Home / افيئر / معجزن جامنتظر مسڪين ماڻهو
above article banner

معجزن جامنتظر مسڪين ماڻهو

هوءَ 23 سالن جي مس هئي ۽ شادي به ٽي سال اڳ ٿي هيس. سهڻي، خوش شڪل، رنگ جي چٽي ۽ معصوم ،بيماري ويتر هي معصوم بڻائي ڇڏيو هئس. هن جا سمورا ارمان پاڻي ۾ لڙهي ويا جڏهن خبر پيس ته ٻئي گردا مستقل خراب ٿي ويا اٿس. هڪ گردو ڄائي ڄم کان ننڍو هيس ۽ ٻئي ۾ پٿري جي بيماري، هن مٿان ڄڻ ڪاڇپ ڪري پئي. هن کي ڄاڻ پئي ته هاڻ هُو گردي جي صفائي واري مشين جي محتاج رهندي. سندس پنج ڀائر هئا ۽ ٻه ڀينرون. ڀائر گردو عطيو ڪرڻ لاءِ تيار هئا پر چڪاسڻ تي خبر پئي ته انهن سڀني کي ٻنهي گردن ۾ پٿري آهي ۽ پٿري جو مريض گردو عطيو نه ٿو ڪري سگهي.اهو ٻڌي هن ويچاريءَ جي ته دنيا ئي ويران ٿي وئي ، هوءَ ڄڻ ڪا جيئندي ئي مري وئي.پيءُ جيڪو 50 سال کن جو هيو، اهو به گردو ڏيڻ لاءِ تيار هيو پر ان کي به پٿري جي بيماري ظاهر ٿي چڪي هئي.اهو خاندان ڄڻ پٿر جو خاندان ٿي پيو ۽ اهو ٻڌي ته دامني کي پنهنجي ڀائرن مان ڪو به گردو ڪونه ٿو ڏئي سگهي. ڊاڪٽرن کين ڀينرن کي گهرائڻ لاءِ چيو، انهن جا مڙس ۽ ساهرا گردو عطيو ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏين. ويچاري دامني اهو ٻڌي ڄڻ ڪا پٿر جي مورتي ٿي پئي هئي. هوءَ خاموش اهو سڀ ڪجهه ڏسندي رهي. پٿري جي بيماري سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن. اڪثر مريضن کي ٻنهي گردن ۾ پٿريون آهن. هڪ 9 مهينن جي ٻارڙي هر ٻن ٽن مهينن ۾ ٻه ٽي پٿر پيشاب ۾ خارج ڪندي آهي. اسان جو صوبو پٿري جي بيماري جو ڳڙهه آهي. ڪجهه گرمي جي ڪري، ڪجهه پاڻي جو گهٽ واهپو، ٻارن ۾ دستن جون بيماريون۽ موروثيت به هڪ سبب آهي. اڄڪلهه جين (Gene) جو عمل دخل به ظاهر ٿيو آهي پرائيوٽ اسپتال ۾ علاج مهانگو ۽ ڳاٽي ٽوڙ آهي. ڊاڪٽر به ڇريون تکيون ڪيو ويٺا آهن. ليبارٽري جا ٽيسٽ ۽ ايڪسري به مهانگا آهن. غريب طبقي جو ماڻهو ته اهي خرچ ڪونه ٿو ڀري سگهي. ڊاڪٽر پنهنجي فيس ته وٺن ٿا پر ليبارٽري ۽ ايڪسري وارن سان به ڪميشن مقرر اٿن.

مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته جيڪڏهن ڏيٺ ويٺ ۾ ڊاڪٽر 100 رپيا فيس نه وٺندو ته اهڙي ڪاٽيسٽ لکي ڏيندو جنهن جي قيمت ايتري هوندي جو ڊاڪٽر جي ڪميشن به ٻه ٽي سو رپيا ٺهي ويندي ۽ چيائين ته هاڻي ڊاڪٽرن مان پهريان وارو انسان دوست ۽ مريض دوست جذبو ختم ٿي ويو آهي. پٿري جي بيماري جنهن پيماني تي سنڌ ۾ آهي اهڙي ئي وڏي اهتمام سان ان کان بچاءَ ۽ علاج جو بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. پٿري جي علاج جا ادارا هر ضلعي سطح تي قائم ٿيڻ گهرجن. ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن جا الٽراسائونڊ، پيشاب جو سادو ٽيسٽ(Urine D R ) ۽ خون جو ٽيسٽ ڪريئٽنين Crcatinine) (Serumڪرڻ گهرجن ته جيئن پٿري ڪري گردن جي خراب ٿيڻ واري وبا کان بچي سگهجي. دنيا جي صحت واري اداري کي سنڌ ۾ پٿري جي بيماري کان بچاءَ ۽ وقت سر علاج کي اهڙئي هي اهميت ڏيڻ گهرجي جهڙي هو مليريا، ٽي بي ۽ پوليو کان بچاءَ کي ڏين ٿا. سرڪار کي خاص ان ڳالهه جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ته هر ضلعي اسپتال ۾ پٿري جو وارڊ ٺاهي جنهن ۾ ليبارٽري ٽيسٽ، ايڪسري، الٽراسائونڊ، پٿري ٽوڙڻ واري مشين ( لٿو ٽرپسي ) هجڻ گهرجن.

ڊاڪٽرن کي ڪُک ۾ سور وارن مريضن جو الٽراسائونڊ ڪرائڻ گهرجي ۽ پٿري تصديق ٿيڻ جي صورت ۾ ترت گردي جي اداري ۾ موڪلڻ گهرجي. پٿري جيتري ننڍي هوندي علاج اوتروئي سولو ٿيندو. اڄڪلهه شعاعن ذريعي پٿري ٽوڙڻ جو علاج عام آهي، جنهن ۾ نه ڪو چيرو لڳي، نه ڪا بيهوشي  ۽ نه وري اسپتال ۾ داخلا جي ضرورت. گردي، مثاني ۽ گردي جي نالي ۾ پٿري جي مريض کي غير طبعي عملي جي ور نه چڙهڻ گهرجي. جيستائين پٿري جي تصديق نه ٿئي نسخو ۽ علاج نه وٺڻ گهرجي.

آواز جي لهرن ۾، جيڪا شڪتي آ

پٿر پگهرائي سگهندي آ،

دل ميڻ بڻائي سگهندي آ (م -ڌر)

لٿوٽرپسي ۾ جيڪي شعاع استعمال ٿيندا آهن اهي سائونڊ ويوز ( آواز جو لهرون آهن)دل کي ميڻ چڱو ڳالهائي تسلي ڏئي، مريض جو چڱو ۽ مفت علاج ڪري اسان جا مسيحا بڻائي سگهن ٿا. دامني هاڻي ڊائلسز تي آهي، ڇا هوءَ هميشه ، مشين جي محتاج رهندي ؟اهو هڪ ڏکائيندڙ سوال آهي. اچو ته ان جو جواب ڳوليون. ان جو جواب آهي “ موت کانپوءِ عضون جو عطيو” هرسال اسان جي ملڪ ۾ پنجاهه هزار ماڻهو عضون جي مستقل خرابي ڪري مري ويندا آهن.ڪجهه سو ماڻهن جا گردا هر سال تبديل ٿي سگهندا آهن. جگر، دل لبلبو،ڦڦڙ اسان وٽ تبديل ڪونه ٿا ٿين. ملڪ کان ٻاهر اِهو علاج گهڻو مهانگو آهي. ڪيترن ئي مريضن کي گردو، ڏيڻ وارو ڪونهي. باقي عضون جي پيوند ڪاري هتي ٿئي ڪونه ٿي.عضوا ۽ دستياب ڪونهن. جگر جو ٽڪرو لڳائي سگهجي ٿو ڪو، مائٽ اهڙوعطيو ڪري سگهي ٿو. پر پوءِ به ڪيترن ئي مريضن کي پنهنجي مائٽن ۾ گردو ڪو ڏيڻ وارو ڪونهي، دل ته هونئن به هڪ آهي اها موت کانپوءِ ئي عطيو ڪري سگهجي ٿي.

دامني جهڙن معصوم ماڻهن لاءِ اهو ئي هڪ آسرو آهي، سرڪار قانون عمل ۾ آندو آهي، هاڻي سماج جي ذميواري شروع ٿي ٿئي.سماج اڳتي اچي موت کانپوءِ پنهنجا عضوا عطيو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري هر ماڻهو پنهنجي مائٽن کي ٻڌائي ته جڏهن هو ڪنهن حادثي ۾ مري وڃي ۽ ساهه کڻڻ واري مشين  تي چڙهي وڃي، هن جو دماغ مري چڪو هجي ۽ هو آءِ سي يو ( I C U ) ۾ داخل هجي ته هن جا عضوا دان ڪجن، عطيو ڪجن، ته اهي ڪنهن دامني جهڙي ضرورتمند جي ڪم اچن ۽انهن جي جان بچي جيئن هو ايندڙ سموريون صديون ڪنهن سُميرا، ڪنهن عدنان، ڪنهن پنڪي يا ڪنهن ميرا ۾ زندهه رهي . دامني جون مايوس اکيون، لرزان چپ، مرجهايل چهرو ۽ ويران دنيا هاڻ منتظر آهي اهڙي ڪنهن معجزي جي ،اهڙي ڪنهن مسيحا جي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو