Home / ڪئپيٽل افيئر / ملالا مامرو: طالبان کي سيکت ملي سگهندي
above article banner

ملالا مامرو: طالبان کي سيکت ملي سگهندي

پاڪستان۾ ماضي ۾ ايئن ٿيندو  آيو آهي ته انيڪ موقعن تي جڏهن حقيقتن تان پردو کڻڻ جو وقت ايندو هو ته فوج، يا عدليه  جو ذڪر ڪرڻ مهل گهڻن کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ۽ آهي، مضمونن ۾ يا ٽي وي تبصرن ۾ به گهڻو تڻو اڃا ائين ئي ٿئي ٿو، پر  گذريل ساڍن چئن سالن دوران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ جيڪو ڪجھ ڳالھايو وڃي ٿو اهو جئين جو تئين رپورٽ ٿئي ٿو ، ان جو سبب اهو آهي ته ٻنهي ايوانن ۾ ڪيل تقريرون رڪارڊ جو حصو هونديون آهن، ان ڪري انهي کي شايع ڪرڻ ۾  ڪابه تڪيلف نٿي ٿئي. پر هاڻي انهن ٻنهي مضبوط ادارن جا نالا جن جو ذڪر ڪرڻ ڏوھ تصور ڪيو ويندو هو، اهي هاڻي  زبان عام ۽ خاص آهن. پر هڪ  ٻي قوت، جيڪا هن خطي ۾ پنهنجي ڀرپور طاقت سان موجود آهي، انهي جو نالو وٺڻ لاءِ رياستي طاقت هجڻ جي باوجود به حڪومت نٽائڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. اها قوت آهي  طالبان ، جن لاءِ هن ملڪ اندر  موجود حڪومتي ۽ غير حڪومتي قوتون سٺا طالبان ۽ خراب طالبان جو اصطلاح استعمال ڪنديون رهيون آهن، بس هڪڙو ئي وزيرداخلا رحمان ملڪ آهي جيڪو طالبانن کي ظالمان چوندو آهي.

9 آڪٽوبر تي، جڏهن سوات ۾ طالبانن کي للڪاريندڙ  معصوم نياڻي ملالا تي حملو ٿيو ته ان حملي پاڪستان جو سياسي منظر نامو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ٽي وي ، اخبارون، ريڊيو، سوشل ميڊيا، پي ايم هائوس، ايوان صدر، آئي ايس پي آر، اسڪول، ڪاليج، قومي اسيمبلي، سينيٽ،  ٻاڪڙا هوٽلن کان فائيو اسٽار هوٽلن، اين جي اوز جي آفيسن، مسجدن ۾ دعائن ، مسافر خانن، بس اسٽاپن، جتي جتي ماڻهن کي ميڊيا تائين پهچ هئي ،اتي  بس ملالا جو ئي ذڪر هو. ملالا  تي ٿيل حملي جي ڪري شدت پسند مولوين مٿان تبرو ڪرڻ جو موقعو به ڪنهن هٿان نه وڃايو. اصل ۾ هن ملڪ ۾ طالبانن هٿان هيستائين هزارين سويلين توڙي فوجي جوان، ۽ پوليس اهلڪار شهيد ڪيا ويا آهن، پر جيتري ذلت هن دفعي طالبانن جي حصي ۾ آئي آهي، ايتري ان ڏينهن ۾ به نه آئي هئي،جڏهن هُنن هڪ عورت کي سِر بازار ڪوڙا هنيا هئا ، جنهن کانپوءِ سوات ۾ آپريشن ڪيو ويو هو.

ملالا تي ٿيل حملي بعد قومي اسيمبلي ۾ جيڪي تقريرون ٿيون آهن انهن جو گهڻو تڻو حصو ملڪي ميڊيا ۾ ته نه شايع ٿي سگهيو آهي، پر سنڌي ميڊيا ۾ انهي ڪري به شايع نه ٿي سگهيو جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پاران لاڳو ڪيل مڪاني نظام واري ايڪٽ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي ۽ اهو سلسلو اڃا به هلندڙ آهي. ان ڪري “افيئر” جي پڙهندڙن کي ملالا واري اشو تي ملڪ جي ٻنهي ايوانن ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو آهي انهي بابت آگاهي ڏيڻ ضروري آهي، ملالا تي جنهن ڏينهن حملو ٿيو، ان جي ٻئي ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جون معمول جون ڪارروايون  معطل ڪري ملالا تي ڳالھايو ويو، کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ۾ ق ليگ  جي ايم اين اي ۽ شاعره بشرا رحمان ڳالھائيندي به رهي ته روئيندي به رهي، ۽ هُن حقارت ۽ نفرت مان طالبانن لاءِ اهڙا لفظ چيا جيڪي رڪارڊ جو حصو آهن. ساڳي حالت اي اين پي جي ايم اين اي پرويز خان جي به هئي، پر سينيٽ، جتي انتهائي سينئر پارليامينرين جي گهڻائي آهي ، ان ۾ ٿيل تقريرون هن ملڪ ۾ انهي تبديلي  جي نشاندهي  ڪن ٿيون.  ته اهي ٻئي ايوان چونڊيل نمائندن جا هائيڊ پارڪ آهن جتي اسان جا نمائندا دل جو اوٻرڪڍن ٿا، باقي ٿيا ست خير!

حاصل خان بزنجو، مير غوث بخش بزنجو جو پُٽ آهي، ۽ مير غوث بخش بزنجي مرحوم جو شمار پاڪستان جي معتبر سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. حاصل بزنجو موضوع کان ٻاهر نه ويندو آهي، ميان رضارباني ۽ اعتزاز احسن پيپلزپارٽي سان تعلق هجڻ جي باوجود پنهنجو  الڳ نقطئه نظر رکن ٿا، ۽ انهي جي ڪري کين ديوار سان به لڳايو ويو پر هو ڪڏهن به پنهنجي ڳالھ تان نه هٽيا آهن. هن دفعي سينيٽ ۾ جڏهن ملالا جو ذڪر ٿيو ته انهن ٽنهي اڳواڻن جي تقريرن کي ٻئي ڏينهن  پرنٽ ميڊيا ۾ اها جاءِ نه ملي سگهي جيڪا کين ملڻ گهرجي ها، اصل ۾ هِنن اهي بدصورت حقيقتون بيان ڪيون جن جو تعلق هن ملڪ سان آهي

حاصل خان بزنجي جوچوڻ هو ته جيڪا رياست مذهب کي ملڪيت بڻائي پروموٽ ڪري ٿي اتي ايئن ئي ٿيندو آهي. جنرل ضيا کان اڳ ۾ هن ملڪ ۾ جنونيت پسندي نه هئي. جنرل ضياءِ مذهب کي رياست جي ملڪيت بڻايو ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ ذاتي مفادن جي جنگ ۾  15 لک ماڻهو مارايا، اسان افغانستان کي به تباھ ڪيو ۽ پاڻ به تباھ ٿياسين، هن چيو ته اسان اڄ به  اها آس لڳائي ويٺا آهيون ته طالبان کي نه ڇيڙيو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آمريڪا هن خطي مان ويو ته پوءِ هِنن کي ڪير منهن ڏيندو؟ هن چيو ته دنيا جا طاقتور ملڪ اسرائيل جي پويان بيٺل آهن، پر انهي جي باوجود به اسرائيل حالت جنگ مان نٿو نڪري سگهي. رضا شاھ کانپوءِ ايران جڏهن پاڻ کي شيعه اسٽيٽ ڊڪليئر ڪيو ته اڄ ايران جي حالت سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته پاڪستان جي هڪ وڏي مذهبي عالم ۽ سياستدان تي کيس حيرت آهي ته جنهن وقت هو ملڪ کان ٻاهر هو ته اهو بيان ڏنائين ته هندستان ۾ سيڪيولرازم هجڻ ڪري مسلمان محفوظ آهن، پر جڏهن اهو ئي سياستدان ۽ عالم پاڪستان آيو ته چيائين ته سيڪولرازم ڪفر آهي، هن چيو ته ملالا تي حملو ڪندڙن به مٿس اهو الزام هنيو ته هو سيڪيولر آهي، هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ ٻن ملڪن جي وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي، شيعن کي سعودي عرب جي پئسن سان ماريو پيو وڃي، اوهان کي ڊڄڻ گهرجي ته هن ملڪ جون فرقيوراريت ۾ ملوث جماعتون عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڃن پيون. هن چيو ته لال مسجد صرف هڪ ڊي ايس پي جو ڪيس هو ،پر انهي کي انهي ڪري وڌايو ويو ته دنيا کي ٻڌائڻو هو ته اسان وٽ انتها پسندي وڌي وئي آهي، ان ڪري اسان کي پئسا ڏيو ته اسان انهن سان وڙهون. هن چيو ته سوات ۾ صوفي محمد شريعت لاڳو ڪئي ته هن ايوان ان جي حمايت ڪئي. هن چيئرمين ڏانهن آڱر کڻندي چيو ته جنهن ڏينهن اوهان هن هائوس ۾ سلمان تاثير جي فاتحه ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ان ڏينهن اوهان شڪست کائي چڪا هئا.. اعتزاز احسن چيو ته اسان جيڪڏهن هاڻي به فيصلو نه ڪيو ته لڙهي وينداسين، طالبان جي سوچ ۽ ذهينت سڀ کان پهرين عورت جي دشمن آهي، هي انهن اسڪولن کي بمن سان اڏائين ٿا جتي نصاب سندن مرضي جو ناهي،  سڀ کان وڏي ذميوراي رياست جي آهي. شاهي سيد اهو انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾  طالبانن اسان جي 19 ڪارڪنن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ 40 آفيسون بند ڪيون ويون آهن. طالبانن مونکي فون تي چيو آهي ته 2 ڪروڙ رپيا ڏي، هن چيو ته مون سمورن اختيار ڌڻين کي اهي فون نمبر ڏنا آهن جن تان طالبان ڌمڪيون ڏين ٿا، پر منهنجي ڳالھ ڪير به نٿو ٻڌي، نه قيادت ۽ نه حڪومت گذريل 15 ڏينهن کان اسلام آباد ۾ ويٺل آهيان، پر ڪير به نٿو ٻڌي. ميان رضا رباني جو چوڻ هو ته هو ملالا واقعي جي مذمت نه ڪندو ، ڇاڪاڻ ته هن هائوس ۾ افسوس ۽ فاتحائون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون. هن چيو ته  بدقسمتي اها آهي ڌرتي جيڪا ماءَ هوندي آهي هاڻي اها ڏانئڻ ٿيندي ٿي وڃي، ۽ پنهنجي ٻچن جو رت پي رهي آهي، هن رياست کي هاڻي اهو فيصلوڪرڻو پوندو ته هن ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻو آهي، پاڪستان کي قائد اعظم واري 11 آگسٽ واري تقرير جهڙو پاڪستان ٺاهڻو آهي يا سيڪيورٽي ۽ گيريزين اسٽيٽ بڻائڻو آهي. جيستائين رياست انهي جو فيصلو نه ڪندي تيستائين ڪجھ به نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي جمهوري ۽ روشن خيال قوتن جي اها ناڪامي آهي، جو انهن مصلحت جو رستو اختيار ڪيو آهي، آدرشن کان هٽڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي، جيستائين انهي سوچ خلاف ڪو نظريو نٿو ڏنو وڃي تيستائين انهي سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي، اڃا به وقت آهي ، رياست پنهنجو قبلو درست ڪري، جمهوري ۽ پروگريسو قوتون پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون.

انهن تقريرن جي باوجود به جڏهن ٻنهي ايوانن ۾ ملالا ۽ ان جي ساهيڙين مٿان ٿيل ان قاتلاڻي حملي، جنهن جي ذميواري طالبان قبول ڪري چڪا هئا، جي اتفاقِ راءِ سان قرارداد پاس ڪرائي وئي ته انهي ۾ ڪٿي به طالبان جونالو نه هو.

سوات آپريشن بعد مولوي فضل الله افغانستان فرار ٿي ويو هو ، هو اتان ويهي هتي دهشتگردي ڪرائي ٿو، ملالا واقعي بعد انهي اشو کي شدت سان اٿارڻ جي ڏوھ ۾ پاڪستان ۾ صحافين ۽ ميڊيا هائوسز کي سيکت ڏيڻ  لاءِ به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ملالا واقعي تي جتي سڄو ملڪ صدمي ۾ ورتل آهي اتي ايوان صدر ۽ پاڪستان جي فوج به انهي مسئلي کي سنجيدگي سان کنيو آهي، 16 هين آڪٽوبر تي سيد خورشيد شاھ قومي اسيمبلي ۾ اها ڪوشش ڪئي ته اتر وزير ستان جتي پاڪستان جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، اهو علائقو دهشتگردن جي سڀ کان وڌيڪ محفوظ پناھ گاھ آهي ۾ آپريشن لاءِ اتفاقِ راءِ سان قرارداد پاس ڪرائجي ، پر ن ليگ مختلف بهانا ۽ جواز گهڙي انهي جي حمايت کان انڪار ڪري ڇڏيو. سيد خورشيد شاھ چوڌري نثار کي اها به آڇ ڪئي ته اوهان انهي قرارداد ۾ جيڪا چاهيو اها ترميم ڪريو، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اڪثريت آهي اسان اها طاقت جي آڌار تي پاس ڪرائي پيا سگهون، پر اسان ائين نه ڪندا سين. نتيجو اهونڪتو ته ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو، ۽ اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ انهي قرارداد آڻڻ مان اها ڳالھ واضح ٿي وئي آهي ته وفاقي حڪومت ۽ فوج اتر وزيرستان ۾ آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي، پر  انهي کي  ٻنهي چونڊيل ايوانن جي حمايت ملڻ سان انهي آپريشن کي اخلاقي۽ انتظامي جواز ملي ويندو، ته ٻي طرف انهي تاثر کي به هٿي  ملندي ته اهو آمريڪا جي دٻاءَ تي نه ٿي رهيو آهي،

مسلم ليگ(ن) پاران طالبان خلاف آپريشن جي مخالفت بعد 17 آڪٽوبر تي سينيٽ جي اجلاس ۾ رحمان ملڪ ،قومي اسيمبلي ۾  مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار پاران  بلوچستان جي مسئلي جي حل لاءِ پارليامينٽرين ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل قرارداد جيڪا حڪومت جي مدد سان اتفاقِ راءِ سان منظور ڪئي وئي هئي، انهي مان هوا ڪڍي ڇڏي،  وفاقي وزير رحمان ملڪ سينيٽ ۾ تقرير ڪندي اهو اعلان ڪيو ته اسان بلوچستان جي باغي اڳواڻن حيربيار مري، ۽ براهمداغ بگٽي سان ڳالھين لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته هُن گزين مري سان پاڻ ڳالھايو آهي. سينيٽ مان 5، 5 ميمبرن تي مشتمل 2 وفد جوڙيا وڃن، انهن وفدن کي حڪومت انهن اڳواڻن تائين پهچائيندي، هن جو چوڻ هو ته انهن اڳواڻن سان ڳالھائجي،  انهن سان ملاقاتن جون سفارشون سينيٽ ۾ پيش ڪيون وڃن، اسان انهن تي عمل ڪرائينداسين. هن جوچوڻ هو ته اسان اوڀر پاڪستان جو حادثو ورجائڻ نٿا چاهيون. هن طالبانن خلاف به انتهائي سخت ڳالھايو، ۽ اتر وزيرستان ۾ آپريشن جي ترديد به ڪئي. هن جو چوڻ هو ته اسان طالبانن جو آخر تائين پيڇو ڪندا سين، رحمان ملڪ اصل ۾ سينيٽ ۾ اها ڳالھ ڪري مسلم ليگ (ن) کي جواب ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ(ن) بلوچستان مسئلي تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ ٿي چاهي، جيڪا هن باغين سان ڳالھين جي سڌي آڇ ڪري سڄي معاملي جو رُخ  پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي.

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو