Home / سياسي افيئر / نفرت جي چاليهن سالن جو سفر
above article banner

نفرت جي چاليهن سالن جو سفر

گذريل هفتي ڍاڪا جي هڪ لنچ ڪندي سامهون ويٺل بنگالي سماجي ورڪر کان جڏهن هر ويلي چانورن  جي ڊش لازمي هجڻ جو ڪارڻ پڇيوسين ته وراڻيائين ڀت  اسان جي غذا جو اڻٽر حصو آهي، رڳو شهري ماڻهو هڪ ويلي تي ڪڻڪ جي ماني کائين ٿا.

ڳالهيون ڪندي اوچتو موضوع کي سياست ڏانهن موڙيندي هن منهنجي ۽ ناصر پنهور جي اکين ۾ گهوريندي چيو ته اوهان پاڪستاني به ته اسان کي ڀت کائو بنگالي ڪوٺيندا هئا، تڏهن اسان جي قومي اڳواڻ (شيخ مجيب) چيو هو ته اسان  توهان کي سارين جي ٻنين ۾ ٻوڙينداسين. اهي لفظ چوندي سندس اکين ۾ چار ڏهاڪا اڳ وار ي نفرت جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو. اسان کيس پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته اسان سنڌ واسي تڏهن کان اڄ تائين بنگالين سان ٿيل ظلم جا مخالف هئاسين ۽ ان ڏوهه ۾ روز ڪانه ڪا سزا ڀوڳيون ٿا. اهو ڄاڻيندي ته اسان سنڌي آهيون، سندس لهجي ۾ ڪجهه نرمي ته آئي پر ستت اڳيون سوال ڪيائين “ پوءِ ڀلا ڀٽي بابت ڇا چوندو ؟” مون کي گذريل سال بنگلاديش گهمڻ دوران ٿيل تجربي مان چڱي ريت معلوم هو ته بنگالي، ڀٽي کان به سخت نفرت ڪن ٿا ۽جتي هو قاضي فيض محمد ۽ سائين جي ايم سيد جي حوالي سان سنڌين  کي ساڻن ٿيل انياءَ کان الڳ سمجهن ٿا. اتي کين سنڌين جي ڀٽي سان محبت بابت سوال آهن. مون کيس وڌيڪ وضاحت سان ٻڌايو ته سنڌ جا سياستدان توڙي ليکڪ ۽ اديب ڀٽي جي بنگلاديش بابت ڪردار جي چٽن لفظن ۾ مخالفت ڪندا رهن ٿا. البته ڀٽي جهڙي طرح هڪ ظالم ڊڪٽيٽر سان مهاڏو اٽڪائي ڦاسي قبولي تنهنڪري هو سنڌين لاءِ هڪ دريو مالائي هيرو بڻيل آهي. اڌ مني ڪلاڪ جي ڪچهريءَ کان پوءِ اسان کيس اهو سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ته پاڪستان ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت بنگلاديش سان ٿيل ڪلورن جي مخالف آهي ۽ ان ۾ ڪجهه باضمير ترقي پسند پنجابي به شامل آهن.

ڍاڪا جي هڪ ڪتاب گهر ۽ هوائي اڏي تي ڪتابن جي هڪ ننڍي اسٽور تان مون بنگلاديش بابت ڪجهه ڪتاب خريد ڪيا. بنگلاديش جا ماڻهو ٻوليءَ جي باري ۾ پنجاهه واري ڏهاڪي کان نه رڳو حساس هئا بلڪه انهن پنهنجي ٻوليءَ  کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ ڪامياب تحريڪ به هلائي . ٻولي جي مسئلي ته شهيد ٿيل بنگالين جو ڏينهن هاڻي اقوام متحده سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جي ڏهاڙي طور ملهائي ٿي. اهوئي ڪارڻ آهي جو جنهن به بڪ اسٽور تي وڃبو، هڪ اڌ شيلف کي ڇڏي باقي سمورا ڪتاب بنگالي زبان ۾ ملندا. مشڪل سان انگريزي ۾ ڪي ٿورا ڪتاب ملن ٿا، جن ۾ بنگلاديش جي آزادي جي تحريڪ بابت تفصيلي مواد ملي ٿو . سندن نصابي ڪتابن ۽ ادب ۾ آزادي جي تحريڪ دوران ٿيل بربريت جا اهي سمورا تفصيل موجود آهن، جنهن ڪري سندن نئون نسل به اسان کان نفرت ڪري ٿو. گذريل سال هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڍاڪا ۾ هيس ته هڪ دوست مون کي آزاديءَ جي تحريڪ بابت ٺهيل عجائب گهر گهمايو. ميوزم گهمڻ کان پوءِ نڪرڻ کان اڳ ۾ هن موزيم جي انچارج سان ملايو ، جيڪا ان وقت پنهنجي ڪمري ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جي رضاڪار شاگردياڻين سان گڏجاڻي ۾ رڌل هئي. اسان جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ تي هن پهرين ته اٿي بيهي آڌر ڀاءُ ڪيو پر جڏهن منهنجي دوست منهنجو تعارف ڪرايو ته سندس منهن تي سخت اڻوڻندڙ تاثر چٽو هئو، جڏهن منهنجي دوست کيس بنگالي ۾ ڪجهه وڌيڪ وضاحت ڪئي ته سندس چهري تي ساڳي آجيان واري مرڪ موٽي آئي. ميوزم جي آڳنڌ ۾ ڪافي تي ڪچهري ڪندي مون کي چيائين ته تو پنهنجي تعارف وقت منهنجي چهري تي اڻ وڻندڙ تاثر نوٽ ڪيا هوندا پر ان تي منهنجو وس ناهي، ڇو ته جڏهن مان ننڍي هئس ته مون پنهنجي اکين اڳيان اوهان جي سپاهين هٿان پنهنجي پيءُ کي قتل ٿيندي ڏٺو هئو ۽ مون کان اهو منظر ڪڏهن به نه وسرندو. معاف ڪجاءِ پر اوهان بابت منهنجي نفرت فطري آهي. مون سندس اکين توڙي لهجي ۾ ان نفرت جي  شدت کي صاف محسوس ڪيو.

ان نفرت جي تاريخ پاڪستان جي قيام کان ستت پوءِ شروع ٿي جڏهن 55 سيڪڙو آباديءَ جي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪري هڪ اهڙي ٻولي کي قومي ٻولي بڻايو ويو جيڪا رڳو ست سيڪڙو آبادي جي مادري ٻولي هئي، ان کان پوءِ معاشي حوالي سان توڙي سولين ۽ فوجي نوڪرين ۾ نمائندگي جي حوالي سان بنگالين سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو ان جي نتيجي ۾ نفرت جي دونهين دکڻ شروع ٿي ۽ آخرڪار 1971ع ۾ اها ڀنڀٽ بڻجي وئي.

پاڪستاني فوج ميجر جنرل (ر) خادم حسين راجا تازو هڪ ڪتاب لکيو آهي“A Stranger in my own Country ” يعنيٰ “ پنهنجي ملڪ ۾ هڪ اجنبي”هن ڪتاب ۾ ميجر جنرل راجا بنگلاديش جي آپريشن بابت تفصيل ڄاڻا يا آهن.واضح رهي ته ميجر جنرل راجا 25 ۽ 26 مارچ 1971 جي وچ واري رات ۾ ڍاڪا ۾ ٿيل قتلام واري آپريشن   سرچ لائٽ جو سرجڻهار هئو. هن هڪ واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي . “ اسان سڀ آپريشن روم ۾ معمول موجب شام جو چئين وڳي ڪٺا ٿياسين. سڀني کان آخر ۾ نيازي داخل ٿيو. هن اعلان ڪيو ته مون فوري طور ڪمانڊ سنڀالي ورتي آهي. گڏجاڻي ۾ ڪجهه بنگالي آفيسر به موجود هئا. نيازي تقرير دوران گارگند تي لهي آيو ۽ چوڻ لڳو“ مان ان حرامزادي قوم جو نسل بدلائي ڇڏيندس، هي مون کي ڇاٿا سمجهن” هن ڌمڪي ڏيندي چيو ته مان سندن عورتن مٿان پنهنجا سپاهي ڇڏيندس. ڪمري ۾ ماٺ ڇانئجي وئي ۽ هرڪو سندس گارگند تي هڪٻئي کي تڪڻ لڳو. ٻئي ڏينهن اسان هڪ دکدائڪ خبر ٻڌي ته هڪ بنگالي آفيسر ميجر مشتاق باٿ روم ۾ وڃي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.”

ساڳي  جنرل نيازي بابت خادم راجا اڳتي هلي لکي ٿو ته ڍاڪا مان چارج ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن مان جنرل نيازي سان آپريشنز بابت ڳالهائڻ لاءِ ويس ته هن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته “ يار لڙائي جي ڳڻتي نه ڪر، اها اسان ڪري وٺنداسين، في الحال ته مونکي پنهنجي بنگالي گرل فرينڊز جا فون نمبر ته ڏي ”

هي اهي اعتراف آهن جيڪي هڪ ذميوار فوجي آفيسر پاڻ ڪيا آهن.

هڪ ٻئي ذميوار فوجي آفيسر برگيڊيئر اي آر صديقي جي ڪتاب “East  Pakistan the End Game ”مان هيٺيان حوالا به ساڳي وارتا کي ورجائن ٿا.

“ جنرل بيازي پنهنجي جوانن کان سوال ڪندو هو” شيرا  تنهنجي گذريل رات جو اسڪور ڪيترو هو؟” ان اسڪور جو مطلب هئو ته هن ڪيترين عورتن جي لڄالٽ ڪئي. نيازي ان لڄالٽ جي حق ۾ دليل ڏيندي ننگن لفظن ۾ چوندو هو ته توهان کي اها توقع نه رکڻ گهرجي ته ڪو ماڻهو رهي، وڙهي ۽ مري اوڀر پاڪستان ۾ ۽ سيڪس ڪرڻ لاءِ جهلم وڃي”

ان قسم جي بربريت جا انيڪ داستان خود حمود رحمٰن ڪميشن رپورٽ ۾ به ڄاڻايا ويا آهن. ڍاڪا ۽ ٻين شهرن ۾ قتل وغارت گيري جا تفصيل لکڻ لاءِ ته ڪيئي ڪتاب گهرجن” مختصر حوالي طور ڪجهه واقعا تڏهوڪي آمريڪي سفارتڪار “ آرچرڪي بلڊ” جي ڪتاب “The Cruel Birth Of Bangladesh ”مان ڏجن ٿا جيڪو هن ڍاڪا ۾ پنهنجي پوسٽنگ دوران مشاهدن بابت لکيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي تيرهين بابت ۾ اهي واقعا لکيا آهن. 25 ۽ 26 مارچ جي وچ واري رات ڍاڪا يونيورسٽي تي رٿيل چڙهائي بابت سمجهيو وڃي ٿو ته ان جو مقصد هاسٽلن ۾ موجود شاگردن کي گرفتار رڪرڻ نه پر مارڻ هئو.اسان کي ڪيمپس ۾ ٻن اجتماعي قبرن جا نشان نظر آيا. 29 مارچ جي رات تي ٿيل برسات سبب ڪجهه لاش لڙهي ويا هئا ۽ بدبوءِ برداشت کان ٻاهر هئي. اقبال هال ۾ ڪجهه شاگردن وٽ هٿيار هئا جن کي يا ته ڪمرن ۾ گوليون هنيون ويون يا وري کين عمارتن مان نڪرندي ڪيرايو ويو. شاگردياڻين جي هاسٽل رُقعيه هال کي باهه ڏني وئي ۽ اتان ڀڄي نڪرندڙ شاگردياڻين کي مشين گن جو کاڄ بڻايو ويو. يونيورسٽي جي ستن استادن کي به قتل ڪيو ويو. اڳتي هلي پنجن ٻين قتل ٿيل استادن جا نالا به سامهون آيا.

ڍاڪا يونيورسٽي ۾ قتل ڪيل شاگردن جو محتاط ڪاٿو 500 آهي. پوليس جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته اوڀر پاڪستان سان تعلق رکندڙ 600 کان 800 پوليس وارن کي به 25 هين مارچ جي رات ويڙهه دوران ماريو ويو. اسان جي ڪاٿي موجب ڍاڪا ۾ ٿيل آپريشن دوران چار کان ڇهه هزار ماڻهو ماريا ويا.ان ڪتاب ۾ آپريشن دوران هندن ۽ مسلمان بنگالين جي قتل عام جا ڪيترائي تفصيل ڏنل آهن.

مٿي ٺاڻايل رڳو چند حوالا پڙهڻ سان ئي بنگالين جي پاڪستانين کان نفرت جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. ان سانحي ۾ چيو وڃي ٿو ته 30 لک بنگالي موت جو کاڄ بڻايا ويا ۽ لکين بنگالي عورتن جي لڄالٽ ڪئي وئي جنهن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ رهندڙ بهارين اڳڀرو ٿي حصو روتو. ممڪن آهي ته انهن انگن ۾ وڌاءُ به ڪيو ويو هجي پر جيڪڏهن انهن جي سوين پتي به سچ هجي ته هڪ قوم لاءِ قيامت تائين نفرت جو ڪارڻ بڻجڻ لاءِ ڪافي آهي.اڳتي ان قسم جي حوالن بابت چيو ويندو هو ته اهي سڀ ملڪ دشمن پروپيگنڊا جو حصو آهن پر هاڻي جڏهن خود ان دور جي فوجي سربراهن جي ڪتابن ۾ اهي حقيقتون ڇپجي رهيون آهن ته پوءِ ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي ته هن ملڪ جي سياسي توڙي عسڪري قيادت اوڀرپاڪستان کي پاڻ بنگلاديش بڻايو.

بدقسمتي سان تاريخ جي ان سانحي مان ڪجهه به سکڻ وارو رويو موجود ناهي ۽ اڄ به بلوچستان ۽ پختونخواهه جي ڪجهه علائقن ۾ ملڪي رهواسين سان ساڳيو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ به سياسي ڪارڪنن کي گم ڪرڻ ۽ سندن چچريل لاش ملڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. اهي سڀ غلطيون 1917ع ۾ ملڪ کي ٽوڙڻ جو ڪارڻ بڻيون ۽ انهن کي ورجائڻ ملڪ سان سڄڻائپ ناهي.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو