱوٺو هڻي موڪليندو هان، اها پڪي ثابتي هوندي آ ته هي خبر علي….. اڙي اڙي!! سائين! معاف ڪجهه، تڪڙ ۾ پنهنجو نالو پئي کنيم… توهان مهرباني ڪري نه لکجو!“

”اخباري ادارا توهان تي ايترا مهربان ڇو آهن؟“

” سائين! پيسه ڦينڪ تماشا ديک. سمجهو ٿا نه؟ مان انهيءَ شوق ۾ پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اخباري آفيسن ۾ جيڪي وڏا صاحب ويٺا آهن، انهن جي روڪ خدمت ڪندو هان“.

”پوءِ آڱوٺي لڳل خبر هيئن ڇپجي ٿي وڃي؟“

” اهو ئي اسان جو ڪمال آهي! اڳي ايئن ٿيندو هو جو هتي جا نمائندا جيڪي مون سان ساڙ ڪندا هئا ته هن جو خبرون سڀ لڳن ٿيون، اسان جون ڇو نه ٿيون لڳن؟ انهن ڇا ڪيو جو پنهنجي خبرن هيٺان منهنجو نالو لکي موڪلڻ لڳا، نيوز ڊيسڪ وارا منهنجو نالو ڏسي خبر ڇاپي ڇڏيندا هئا. پوءِ انهيءَ سان منهنجي بدنامي ٿيندي هئي سڀئي سنگتي مون تي چرچا هڻندا هئا ته، تنهنجي نالي سان خبر لڳرائي اسان گراهڪ کان پئسا کرا ڪيا، اهو حال ڏسي مان اخبارن جي آفيسن ۾ پاڻ وڃڻ شروع ڪيو ۽ سڀني نيوز ايڊيٽرن سان ملي، انهن کي چيم ته هاڻي منهنجي خبر جي هيٺان منهنجي نالي جي بجاءِ منهنجي آڱوٺي جو نشان لڳل هوندو، فقط اهڙيون ئي خبرون ڇاپجو، هنن مون کي خاطري ڪرائي ته اڳتي ايئن ئي ٿيندو، اهو ڏينهن، اڄوڪو ڏينهن.. جنهن خبر تي هو منهنجي آڱوٺي جو نشان لڳل ڏسندا آهن، اها خبر وڏي ڪري هڻندا آهن“.

”پر جيڪڏهن تنهنجو ڪو دشمن نمائندو ايئن ڪري ته پوءِ!“

” ڪيئن ڪري؟“ هو سمجهي نه سگهيو.

”ڀائو! تنهنجي جاءِ تي پاڻ خبر هيٺان آڱوٺو هڻي موڪلي ته پوءِ؟“

”سائين ! ايترو عقل اڃا نه ڪو هنن نمائندن ۾ آهي ۽ نه وري نيوز ڊيسڪ وارن کي اها سوچ آهي ته منهنجي بجاءِ ڪو ٻيو همراهه به آڱوٺو هڻي خبر موڪلي سگهي ٿو!“.

ست لک خرچ ڪرڻ وارو سوال تون گول ڪري ٿو وڃين…. ڇو؟

” نه سائين! مان سوچيان ٿو ته ڳالهه جي شروعات ڪٿان ڪيان؟ اصل ڳالهه اها آهي ته مون کي اخبارن ۾ پنهنجو نالو ڇپائڻ جو وڏو شوق هو ۽ اڃا به آهي، پر هي نمائندا اهڙا استاد اٿوَ جو مون جهڙي اڻ پڙهيل کي پنهنجي ڀرسان بيهڻ به نه ڏيندا هئا، هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو هنن مان هڪڙي همراهه مون کي دڙڪا ڏنا ته جاهل تون هتي اخباري نمائندن جي وچ ۾ ڇو ٿو اچي ويهين؟ مان انهيءَ ڏينهن تي انهن کي چئليج ڏنو هو ته مان به توهان جهڙو اخباري رپورٽر(نمائندو) ٿي ڏيکاريندس، پوءِ اتان مان ڪاوڙ ۾ نڪري آيس، انهيءَ موڊ ۾ ئي مون هڪڙي مائٽ جي ٻڪري چورائي ۽ اها وڪڻي پئسا کيسي ۾ وڌم، ٻه ٽي هزار مون وٽ گڏ به پيا هئا، سو اهي به کنيم ۽ وڃي هڪڙي چڱي نمائندي جو پاسو ورتم، ان کان پڇا ڪيم ته اخباري نمائندو گهڻي ۾ ڪندا آهن؟ هن ٻڌايو ته ست هزار رپيا کن خرچ ايندو. اڄ کان ڏهه سال اڳي ڏهه هزار وڏا پئسا هئا پر مون کي شوق بيهڻ ئي نه پيو ڏئي، سو انهيءَ کي ٻڌايم ته ايترا پسا ته مون وٽ آهن. اهن چيو ته ”پوءِ هلون ٿا حيدرآباد.. اتي هڪڙي اخبار جو وڏو ايڊيٽر منهنجو گهاٽو يار آهي، بيٺي پير اسان کي ڪارڊ به ٺاهي ڏيندو ۽ خدمت چاڪري به ڪندو، يعني پئسا منهجا هوندا ۽ انهن مان ماني ٽڪي اهو کارائيندو!. وڏن شهرن جون وڏيون ڳالهيون! سو مون چيو ته ٺيڪ آهي، هلون ٿا، هن يار چيو ته مون کي پنهنجي تياري لاءِ ٻه هزار کن کپن ، اهي ڏي ته انتظام ڪيان ۽ ٻيا پئسا به امانت ڪري مون وٽ رکرائي ڇڏ،  متان کپائي ڇڏين، مون ان تي اعتماد ڪري سڀ پئسا کيس ڏئي ڇڏيا.هن چيو ته ” جيستائين منهنجو نئون وڳو تيار ٿئي تيستائين تون به ڪپڙا سبراءِ ته پوءِ هلون حيدرآباد“ ان ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويا. هفتي کانپوءِ سندس گهرويس ته همراهه نڪتو ئي ڪونه، ٽئين چوٿين ڏينهن اوچتو ملي ويو ته ٻوٿ ڀيلو ڪري چوڻ لڳو:

” يار! تو وري منهنجي قرضين کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مون هن کي پئسا ڏنا آهن ۽ مون کي پريس ڪارڊ ٺهرائي ڏيندو، اچي قرضين ورايو.. اصل بي عزتي پيا ڪن، مجبورن سڀئي پئسا انهن کي ڏئي عزت بچايم، هاڻي ٻيا ڪي ڏوڪڙ هٿ ڪر ته ڪم جو بلو ڪريون“ مون کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي جو اها خبر هيم ته ڪوڙ ٿو هڻي، منهنجي پئسن مان سودوسٽ وٺي گهر ۾ رکيو اٿس ۽ ٻارن کي ڪپڙا به وٺي ڏنا اٿس، پر منهنجو ڪم ڦاٿل هو، سو ڪيئن چوانس ها ته ڪوڙ ٿو هڻينٰ، چيومانس: خيرآ يار! وري ڪو  ٻيو جگاڙ ٿو ڏسان. هن ڀيري مون گهر ۾ رکيل ان جي ٻورين کي ڪلهو ڏنو ۽ اهي کپائي پئسا کرا ڪيم، هاڻي عقل اهو هلايم جو پئسا يار کي نه ڏنم ۽ چيو مانس ته تون گڏجي هل، سڄو خرچ مون تي آ. هن چيو ته وڏن ادارن ۾گهڙڻ کان اڳي وڏن نمائندن سان صلاح ثواب ڪبي آهي، سو دادو هلي پهرين اتان وارن اخباري نمائندن سان ملڻ کپي، مون کي به اها ڳالهه دل سان لڳي، شام جو دادو اچي جهونن جڳين سان مليا سين، هو انهن کي پاسي تي وٺي وڃي سس پس ڪرڻ لڳو، موٽي اچي چيائين همراهه چون ٿا ته اهڙيون اهم صلاحون ڀلي ماني کائي پوءِ ڪبيون آهن، خالي پيٽ مغز ڪم نه ٿو ڪري، سو دادو واري مهانگي هوٽل تي وٺي آيا ۽ اچي کائڻ ۾ پيا، کائي بس ڪيائون ته سگريٽ ۽ چانهه جي ٻاڙ  لڳن، اها پوري ٿي ته مون واري کيسي جا اڌ ڪم به پورا ٿي ويا، پوءِ به ضد ڪري منجهند جو مان هن کي وٺي حيدرآباد آيس جو دادو وارن ماني کائي اُڳرايون ڏئي صلاح ڏني هئي ته اهڙيون ٻه ٽي ڪچهريون ڪجن ته جيئن مون کي صحافت جي گهڙن گهٽن جي خبر پوي بهرحال صبح جو ساڍي اٺين وڳي اسان حيدرآباد جي هڪڙي اخباري آفيس اڳيان اچي بيٺا هئاسين، هن چوڪيدار کي چيو ته اسان نيوز ايڊيٽر سان ملنداسين. چوڪيدار اسان کي هيٺ مٿي ڏٺو ۽ پڇيائين:

” ڪٿان چڙهي آيا هو؟، هن ٽائيم اخبار جي آفيس ۾ ڪو هوندو آ ڇا؟ ڀڄو هتان، منجهند کانپوءِ اچجو“

اسان هوٽل تي اچي ويٺا سين، مون ڪيڪ پيس چانهه سان کاڌو ته مون واري سنگتي نيرن منجهند هڪ ڪري ڏني، جيتوڻيڪ جهليو مانس ته يار هٿ هلڪو هلاءِ پاڻ کي منجهند تائين هتي ويهڻو آهي…. ماني کائي اٿندا سين، پر مجال جو ڳالهه سمجهي ڪلاڪ ٻن کانپوءِ  بيرو هر هر ٽيبل صاف ڪرڻ اچڻ لڳو  ۽ پڇڻ لڳو:

” صاحب ٻيو ڪو حڪم؟“

ان تي اسان وارو يار هر ڀيري ان کي ڪجهه نه ڪجهه گهرائڻ لڳو. چئي هتي ويهڻ لاءِ اهو لازمي آ ته ڪجهه گهرائبو رهجي،  وڏو شهر آ، اٿاري ڇڏيندا. بهرحال اها نيرن منجهد به سستن ڏينهن ۾ ڏيڍ ٻه سو رپين ۾ پئي، ٻين وڳي ڌاري وري اخباري دفتر آياسين. اندر مئگزين وارا همراهه ويٺا ڪم پيا ڪن، مون واري يار هيڏي هوڏي وائڙن وانگر ڏٺو ۽ پوءِ منهنجي ڪن ۾ چيائين: جيڪو همراهه مون کي سڃاڻي، اهو ته آهي ئي ڪو نه. بهرحال مان همت ڪري اڳتي وڌيس ۽ جيڪو چڱو مڙس پيو ڏسجي ان جي آڏو وڃي بيهي رهياسين، ڪافي ٽائيم بيٺا هئاسين، تڏهن همراهه ڪنڌ مٿي کڻي رکي انداز ۾ پڇيو:

”ڇاهي؟ ڇو بيٺا هو ابا!“

سنگتي ٻڌايس ته هن کي پريس ڪارڊ کپي، في به کڻي آيو آ.

هن پوءِ به ويهڻ جي صلاح نه هنئي، باقي چياين ته گهڻي آندي اٿو؟

مون جوهي موٽن وارو ڀاڙو الڳ ڪري، ٻيا سڀ ڏوڪڙ ڪڍي هن جي آڏو ٽيبل تي رکيا، هن ڳڻي کڻي کيسي ۾ وڌا ۽ چوڻ لڳو:

”ڀائو! اخباري ڪارڊ رڳو في ڏيڻ تي ٿورئي ملندا آهن“

”ايڊيٽر صاحب کي ڪي چڱا گفٽس آڻي ڏيو ته مان سفارش ڪندو مانس ته سائين پنهنجو همراهه آ، ڏيوس نمائندگي“.

مون وارو سنڱي ڀت وانگر بس ڪيون بيٺ هو، بس مان پيو ڳالهائيان، جيتوڻيڪ هو ڊاڙون هڻي وٺي آيو هو ته سڀني اخبارن جا ايڊيٽر هن جا پڳ مٽ يار آهن، مون ان انچارج صاحب کان پڇا ڪئي ته ايڊيٽر صاحب کي ڪهڙا گفٽ وڻندا آهن؟ ٻڌائڻ لڳو:

اصلي ماکي ۽ سچو گيهه يا مکڻ“

مون چيو ته اهو پاڻ وٽ جام! اڳي خبر هجي ها ته ٻه ٽي شيشا ماکي جا ۽ چونئري کن مکڻ جي کنيون اچون هان، خير اسان بڇڙا ٿي موٽيا سين، پريس ڪارڊ نه مليو،

ڪجهه ڏينهن رکي ايڊيٽر صاحب جا من پسند تحفا هٿ ڪري وري ساڳئي دفتر ۾ وڃي داخل ٿياسين ۽ خير سان نمائندگي وٺي اتان نڪتس:” ڪيو قادر قلندر مست…… شهباز!“

پوءِ سائين جوهي اچي هڪڙو ٻيو نمائندو هٿ ڪيم ۽ اداري کي خبرون لکرائي موڪلڻ شروع ڪيوم ائين ڪندي ڪندي مان ڏيڍ ڊزن اخبارن ۽ ٻن چينلن جو نمائندو ٿي ويس“

مون هن ستمگر صحافيءَ کان پڇا ڪئي:

”ڪاوڏي بريڪنگ نيوز به ڏنئي ڪڏهن؟

” کوڙ !.. پر خبر بريڪ ڪا نه ڪيم، پاڻ هٿ جي هڻي لڳرايم” هو کلڻ لڳو ” اهو وري ڪئين؟“

”سائين مان جوهي جي سڀني ”رپورٽرن“ سان شرط هنئي هئي ته مان جيڪا به خبر موڪليان اها لڳي ويندي، چيائون ته ثابت ڪري ڏيکاري، مون خبر لکرائي ته ڪاڇي واري علائقي ۾ خوفناڪ زلزلو اچي ويو، وڏي پيماني تي تباهي.. تفصيل اڃا معلوم نه ٿي سگهيا آهن“ اداري وارن جو مون تي ايڏو اعتبار جو ورائي پڇا نه ڪيائون. نه وري ٻين ذريعن کان تصديق ڪيائون، مانيٽرنگ ڊيسڪ وارن کان به پڇا نه ڪيائون بس مون تي ڀروسي ڪري اخبار جو بوتو (Logo) هيٺ لاهي، ان جي مٿان ٿلهي ڪاري پٽي ۾ ليڊ هنيائون ته ” ڪاڇي ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي“ نه خبر نه تفيصل ۽ نه ئي وري اهو پتو ته ڪهڙا علائقا متاثر ٿيا يا ڪيترا ماڻهو مئا؟ هيٺان بس ايترو لکيو هئائون ته وڌيڪ تفصيل اڃا اچن پيا، ٻين اخبارن ۾ اها خبر لڀي ئي ڪانه، نه وري ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڪو اهڙو اطلاع هو، ان خبار ٻي ڏينهن پنهنجي ليڊ جي وضاحت يار ترديد نه ڇاپي، نه وري مون سان رابطو ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي ته يار! هيڏو وڏو بلنڊر ڪيئن ڪيئي؟ مون پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ اهڙا ڪيئي ڪارناما ڪيا آهن”

هن منهنجي چوڻ تي پنهنجي کيسي مان ڏيڍ درجن پريس ڪارڊ ڪڍي ٽيبل تي سجائي رکيا، مون انهن جا فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪئمرا ڪڍي ته هڪدم ميڙي کنيائين ۽ کلي چوڻ لڳو:

”سائين حالي نه…. 25 ڪارڊ پورا ڪيان، پوءِ ڀلي فوٽو ڪڍي ڇاپجو، هاڻي اهي ڇپيا ته ٻيون اخبارون مون کي ڪارڊ نه ڏينديون، مهرباني ڪري هنن اخبارن جا نالا به لکجو جن جا ڪارڊ مون وٺي ڇڏيا آهن“.

هن اها به گذارش ڪئي ته مان سندس نالو سڄو نه لکان، باقي فوٽو ڀلي ڇاپي ڇڏيا، ڇا ڪاڻ ته اخباري ادار ن جا اڪثر همراهه کيس شڪل کان ڪون سڃاڻن،سنگت ساٿ پاران پئسا کڻي وڃڻ تي ڪارڊ جاري ڪيا اٿن!

هن هڪڙي عجيب ڀري خبر اها ٻه ٻڌائي ته چار سال جدي ۾ ڪمائي آيو آهي ۽ اتان نڪرندڙ هڪ اردو اخبار جو  پريس ڪارڊ به هٿ ڪري آيو آهي!

هاڻي جيئن ته هن جو ٽارگيٽ پورو ٿي چڪو آهي يعني هو اخبارن ۽ چئنلن جي نمائندگي جا ڪارڊ پنهنجي مرضي مطابق 25 کان وڌيڪ حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري سندس نالو لڪائڻ ضروري نه رهيو آهي.

سنڌ جي انهي منفرد صحافي جو نالو علي شير لغاري آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو