Home / افيئر / نسيم نسيم کرل کرل
above article banner

نسيم نسيم کرل کرل

ڪجهه مهينا اڳ انگريزي رسالي هيرالڊ جي سنڌي صحافي موسيٰ ڪليم مُڙسي  ڏيکاري. هيڏانهن هوڏانهن ڪري، ڪجهه دوستن جي مدد سان ڪچي جي علائقي وڃي رسيو. وچولي ۽ اُتر سنڌ ۾ رڻ ٻاريندڙ ڌاڙيل نذرو ناريجي جو انٽرويو ڪري آيو. پنجابي يا پناهگير ماڻهوءَ کي ته ڌپو ڪونه پوي ها، هن همراهه ٻي خبر به آندي. نذرو، ربوءَ جو پٽ آهي. ان شخص جو تُخم جنهن هٿان سنڌ جي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار نسيم کرل جو موت ٿيو. ليکڪ ڪا دير نذروءَ جي تصوير آڏو رکي سندس پيءُ جو  مُهانڊو ڳوليندو رهيو. يونيورسٽيءَ پُهتل ربو ناريجو ۽ منجهس وحشت جا نسيم جهڙي يگاني تخليقڪار جي قتل جو سبب ٿي. راويءَ هڪڙو ڪم اڃا ڪيو. ڪمپيوٽر تي کرل ڪٽنب جي نعيم صاحب جو فوٽو ڪڍي ويچار ۾ رهيو. ڄاڻايل وڏيرو پيپلز پارٽي ءَ جو ايم پي اي آهي ۽ تازو ئي مڪاني ادارن جي تڪراري بل کي اسيمبلي مان ڪميڻائپ سان پاس ڪرائڻ ۾ چُست حصو ورتائين. سندس اکين، نڪ، چپ ۽ باقي نقش ۾ نسيم جي معصوميت  تلاش ڪرڻ اجايو لڳو. برابر، هر انسان پنهنجا ڪرَمَ ڍوئي. تڏهن پڻ، هن جي ذات جو پاڇو آسپاس آتمائن مٿان ضرور پوي ٿو. ايئن نه هجي ته نذروءَ سان گڏ بابهنس ربوءَ جو نانءُ لکڻ جي ڪليم کي ڪهڙي ضرورت هئي يا وطن جي سودي مهل جناب نعيم کرل جي هوڙ يائپ جو ارمان ڇاڪاڻ.

ڳوڙهي بحث ۾ وڃڻ بجاءِ مٿاڇري انداز  ۾ نهاربو ته ناول ۽ ڪهاڻي ۾ ڪجهه بنيادي تفاوت نروار ٿيندا. چڱو ٿيندو ته نسيم جو مطالعو اسان دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪهاڻيڪار موپاسان ۽ نائب چيخوف جي آکاڻين کي آڏو رکي ڪيون. سعادت حسن منٽو ته وسري ئي نه ٿو. ٽالسٽاءِ ۽ وڪٽرهيوگو جي ناولن يا ڊڪنس جي تخليقن جي سير کان پوءِ ڄاڻي سگهبو ته نثر جو اهو فن بنهه مختلف بيهڪ رکي ٿو.ڪهاڻي، سماج جي اندروني تضادن جي اُڀار ۽ پاتال ۾ کتل سندن پاڙون کوٽي، معاشرتي اوڻائين جو واقعاتي اظهار آهي. ننڍو بَرُ ناهيس. پوءِ به اها جيون جي تصوير ڪين چئجي، البت. ناول ايئن نه آهي. افساني جو موضوع فرد آهي ۽ ناول جو سوسائٽي. جنگ ۽ امن ۾ ٽالسٽاءِ اڃا ٻه وکون اڳتي وڃي ٿو. تنقيد ٿي سڻجي ته اهو اوڻويهين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ روس جي تاريخ بابت  دستاويز آهي. نيپولن جي ماسڪو ڏانهن ڪاهه جو جنگ نامو.معاملو هروڀرو سولو به ناهي. ليکڪ جهڙو معمولي کٿاڀي به دليل ڏيندو. امن جي وقت ۾ هيرو، پيئرکي ڪاڏي ڪنداسين، ايندريو، نتاشا ۽ ٻيا. فري ميسن تحريڪ. مطلب ته اهو روسي سماج ئي آهي جنهن جا بکيا اڊيڙيندي ٽالسٽاءِ ناول کي اتي ختم ٿو ڪري جتان حقيقت ۾ ڪٿا جي شروعات ٿئي ٿي. هزار سال ڀل گذري وڃن،خلق ۾ پڙهڻ جي عادت باقي نه رهي. ٽيڪنالاجي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا نڪور وسيلا جنم ڏئي وجهي، جڳ ۾ ڪو هڪڙو چرياڻ لازمي طرح هوندو جنهن سامهون جنگ ۽ امن رکيو هوندو. ٻيا ناول پڻ هوندس.

ائناڪاريننا جي ڀيٽ ۾ “ جنگ ۽ امن” ۾ ٽالسٽاءِ ڪجهه اڳڀرو سرڪي انساني ڪردارن کي پوئتي رکندي، معاشري کي ويچار جو محور ٿو ڄاڻائي. وقت، حالتون ۽ اتهاس سوسائٽي کي ڪيئن ٿا جهنجهوڙين سو ٿو ٻڌائي. معلوم تاريخ کي آڏو رکي آئيندي يعني نه معلوم تاريخ جي تصوير ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل . ڄاڻايل ناول جي ڇپجڻ بعد ڪجهه ئي ڏهاڪن ۾ روس ڳاڙهي انقلاب مان گذري ٿو. ستر سال پوءِ سوشلزم تان هٿ کڻندي ملي ٿو.ٽالسٽاءِ جي شاگرد کي اچرج نه وٺندو. ايئن ناهي ته وٽس ان سڄي منظر جي اڳڪٿي هئي . عام روسي سماج ضرور نهاربو. لچڪدار، بيچين ، ڪنهن ڏس به ڪاهي وڃڻ وارو. اسان جو عظيم ليکڪ کيس نراج جو رستو ٿو ڏيکاري. حسرت ٿي ٿئي ته پاڻ به ائين بي آرام هجئون.ڪوئي ٽالسٽاءِ هتي به پيدا ٿئي. وڪٽر هيوگوجو موضوع فرئنچ سوسائٽي ۽ ڊڪنس جو انگلش معاشرو، بالزاڪ وري کوڙ سارو الهامي آهي. ايئن جيئن ڪافڪا اوهان کي سُرئيل پسبو. ناول ڏانهن موٽ کائجي ته وري به ساڳي ڳالهه لکڻي پوندي، سندس ڪِلو، سماج آهي جنهن چوڌاري ڪُڏ ڏيندو رهي ٿو. ڪهاڻيءَ جو مرڪز عام انساني حياتي آهي ۽ ان جون اوڻايون، ڪوتاهيون جي بعد ۾ سوسائٽي کي اندران ئي اندران ڏار ٿيون وجهن. کيس کوکلو ٿيون ڪن. مختصر لفظن ۽ پڻ راويءَ جي راءِ ۾ ناول وٽ معاشري جو معروض آهي ته ڪهاڻيڪار ان جي باطن منجهه پيهي، مٿس تبصرو ٿو ڪري.

نسيم کرل جي آکاڻي “چوٽيهون در” مٿئين پسمنظر ۾ پڙهي ڏسجي. ميٽر گيج ريڊر جي بي وسي،گڏيل طور سماجي  هيڻائي جي چٽڪاري آهي، ڪيفيت جا صدين کان هئي،آهي ۽ خبر ناهي اڃا ڪيترو عرصو رهي. “شبنم شبنم ڪنول ڪنول” ۾ بيان ڪيل بي حسي لاءِ پڻ ساڳيا لفظ تحرير ڪجن ته غلط نه ٿيندو.“ ڪافر ”۾ مذهبي ڀيد جي روشني ۾ اعتقاد جي تضاد کي رواجي سماجي اهڃاڻن مثال طور غيرت جي بيمار تصور ۾ چٽو ڪيو اٿائين. نئين مسلم اڇوت کي ، پراڻو مسلمان سَڱ  ڪيئن ڏيندو؟کانئس وٺڻ ۾ حرج ڪونهيس. “پهرين مراد” پڻ شاندار افسانو آهي.

ننڍو ٻار، الهڙ،چوريءَ جي واٽ لڳي ٿو.منجهس ڏوهاري جنم وٺي ٿو. نسيم اهي آکاڻيون چاليهه ورهيه اڳ لکيون آهن پر هينئر به تازيون ۽ اسانجي ماحول جي جاندار تصوير ڪشي ڪندڙ آهن. مار پوي ربو ناريجي کي ته سنڌ کان اهڙو مهان ڪهاڻيڪار کسي ڇڏيائين. الائي ڪيترا افسانا هوندا جي کرل سان گڏ اڻ لکيل رهجي عدم ڏانهن روانا ٿي ويا.

سُٺو نه محسوس ٿئي پر ذڪر ڪجي ٿو“ ٽيهارو سال پهريائين راوي چيخوف جي “ڇهون وارڊ” جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ويٺو، ڏينهن جا ڏينهن هڪ ڪاپيءَ ۾ متن پنهنجي ٻولي ۾ لکندي خبر ناهي ڪهڙي گهڙي اها آکاڻي کيس چنبڙي  پئي.اڄ به هو ان افساني جي اثر هيٺ گهاري ٿو. ڪافڪا جي ميٽار مارنوس لاءِ به ساڳي ڳالهه ته نسيم کرل جي “ چوٽيهون در” ڪاڻ پڻ. اوهان جڏهن سماج جي اندر ويهي مٿس غور ڪندا ته ڪهاڻيڪار جو سهڪار کپندو. مجموعي اتهاس کي آڏو رکي معاشري جي باطن بجاءِ معروض جو مطالعو ڪندا ته ناول نگارن جي مدد وٺندا. اهوئي فرق آهي ٻنهي ۾ . موپاسان جو“هيرن جو هار” نه وسارڻ جو ڳو افسانو آهي. سندس ئي “ اعتراف” به ته ،چيخوف وٽ نڇ ۽ “سانڊو” آهن.همت ڪري اسٽيج ناٽڪ “ ٽي  ڀينر” به پڙهي وٺجي. اداسيءَ جا عجب رنگ ! سمجهي وٺبو ته معاشري ۾ بلڪل هيٺين سطح کان تباهي جون درزون ڪيئن ٿيون کلن. ماڻهو پنهنجوپاڻ لاءِ ۽ آسپاس ٻين ارواحن ڪاڻ بربادي جا سنيها ڪيتري آساني سان کڻي ٿو اچي. نسيم کرل جي “ پهرين مراد” “ هڪڙي حد آهي مينهن کي ڪُهي زمين ۾ دفنائڻ جي . ڇو ڪراٽ سا پار ڪري پختو چور ٿي اڀري ٿو. تنهن بعد، ڌرتي وارن ته ڇا آسمان وارن کي به طاقت ناهي جو کيس واپس ماڻهپي ڏانهن موٽائي سگهن. ايئن جيئن اڄوڪي ڏيهاڙي به واردات جي معاملي ۾ اسان جي پوليس جو اهو ئي ورتاءُ آهي جيڪو پاڻ “ چوٽيهون در” ۾ ڏسئون ٿا. ڊاڪٽر نرس تعلقات پڻ ساڳي ريت- شبنم شبنم ڪنول ڪنول . “ڪافر” افساني تي لکڻ کان راوي گهٻرائي ٿو. خبر ناهي ڪيترا ميان مٺا هيڏانهن هوڏانهن چڪر پيا هڻن.تاڙ ۾ آهن ته بغاءَ ۽ اڃا به نراج جو ڀڻڪو سڻن ۽ ڪهاڙي چمڪائن.

بيشڪ ، ناول سرجڻ لاءِ تخليقڪار جي طبع ۾ حد در جي جو ٺهراءُ کپي. سماج کان ٻاهر نڪري، کانئس مٿڀرو ٿي، ان کي موضوع بنائڻ ڏکيو ڪم آهي. اوهان ڪٿي نه ڪٿي جانبداري جو شڪار ٿيندا. ڪٿا ۾ ذاتي بغض ۽ ڪينو ڀريندا.ايئن ٿي وڃي تڏهن پڻ گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي. بيهڻ لاءِ جاءِ ته کپيس. گهرج شخصي اڌمن کي پاڻ مٿان حاوي نه ڪرڻ جي آهي. ذاتي اهنجن۽ سهنجاين جي عينڪ پائي دنيا ڏانهن نهاريندڙ ناول پاري فن ۾ مهارت حاصل ڪري ڪين سگهندا. ساڳي ڳالهه ڪهاڻي تحرير ڪندڙ لاءِ پڻ چئجي ٿي. فرق آهي ۽ اهو ته افساني جو لکندڙ سوسائٽي منجهه ويهي،بلڪل اندران ئي اندران تن ڏارن ڏانهن اشارو ڪري ٿو جي اڳتي هلي سماج جي ظاهري طرح مضبوط عمارت کي پٽ ڪري ڇڏينديون.معاشرا ڊهندا ۽ ڪي بيهي به ويندا آهن. لکاري ويچاري جي وس ۾ ڪونهي ته سماج کي ڀور ٿيڻ کان بچائي سگهي. سندس لفظ تنهن لوڪ کي ٽيڪو ضرور وٺرائيندا آهن جن وٽ تاريخ کي سنئون يا اونڌو ڪرڻ جي سگهه هجي ٿي. نسيم کرل جا افسانا اسان جي ان طرح جي مدد ڪري سگهن ٿا ۽ ڪن پيا. اهي هتي وسندڙ ڪروڙين ماڻهن لاءِ اخلاقي قوت حاصل ڪرڻ ۾ سهڪاري جز ثابت ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهندا.

سنڌ، سنڌي ماڻهو، ٻولي ۽ ادب سندس ٿورائتا آهن. هن پنهجي حياتي جو قرض ادا ڪرڻ ۾ ڪثر ناهي ڇڏي. اسان تي فرض ٿو ٿئي ته ساڻس مان ڀريو ورتاءُ رکون .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو