Home / افيئر / يورپي يونين جي گوگل کي وارننگ
above article banner

يورپي يونين جي گوگل کي وارننگ

 

يورپي يونين جي نگران اداري دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ “ گوگل” کي خبردار ڪيو آهي ته ان کي صارفين جي معلومات بابت پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. گوگل کي اهڙين تبديلين لاءِ چئن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي ۽ تبديلين جو موقصد صارفين جي خفيه معلومات جو تحفظ ڪرڻ آهي . گوگل جي نئين پاليسي هيٺ گوگل جي ويڍيو ويب سائيٽ “ يوٽيوب” سوشل نيٽ ورڪ، گوگل۽ سمارٽ فون سسٽم اينڊ رائيڊ جي ڪسٽمرز جي معلومات هڪ هنڌ موجود ۽ ان معلومات کي اشتهارن لاءِ استعمال ڪرڻ جا الزام سامهون پئي آيا. گوگل اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته هو ڪنهن ڪسٽمر جي ذاتي معلومات ڪنهن کي به نٿي ڏئي. يورپي يونين  جو الزام آهي ته گوگل پنهنجي ڪسٽمرز کي سندن معلومات حاصل ڪرڻ جي طريقي ۽ استعمال بابت صحيح معلومات مهيا نه پئي ڪري.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو