Home / ڪرنٽ افيئر / طالبان ويڙهاڪ ڪراچي ۾
above article banner

طالبان ويڙهاڪ ڪراچي ۾

اڄ کان ٽي سال اڳ جڏهن ميڊيا توڙي ڪراچي ۾ سياست ڪندڙ ڌر ايم ڪيو ايم پهريون دفعو ڪراچي ۾ طالبان جي موجودگي ۽ ان ۾ صوبي خيبرپختونخوا ۽ قبائلي علائقن مان وڏي تعداد ۾ ڪراچي اچڻ جي نشاندهي ڪئي هئي ته ان وقت وزير داخلا رحمان ملڪ ۽ ڊاڪثر ذوالفقار مرزا نه رڳو ان جي روايتي انداز ۾ ترديد ڪئي هئي پر سنڌ جي ان جي وقت جي پاور فل گهرو وزير ڊاڪٽر مرزا ان حوالي سان طنزيه بيان بازي پڻ ڪئي هئي پر اڄ جڏهن ڪراچي ۾ ٿيندڙ پرتشدد ڪاررواين جو پيرو کڻڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۽ گروپن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان پڻ شامل آهي. ان جو تازو مثال گذريل اربع ڏينهن اي اين پي جي شرپائوڪالوني لانڍيءَ ۾ قائم آفيس تي 6 موٽر سائيڪل سوارن حملو ڪري شيرپائو ڪالوني ۾ A N P جي وارڊ صدر سليم خان ۽ ٻن ڪارڪنن نياز يوسف زئي ۽ عابد نصريويءُ کي قتل ڪيو ۽ ان جي ٻن ڪارڪنن فهيم بنگش ۽ محمد عارف کي زخمي ڪري ڇڏيو، انهي حملي جي ٻن ڪلاڪن ۾ ئي تحريڪ طالبان پاڪستان اي اين پي جي ڪارڪنن تي ٿيل حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي. ان کان اڳ به 16 آگسٽ تي پختون آبادي واري علائقي بنارس ۾ يونين ڪائونسل جي اڳوڻي ناظم ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر امير سردار خان کي فرنٽيئر ڪالوني ۾ سندس گهر جي ٻاهريان ٻن ساٿين سميت ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ ٺيڪ ان جي ٽئين ڏينهن تي ساڳي فرنٽيئر ڪالوني ۾ عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري بشير جان جي گاڏي تي هينڊ گرنيڊ سان حملو ڪيو هو جنهن ۾ هو معجزاڻي طور تي بچي ويو ۽ انهن حملن جي ذميواري به تحريڪ طالبان قبول ڪئي هئي.

ان کانسواءِ ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ پوليو جي مهم هلائيندڙ ڪارڪنن ۽ هڪ ڊاڪٽر کي پڻ طالبان قتل ڪري ان جي ذميواري پڻ قبول ڪئي. باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل هڪ سال جي اندر ڪراچي ۾ سوات سان تعلق رکندڙ 50 کان وڌيڪ رهواسين کي ٽارگيٽ ڪلنگ جي ذريعي ماريو ويو آهي. مارجي ويلن جي وڏي تعداد جو تعلق تعلقي ڪبل سان آهي، جيڪو طالبان جو ڳڙهه سمجهيو وڃي ٿو ۽ جڏهن سوات ۾ آپريشن شروع ٿيو هو ته طالبان ويڙهاڪن جي اڪثريت اتان فرار ٿي  ڪراچيءَ اچي وئي ۽ اهو سلسلو جيڪو اڄ کان ٽي سال اڳ سوات ۾ آپريشن کان پوءِ شروع ٿيو هو. هاڻي انهن ويڙهاڪ طالبانن پنهنجون ڪارروايون ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ شروع ڪري ڇڏيون آهن. جنهن جو پهريون نشانو اي اين پي جا عهديدار ۽ ڪارڪن آهن، ڇاڪاڻ ته صوبي خيبرپختونخوا ۾ اي اين پي جي حڪومت هجڻ ۽ طالبان سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سزا کين ڪراچي ۾ ڏني پئي وڃي. سنڌ پوليس جي هڪ اهم عملدار هڪ خانگي ڪچهري دوران ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 6 لک کان وڌيڪ طالبان اچي ويا آهن جن  ۾ 70 هزار کان وڌيڪ باقائده ٽريننگ يافته ۽ ويڙهاڪ آهن جيڪي شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري ۾ وڏي پيماني تي ملوث آهن. هن اهو پڻ چيو ته ڪراچي مذهبي ويڙهاڪن ۽ خصوصن تحريڪ طالبان ۽ لشڪر جهنگوي لاءِ ڪاررواين  توڙي روپوشي اختيار ڪرڻ لاءِ هن وقت محفوظ ترين شهر آهي. ڪراچي ۾ طالبان ويڙهاڪن ۾ اڪثريت ڏکڻ وزيرستان، مهمند ايجنسي ۽ سوات سان تعلق رکي ٿي. جن هاڻي پوري ڪراچي ۽ خصوصن پٺاڻ آباديءَ وارن علائقن ۾ طالبان ڪاميٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن ۽ ان جي ذريعي ڀتو وٺڻ پڻ شروع ڪيو آهي جيڪو هر گهر تي  هر مهيني هڪ هزار روپين کان وٺي هڪ لک روپين  تائين رکيو پيو وڃي جڏهن ته مالدار ۽ وڏو ڪاروبار ڪندڙن تي ان ڀتي يا چندي جي رقم وڌيڪ آهي،جيڪا کانئين ڪراچي ۾ پختونخوا  کان خيبر پختونخوا ۽ خصوصن وزيرستان ۾ هلندڙ ڪاررواين ۾ طالبان ويڙهاڪن ۽ کين ڪراچي ۾ به تحفظ مهيا ڪرڻ جي پاليسي تي ورتي وڃي ٿي. تنهنڪري ڪراچي جي ڪاروباري پختون آبادي ڪراچي ۾ ٻين لساني گروپن جي خطري کان بچڻ توڙي پختونخوا ۾ جهادي طالبان جي “ثواب خاطر ”مدد واري جذبي تحت پڻ چندو ڏئي رهيي آهي ڇو ته سوات ۽ وزيرستان ۾ ويڙهاڪن ۽تربيتي ڪئمپن جي خصوصن خليجي ملڪن مان ٿيندڙ مالي مدد ۾ ڪمي ۽ دشواري جي ڪري شديد مالي بحران جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ۽ ان جو پورائو ڪراچي ۾ ڪارروايون ڪري ڪيو پيو وڃي.

واٽرپمپ واري علائقي ۾ بانس جي لڪڙن ۽ تعميرات جو مٽيريل وڪرو ڪندڙ مهمند ايجنسي سان تعلق رکندڙ کان هڪ واپاري طالبان پنجاهه لک روپيا ڀتي جي گهر ڪئي نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان بعد هن طالبان ويڙهاڪن کي 40 لک روپيا ادا ڪري پنهنجي جان ۽ ڪاروبار بچائي ورتو. ذريعن اهو پڻ ٻڌايو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون علائقه غير کان  ايندڙ جنگجو باقائده طئه شده ۽ منصوبا بندي تحت ڪري رهيا آهن جن کي مخصوص هدايتون ۽ ٽارگيٽ ڏنا وڃن ٿا. طالبان ويڙهاڪن جون اهي ڪارروايون  اثر رسوخ تشدد ۽ ماڻهو مارڻ وارو رجحان تمام تيزي سان ڪراچي ۾ وڌي رهيو آهي.

اي اين پي سان تعلق رکندڙ هڪ اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پختون آبادي وارن علائقن ۾ هاڻي ويڙهاڪ طالبان جو ۽ دٻدٻو وڌي رهيو آهي ۽ طالبان جي نيٽ ورڪ جي منظم ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ عوامي نيشنل پارٽي پنهنجون آفيسون پڻ بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ تيزي سان ڪراچي جي پختونخوا علائقن خصوصن سهراب ڳوٺ، فرنٽيئر ڪالوني، ميٽروول، پٺاڻ ڪالوني، قصبه ڪالوني، سوات ڪالوني،شيرپائو ڪالوني، فيوچر ڪالوني، ڪٽي پهاڙي، رشيدآباد ۾ طالبان سرگرم ٿي ويا آهن.  ايستائين جو هاڻ پختون آبادي جيڪا 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ مذهبي جوش ۽ جذبو رکي ٿي ان طالبان ويڙهاڪن کي عوامي نيشنل پارٽي کان وڌيڪ سچو ۽ محفوظ سمجهڻ شروع ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو عام پختونن کي سندن جو ڪراچي ۾ ٻين قومن وارن خصوصن “ پختون ۽ مهاجر” جهڳڙي ۾ وڌيڪ تحفظ مهيا ڪري ڏيڻ جو آسرو پڻ ڏنو آهي، ترقي پسند ۽ سيڪيولر سوچ واري عوامي نيشنل پارٽي جيڪا هن وقت تائين “ قومپرستي” جي نالي ۽ ۾ مڙني پختونن جي ڪراچي ۾ مالڪي نمائندگي جو ڪم ڪندي رهندي آئي آهي ان لاءِ هن وقت ايم ڪيو سان گڏ طالبان به وڏو چئلينج ٿي سامهون اچي ويا آهن.

ڪابل، پشاور ۽ ڪنڌار کان  به وڌيڪ پختون ڪراچيءَ ۾ نه رڳو رهن ٿا پر هو انهن شهرن کان وڌيڪ اڄ به پاڻ کي ڪراچي ۾ ئي محفوظ سمجهن ٿا، روزگار ۽ سٺي ڪمائي لاءِ ڪراچي کي ٻي دبئي سمجهن ٿا. جيستائين ڪراچي جي اصلي مالڪن جو تعلق آهي اهي اڃا به اگهور ننڊ ۾ ستل آهن. ڪراچي جي اصل مالڪي ڪرڻ لاءِ ڪون ٿا سوچين ڇا سڪرنڊ، دادو، حيدرآباد ۽ سانگهڙ ۾ مظاهرا ڪرڻ ، بک هڙتالون ڪرڻ ۽ پنهنجن ئي شهرن ۾ هڙتالون ڪري پنهنجي ئي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ سان ڪراچي جي مالڪي ٿي ويندي ؟  يا هن شهر ۾ اچي رهي، ڪاروبار ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ سان مالڪي ٿيندي ؟ گذريل 10 سالن کان ڪراچي ۾ انگريزي صحافت ڪندڙ هڪ سنڌي نوجوان موجوده ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته “جڏهن ٻورا پي سبيا تڏهن اٺ پئي رڙيا” سو جڏهن 3 سال اڳ 2009 ۾ سوات کان لکن جي تعداد ۾ سوات ۾ آپريشن دوران ڪراچي ڏانهن آئي ڊي پيز بڻجي آيا هئا ته جيئي سنڌ جي ساٿين سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ هڙتال جو سڏ ڏنو هو جنهن جي ٻين سياسي ڌرين به حمايت ڪئي هئي. ان لاءِ ڪراچي جي مالڪي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ نه رڳو ضروري آهي پر وقت جي اهم ضرورت پڻ آهي سنڌ جي سڀني قومپرستن، وطن پرستن  توڙي وفاق  پرست پارٽين ۽ خصوصن سنڌ جي فطري اتحادين کي گهٽ ۾ گهٽ “ڪراچي جي مالڪي”جي نڪتي تي گڏ ويهڻ گهرجي.  ٻي صورت ۾ هتي ماضي جو “ روشنين جو شهر ” ۽ “ اوڀر جي راڻي” سڏجندڙ شهر اسان جي پيرن هيٺان نڪري انهن جهادين ۽ انتهاپسندن جو شهر ٿي ويندو جنهن کي شايد اسان جو ايندڙ نسل به پنهنجو نه ڪري سگهي ۽ پوءِ تاريخ اسان کي ڪهڙن لفظن ۽ جملن ۾ بيان ڪندي، ان تاريخ جي وقتن ۾ ٿيل ڏوراپن ۽ ڦٽ ملامت کان بچڻ لاءِ اڃا به وقت ويو  آهي.

ishaksoomro@yaoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو