Home / افيئر / ماسٽر ريجنل ميگاپراجيڪٽ- هڪ ٻيو ميگاڊزاسٽر
above article banner

ماسٽر ريجنل ميگاپراجيڪٽ- هڪ ٻيو ميگاڊزاسٽر

14 سيپٽمبر 2012ع تي حيدرآباد ۾ سيڊا ۽ واٽر سيڪٽر امپرومينٽ پراجيڪٽ (وسپ) جي نگراني ۾ سنڌو درياهه جي کاٻي طرف کان اڳوڻي قديم ڊيلٽا ۽ هاڻوڪي سامونڊي پٽي مان برساتي ٻوڏن واري پاڻي کي خير خوبي سان سمنڊ ۾ نيڪال ڪرائڻ واري ريجنل ماسٽر پلان ميگا پراجيڪٽ جي اڀياس جي ٻئي مرحلي واري رپورٽ جي منظوري لاءِ پينل آف ايڪسپرٽ جو هڪ اهم اجلاس ڊاڪٽر اسد الله قاضي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ هيلتائين ڪيل اڀياس جي ٻي مرحلي جي رپورٽ کي مڪمل ڄاڻائي سيڊا ۽ وسپ جي اهلڪارن منظور ڪرائي ورتي. ان اجلاس ۾ وسپ جي ميگاپراجيڪٽ جي آمريڪي ڪنسلٽنٽ ڪمپني لوئس برجر گروپ جي ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر ڪارلوس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گلوبل وارمنگ جي ڪري پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي هن خطي ۾ معمول کان وڌيڪ تيز برساتون پئجي رهيون آهن. اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ وسپ جي ٻئي مرحلي ۾ ايل بي او ڊي جو اسٽرڪچرل حل اهو ڪڍيو ويو آهي ته جتان ايل بي او ڊي جا سم نالا پاڻي جي قديم قدرتي دريائن ۽ ڍورن کي وچ مان ڪٽي رڪاوٽ بڻجن ٿا، اتان سائفن واريون نيون ٺاهيون وينديون، ٺهيل مورين کي ويڪرو ڪيو ويندو. ايل بي او ڊي جي سم نالن تان وڌيڪ برساتي ٻوڏ واري پاڻي جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻوڏ واري پاڻي جو رخ ٿر ڏانهن ڪيو ويندو، جنهن تحت ڍورو نارو، هٿونگو ۽ رحمڪي بازار وٽان سم نالن کي هيٺان سائفن ڏئي برساتي ٻوڏ واري واڌو پاڻي کي ٿر جي ڍنڍن ڏانهن نيڪال ڪيو ويندو. جڏهن ته سامونڊي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ سامونڊي پٽي ۾ تمر جا ٻيلا پوکيا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل رپورٽ کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ درياهه جي کاٻي پاسي وارن 6 هزار ڳوٺن جي ماڻهن، آبادگارن ۽ ماحوليات جي ماهرن کان تجويزون ورتيون ويون آهن. هن اجلاس ۾ سيڊا جي هڪ اهلڪار اها پڻ ڳالهه ڪئي ته هن سال بدين ۾ 100 ملي ميٽر برسات وسي آهي.جنهن جو پاڻي ايل بي او ڊي جي سم نالن مان بنا ڪنهن نقصان ڪرڻ جي سمنڊ ۾ نيڪال ٿي ويو. مذڪوره عملدار ان موقعي تي اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته ايل بي او ڊي جا سم نالا فقط 50 ملي ميٽر برسات لاءِ ٺهيل آهن پر هن سال جي آبڪلاڻي ۾ وڏو ڪمال ٿي ويو جو بدين وٽان ايل بي او ڊي جي سم نالن مان 100 ملي ميٽر برسات جو پاڻي خير سان نيڪال ٿي ويو، جنهن ڪار نامي جي وڌيڪ وضاحت ڪندي هن چيو ته سيڊا طرفان ايل بي او ڊي  جي بحالي وارن ڪرايل بهتر ڪمن سبب بنا ڪنهن گهاري پوڻ جي برساتي پاڻي نيڪال ٿي ويو.

رپورٽ موجب اجلاس ۾ ماهرن جي پينل جي ٻن ميمبرن ايس پي او جي چيف ايگزيڪيوٽو نصير ميمڻ ۽ بدين واسي واٽر ايڊ سائوٿ ايشيا جي سربراهه مصطفيٰ ٽالپر ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين بابت سخت اعتراض واريا ۽ سندن تجويزن کي ٻئي مرحلي واري رپورٽ ۾ شامل نه ڪرڻ تي انهن ٻنهي ماهرن ايڪسپرٽس پينل تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

هي ڪيڏي نه حيرتناڪ ڳالهه آهي ته آبپاشي ۽ ڊرينيج جا هيڏا ميگاپراجيڪٽ مقامي ڄاڻو ماڻهن جي مشاورت کانسواءِ اهي ساڳيا پرڏيهي گورا ماهر، واپڊا، آبپاشي  ۽ سيڊا جا ساڳيا سرڪاري  راشي اهلڪارڳجهه ڳوهه ۾ جوڙي خانه پوري واريون من گهڙت هاڃيڪار رپورٽون مڪمل ڪري سنڌ ۾ هڪ نئين ميگا ڊزاسٽر آڻڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته انهن ئي ڪامورن عوام جي رت ۽ پگهر جا اٽڪل 60 ارب روپيا دڦ ڪري ايل بي او ڊي جو هڪ اهڙو  راڪاس پيدا ڪيو آهي، جيڪو گذريل اٽڪل 20 ورهين کان بدين واسين کي ٻوڙي تباهه ڪري رهيو آهي ۽ گذريل سال 2011ع ۾ ايل بي او ڊي سڄي ڏاکڻي سنڌ کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو هو. انهن ساڳين آبپاشي اهلڪارن جي نااهلي ۽ بدعنوانين جي ڪري گذريل ٽن سالن کان لاڳيتو سنڌ ٻڏي تباهه ٿي رهي آهي،انهن هٿرادو آندل آفتن کي واپڊا، آبپاشي ۽ سيڊا جا راشي بدعنوان سرڪاري ڪامورا وڏي منهن جي پڪائي سان قدرتي آفت جو نالو ڏئي رهيا آهن.وسپ جي جنهن ٻي مرحلي جي رپورٽ منظور ڪئي وئي آهي، ان رپورٽ جي ڪاپي بدين جي اسٽيڪ هولڊر ڪميٽي کي ڏيکارڻ کانسواءِ ئي مبينا طور بحال ڪئي وئي آهي. حيدرآباد واري مذڪوره اجلاس ۾ ايل بي او ڊي ري ڊزائين اسٽيڪ هولڊر ڪميٽي بدين جي سربراهه پاڻي ماهر سائين ظفر علي شاهه سميت ڪميٽي جي ڪنهن هڪ به ميمبر کي مدعو نه ڪيو ويو. بدين واسي مصطفيٰ ٽالپر جيتوڻيڪ سخت اعتراض واري ماهرن واري سيڊا پينل تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.اسان کي اها پيرائتي ڄاڻ ناهي ته مصطفيٰ ٽالپر ۽ نصير ميمڻ اجلاس ۾ ڪهڙن نقطن تي اعتراض ڪيا هئا.اعتراض ڪندڙ انهن ٻنهي ماهرن مان هڪ حيدرآباد ۽ ٻيو اسلام آباد مقيم آهي.جڏهن ته سائين ظفر علي شاهه ڪڏهن شڪور ڍنڍ تي ته ڪڏهن روپاڙي ۽ رڻ ڪڇ جا رڻ جهاڳي سمنڊ کي بدين کي ڳڙڪائڻ واري عمل کي ويجهي کان ڏسي ان جي تباهڪارين جي سروي ڪري رهيو آهي. وسپ جو ميگاپراجيڪٽ جوڙڻ لاءِ آمريڪي پرڏيهي ڪمپني لوئيس برجر ۽ ان سان گڏ لاهور جي هڪ ڪنسلٽنٽ ڪمپني انڊس ايسوسيئيشن ۽ منصوبي جي پهرين ۽ ٻي مرحلي جي سروي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ بدين ۾ خانه پوري وارا ڪيترائي ساڳي قسم جا سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا، جن ۾ ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين لاءِ بدين جي اسٽيڪ هولڊر ڪميٽي پنهنجي طرفان جيڪي به تجويزون ڏنيون هيون انهن کي شايد ٻي مرحلي جي مڪمل رپورٽ ۾ سري سان شامل ئي نه ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان رپورٽ جي ڪابه ڪاپي بدين جي اسٽيڪ هولڊر ڪميٽي کي نه ڏني وئي آهي.انهن سروي رپورٽن جي تياري واري مرحلي جي ورڪشاپن ۽ سيمينارن تي گذيل اٽڪل ٽن سالن کان جيڪي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، انهن جي رپورٽن جا تفصيل سيڊا، وسپ ۽ پرڏيهي ڪنسلٽنٽ ڪمپني جاري نه ڪيا آهن، جنهن ڪري بدين واسين جي انهن خدشن کي  اوليت ملي ٿي ته سيڊا ۽ وسپ وارا اهو وڌيڪ تباهي مچائيندڙ ريجنل پلان وارو ميگاپراجيڪٽ پڻ پنهنجي مرضي سان ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهي رهيا آهن.

بدين اوسين جا خدشا حيدرآباد وري قابل ذڪر اجلاس بعد انڪري وڌي ويا آهن جنهن ۾ ايل بي او ڊي جي ٻوڏ واري پاڻي کي ٿر ڏانهن ڇوڙ ڪرائڻ وارو منصوبو جوڙيو ويوآهي، جنهن ماهرن جي تجويز کي بدين جي اسٽيڪ هولڊر ڪميٽي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ اهو چئي رد ڪري ڇڏيو هو ته اهو ناقابل عمل ۽ پيسن جو اجايو زيان آهي. ان واڌو پاڻي کي ٿر جي وارياسي ڀٽن مان ڪنهن به ڪينال وسيلي گذاري نٿو سگهجي. اهو پاڻي ٿرپارڪر ضلعي جي يوسي ٻولهاڙي وارن ٿرجي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ قدرتي ماحول کي تباهه ڪري وري به اچي ٻن ملڪن جي حدن ۾ ورهايل قديم ڍنڍ شڪور ۾ داخل ٿيندو، جتان قديم درياهه پراڻ جي ڪوري ڪريڪ وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري لنگهه کي انڊيا وارن پنهنجي سرحد جي دنگ وٽان 10 فوٽ اوچو بند ڏئي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ شڪور ڍنڍ وارو اهو پاڻي واپس اچي بدين ضلعي کي ٻوڙي ٿو. هوڏانهن تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين رستي سمنڊ اچي روپاماڙي تائين پهتو آهي. سمنڊ جي ان ڪاهه کي روڪڻ لاءِ فقط تمر جا وڻ پوکڻ واري رٿا سمجهه کان ٻاهر آهي.هن مذڪوره ريجنل پلان ۾ سمنڊ ڏانهن پاڻي جي نيڪال جا سمورا بند ٿيل رستا کولرائڻ جو ڪوبه منصوبو شامل ناهي.

بدين ضلعو جنهن کي قرباني جو ٻڪر بڻائي پهرين واپڊا وارن ايل بي او ڊي جي راڪاس وسيلي سامونڊي ۽ برساتي پاڻي سان ٻوڙائي اهڙي طرح سان تباهه ۽ برباد ڪيو آهي جو هاڻ هر سال گذريل اٽڪل 15 سالن کان آبڪلاڻي ۾ بدين ضلعي جو ٻڏڻ ڄڻ ته مقدر بڻجي ويو آهي. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته سمنڊ ۾ غير فطري طور تي ڇوڙ ڪرايل هاڃيڪار سم نالو ٽائيڊل لنڪ ڊرين 1999ع جي خونخواري سان سامونڊي طوفان کان هڪ سال اڳ جون 1998ع ۾ سگهارين سامونڊي ويرن جي سٽ نه سهي ڪولري ويئر جي دڪي سميت مڪمل طور تي تباهه ٿي واش آئوٽ ٿي ويو.ان وقت کان اهو تباهه ٿيل سم نالو هر سال برساتن ۾ هزارين ڪيوسڪ سامونڊي پاڻي سان تار ٿي هڪ درياهه جي صورت ۾ ابتو وهي بدين ضلعي کي ٻوڙي ٿو ۽ ان ئي ٽائيڊل لنڪ ڊرين وسيلي سمنڊ هيل تائين بدين ضلعي جي ڏاکڻي قديم ڊيلٽائي ڀاڱي جي لکين ايڪڙ زرعي ۽ انساني آبادي کانسواءِ سنڌ جي قديم تاريخي ماڳن واري ايراضي کي ڳڙڪائيندي اچي. سنڌ جي اڳوڻي تخت گاهه ۽ سنڌجي لافاني قومي هيري شهيد دودي سومري جي آخري آرامگاهه روپاماڙي لڳ اچي پهتو آهي.اهو تباهه ٿيل سم نالو ايل بي او ڊي جي برساتن واري پاڻي کي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ جي بجاءِ ابتو وهي هر سال بدين کي کاري سامونڊي پاڻي سان ٻوڙي ٿو ۽ مٿان وري نواب شاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جي ٽن ضلعن جي ٻوڏ واري پاڻي کي اسپائينل ڊرين رستي بدين ڏانهن ڇوڙ ڪرائي بدين کي ٻوڙيو وڃي ٿو. جيئن گذريل سال جي مهاٻوڏ ۾ بدين ضلعي جو تعلقو ٽنڊو باگو اسپائينل ڊرين ۽ ايم ايم ڊرين وسيلي مڪمل طور تي ٻڏي سمنڊ بڻجي ويو هو. اهو 2011ع جي مهاٻوڏ وارو پاڻي گذريل هڪ سال تائين تعلقي ٽنڊي باگي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي يوسي ٻولهاڙي جي ڳوٺن ۽ ٻنين مان نيڪال ٿي نه سگهيو. اهڙي طرح بدين جو هي بدنصيب لاڙ جو زرخيز تاريخي ضلعو ايل بي او ڊي جي ناڪام ۽ تباهه ٿيل ميگاپراجيڪٽ وسيلي ٻه منهين آفتن جي وچ ۾ اچي جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيسجي رهيو آهي.

بدين جا چونڊيل عوامي نمائندا ۽ سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ بدين جي 18 لک انسانن جون زندگيون ۽ تاريخي ضلعي جو وجود سخت خطري ۾ آهي.اهڙي وقت ۾ اهي ساڳيا گورا پرڏيهي ماهر ، واپڊا ، آبپاشي ۽ سيڊا جا سرڪاري اهلڪار انجنيئر ۽ اين جي اوز جا ڪي سنڌي پاڻي ۽ ماحوليات جا ماهر ان ساڳي ورلڊ بئنڪ جي اٽڪل چار ارب ڊالرن واري وسپ جو هڪ ايل بي او ڊي کان به وڌيڪ خطرناڪ ريجنل پلان جي نالي وارو ميگا پراجيڪٽ بدين جي ماڻهن جي مرضي ۽ مشاورت کان سواءِ جهڙي طرح سان ڳجهه ڳوهه ۾ تيار ڪري رهيا آهن.ياد رهي ته گذريل 14 سالن کان تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين بدين کي سامونڊي پاڻي سان ٻوڙي رهي آهي. جنهن وسيلي سمنڊ تيزي سان بدين ضلعي کي ڳڙڪائي رهيو آهي، ان ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي ابتي وهڪري کي بند ڪرڻ لاءِ وسپ جي مذڪوره ريجنل پلان ۾ سري سان ڪوبه منصوبو شامل ناهي. ڇا فقط روپاماڙي تائين تمر جا ٻيلا پوکي سمنڊ جي ڪاهه کي روڪيو ويندو ؟ ڇا سيڊا ۽ وسپ وارن سمنڊ جو دنگ روپاماڙي تائين مقرر ڪري ڇڏيو آهي ؟ بدين ماڻهو پڇن ٿا ته ضلعي ٺٽي ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل تمر جا هٿرادو ٻيلا ڪيڏانهن ختم ٿي ويا ؟ٽائيڊل لنڪ ڊرين وٽان جيئن ته مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ايل بي او ڊي جي سم نالن جي ٻوڏ واري پاڻي جي سمنڊ ڏانهن نيڪال جو رستو بند آهي.دي پي او ڊي رستي پراڻ درياهه جي شڪور ڍنڍ واري قديم قدرتي پاڻي جي نيڪال واري رستي کي ڀارت پڪو بند تعمير ڪرائي بند ڪرائي ڇڏيو آهي.

اهڙي طرح سمنڊ ڏانهن کاٻي طرف واري پاڻي جي نيڪال جا قدرتي ۽ هٿرادو ٺاهيل سمورا رستا ۽ لنگهه بدستور بند آهن.سمنڊ ڏانهن پاڻي جي نيڪال جا ڪي به رستا پيدا ڪرڻ  ۽ بند ڪيل گس کولرائڻ جي بجاءِ هي هٿ ٺوڪيا ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر خيالي هٿ ٺوڪيا نقشا ٺاهي جيڪو هاڃيڪار ريجنل پلان جو ميگاپراجيڪٽ جوڙي رهيا آهن اهو بدين ضلعي کي وڌيڪ ٻوڙي تباهه ڪرڻ ۽ اربين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. ايل بي او ڊي جي پاڻي کي ٿر ڏانهن موڙڻ وارو منصوبو پڻ غيرفطري ناقابل عمل ۽ زميني حالتن جي ابتڙ ۽ هاڃيڪار آهي. اهو پاڻي ٿر ڏانهن وڃڻ جي بجاءِ واپس شڪور ڍنڍ ۾ ايندو، جيڪو پاڻي انڊيا جي تعمير ڪرايل بند سان ٽڪرائجي واپس اچي بدين ضلعي کي ئي ٻوڙيندو.وسپ جي قابل ذڪر اجلاس ۾ پرڏيهي ڪنسلٽنٽ ڪمپني لوئس برجر جي انگريز ماهر اهو اعتراف ڪيو آهي ته پاڻي جي قديم قدرتي نيڪال واري ڍوري پراڻ جي رستن کي ايل بي او ڊي جي سم نالي اسپائينل ڊرين رڪاوٽون وجهي بلاڪ ڪيو آهي. اهڙو انڪشاف “ افيئر” جي 31 جولاءِ واري پرچي ۾ ٿيل آهي، جنهن ۾ رڪاوٽ بڻيل 9 جاين جي نشاندهي ڪندي اهي آرڊي نمبرc211,c297,c225,c230 ڄاڻايون ويون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو