Home / ڪور افيئر / ٻٽو مڪاني نظام : ڪوڙو ڪفرسين
above article banner

ٻٽو مڪاني نظام : ڪوڙو ڪفرسين

“ اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي ” اهو جملو سالن کان ٻڌندا پيا اچون ۽ ان معاملي تي ڪيترائي ليک به پڙهڻ لاءِ مليا. مان ڀانيان ٿو ته هاڻ ان جملي تي لکڻ ۽ بحث ڪرڻ وقت وڃائڻ آهي، اڄ جڏهن سنڌي عوام جي مخالفت باوجود پيپلز پارٽي ٻٽي مڪاني نظام وارو آرڊيننس آندو ۽ بل جي صورت ۾ 5 منٽن اندر  سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ته ان وقت سڄاڻ ماڻهن کي پ پ جي اهڙي عمل تي ڪابه حيرت نه ٿي ڇاڪاڻ ته موجود ٻه پيڙهيون 70واري ڏهاڪي کان پيپلز پارٽي جي ڪردار کان چڱي ريت واقف آهن، جنهن ڪري ٽين پيڙهي کي ملڪ جي ان وڏي جماعت کي سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي ٿئي.

 

اهو ئي سبب هو جو گذريل 13 آگسٽ تي سنڌ جي انتظامي ورهاڱي خلاف تاريخي هڙتال ڪري سنڌي عوام حڪمرانن کي ٻڌائي ڇڏيو ته توڙي جو پ پ سندن ئي ووٽ عيوض اقتدار ۾ آئي آهي پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ان کي سنڌ ورهائڻ يا وڪرو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. حڪمرانن کي عوامي ردعمل ذريعي مليل پيغام سمجهي وڃڻ گهرجي ها پر ان جي ابتڙ سندن هوڏ قائم رهي .پ پ کي هميشه جيان هاڻ به اها خوشفهمي آهي ته اها ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾ رهي سگهي ٿي ۽ ان لاءِ “ مفاهمت” جو سهارو ورتو ويو. اقتدار جي حوس سبب مفاهمت سنڌ لاءِ خنجر ثابت ٿي آهي. ذهن ۾ رکڻ  گهرجي ته پ پ جو حڪومت ۾ هجڻ ان جي قيادت جي ذهانت ۽ دانشمندي نه پر ملڪي ۽ عالمي حالتن جو نتيجو آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ کي ٻه  اڌ ڪرڻ جو بنياد وجهي پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙو نه هنيو وڃي ها. ماضي ۾ صدر زرداري جو لاڏلو رحمان ملڪ ايم ڪيو ايم جي منشا موجب سنڌ ۾ مڪاني نظام لاءِ ڪافي سرگرم رهيو ۽ نيٺ بابر اعواڻ ڪراچي پهچي گورنر عشرت العباد کان آرڊيننس جاري ڪرايو جيڪو سنڌ جي ردعمل سب پنهنجي موت مري ويو ۽ بابر اعواڻ به سخت تنقيد جو نشانو بڻيو.سال گذرڻ کان پوءِ جڏهن متحده دٻاءُ وڌو ته صدر زرداري جي حڪم تحت نئين ويس سان هڪ ڀيرو ٻيهر آرڊيننس جاري ٿيو ۽ ان معاملي ۾ هن ڀيري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه اڳڀرو رهيو، جيڪو پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتن، اخباري بيانن ۽ ٽيليويزن انٽرويوز ۾ آرڊيننس جي وڏي واڪي حمايت ڪندو رهيو.سيد خورشيد شاهه خاص طور تي هن دور ۾ اهڙو ريو اختيار ڪيو آهي جنهن سان هو ٻين سياسي جماعتن ، اڳواڻن ۽ جنرلن اڳيان غير تڪراري شخصيت طور نروار ٿئي.اهو سڀ ڪجهه هن مخدوم امين فهيم کان متاثر ٿي ڪيو ،جنهن سان جنرلن کان وٺي ميان نواز شريف توڙي مذهبي جماعتن جا اڳواڻ هر وقت ڳالهائڻ لاءِ تيار هئا، اها ٻي ڳالهه آهي ته مخدوم امين فهيم صدر زرداري جي ناپسنديد شخصيت آهي پر خورشيد شاه سندس ويجهن مان آهي.

يوسف رضا گيلاني جي نااهلي واري معاملي کان پوءِ امڪاني وزير اعظم طور سيد خورشيد شاهه جو نالو به ورتو پئي  ويو پر هڪ ته صدر سنڌي هجڻ جي صورت ۾ وزير اعظم جي ڪرسي ڪنهن سنڌي ايم اين اي حوالي ڪرڻ ممڪن نه هو ۽ ٻيو ته وزير اعظم جو انگريزي تي عبور هجڻ به ضروري هو ان ڪري سيد خورشيد شاهه کي ان جو ڪو آسرو نه هو ۽ ها سندس ڪن ۾ اها ڳالهه ضرور وڌي وئي آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان پوءِ سنڌ جي وڏ وزارت سندس حوالي ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي کي پڪ آهي ته ان کي حڪمراني لاءِ وڌيڪ 5 سال ملندا. اها ڳالهه ايئن به ٿي سگهي ٿي جيئن آصف زرداري شاهه محمود قريشي کي آسري ۾ رکڻ لاءِ سندس ئي سامهون يوسف رضا گيلاني کي چيو هو ته تون صرف 3 سالن لاءِ وزير اعظم هوندين. سيد خورشيد شاهه کي الائي ڇو خوشفهمي آهي ته سنڌي عوام سندس ڳالهه تي اعتبار ڪري ٿو ۽ آرڊيننس جي وڪالت ڪندي چوندو رهيو ته اهو قدم سنڌ لاءِ هاڃيڪار نه آهي پر اوهان جي اڳيان آهي ته سنڌي عوام سندس ڏٽن ۾ نه آيو. ها ايترو ضرور آهي ته صدر زرداري ۽ ايم ڪيو ايم آڏو پنهنجون مارڪون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هو آرديننس کي بل جي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ آڻڻ لاءِ اجلاس تائين ڪراچي ۾ رهيو ۽ اسيمبلي اجلاس کان اڳ پ پ جي پارلياماني پارٽي جي گڏجاڻي ۾ به خاص مهمان طور موجود هو ۽ ميمبرن کي ان مڪاني نظام بابت قائل ڪرڻ ۾ رڌل رهيو.

گذريل عام چونڊن کان اڳ سنڌ جي وڏ وزارت جا اميدوار ٻيا به هئا پر يسد قائم علي شاهه جي منٿ ميڙ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. وقت گذرڻ سان گڏ سيد قائم علي شاهه وارو فن ( يس سر ) گهڻن ميمبرن سکي ورتو آهي، نتيجي ۾ هاڻ وڏ وزارت جا اميدوار اڳ کان وڌيڪ آهن ۽ اهي نه صرف زرداري پر ايم ڪيو ايم جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، جيتوڻيڪ کين ورڻو ڪجهه به ناهي .

گذريل عام چونڊن کان اڳ جڏهن پير مظهر الحق لنڊن کان واپس آيو هو ته هو به وڏو وزير ئي ٿيڻ آيو هو سندس چوڻ هو ته آصف صاحب کيس وڏ وزارت سونپڻ جو آسرو ڏنو آهي، سيد قائم علي شاهه جي وڏي وزير ٿيڻ کان پوءِ به هو کلي اظهار ڪندو رهيو ته شاهه صاحب فقط  ٽن مهينن لاءِ آهي ۽ وڏ وزارت کيس ئي ملڻي آهي.متحده کي خوش رکڻ لاءِ هي صاحب به ٻٽي مڪاني نظام جو بهترين وڪيل آهي آرڊيننس ۽ بل پاس ڪرائڻ وارن مرحلن ۾ اڳڀرو رهيو ۽ ان کان سواءِ ڪيترن کي معاملن ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن بجاءِ سندن موقف انتهائي سهڻي نموني پيش ڪندو رهيو آهي.سنڌ ورهائڻ باوجود هو ايم ڪيو ايم جو ٿورائتو آهي ۽ چئي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي مهرباني جنهن اسان کي مان  ڏنو ڪيو آهي،

اهڙي اميد سيد مراد علي شاهه کي به آهي پرڏيهه مان پڙهيل لکيل پنهنجي جاءِ تي پر اهم ڳالهه ته سيد آهي ۽ پ پ ۾ سيد لابي جو وزن ڳرو آهي جنهن آڌار کيس اهڙو امڪان نظر اچي ٿو.

قانون وارو صوبائي وزير اياز سومرو به وڏ وزارت ماڻڻ جي جاکوڙ ۾ آهي، هڪ ڀيري نجي ڪچهري ۾ پ پ جي هڪ سينيئر اڳواڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته هاڻي“ اياز سومرو به ساماڻو آهي” آرڊيننس جاري ٿيڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ ۽ پاس ڪرائڻ  تائين اياز سومرو جون ڪاوشون غير معمولي رهيون ان حوالي سان سندس جوش ۽ جذبو سنڌ جو عوام ٽيلي وزيرن تي ڏسي چڪو آهي.

نثار کهڙو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي احتجاج دوران جهڙي طرح ٺٺولي واري انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو ۽ مخالف ڌر کي ان جيڪي ڇڙٻون ڏنيون اهو نظارو به سڄي سنڌ ڏٺو.

ماضيءَ ۾ نثار کهڙو جڏهن اصغر خان جي تحريڪ استقلال ۾ شامل هيو تڏهن هن لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي تي مٺايون ورهايون هيون جيڪا ڳالهه عوام درگزر ڪئي پر سندس موجوده ڪردار عوام کان نه وسرندو ۽ نه ئي عوام وٽ هاڻي درگزر ڪرڻ جي گنجائش بچي آهي. مان ورجايان ٿو ته هي سمورا صاحب متحده کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ سنڌ ۽ پنهنجن ووٽرن کي وساري ويٺا آهن.

7 سيپٽمبر کان سنڌ ۾ جيڪو رد عمل جاري آهي ان مان نٿو لڳي ته پ پ جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پنهنجن تڪن ۽ گهرن ۾ قرباني واري عيد گذزاري سگهندا، جنهن جو اندازو کين به آهي. انڪري ئي ته انهن پنهنجن گهرن تي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي.

عوام ڪالهه جي پنهنجن محبوب ڳواڻن کي اڄ غدار سڏي رهيو آهي ۽ سندن گهرن تي توا، چوڙيون ۽ جوتا ٽنگي رهيو آهي ۽ هي صاحب پنهنجن ئي ووٽرن تي وڏي جبر سان توا ٽنگڻ عيوض ڪيس داخل ڪري رهيا آهن.

هتي اسان ذڪر چند ماڻهن جو ڪيو آهي پر جيڪي ميمبر ( صوبائي ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ) ان قهر تي خاموش رهيا اهي به سنڌ جا اوترائي ڏوهي آهن جن کي ذاتي مفاد سنڌ کان مٿڀرا لڳن ٿا. ڪنهن کي وڏو وزير، ڪنهن کي وزير ۽ صلاحڪار ته ڪنهن کي ايندڙ چونڊن لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ جي ڳڻتي ته وري ڪنهن کي مخصوص سيٽن تي ٻيهر اسيمبلي ۾ اچڻ جو شوق آهي.

هي اهائي سنڌ آهي جيڪا ايم آرڊي ۾ رستن تي هئي، هي اهوئي عوام آهي جن ڦٽڪا سٺا ۽ جيل ڪاٽيا، جن پ پ لاءِ پنهنجو رت ڏنو انهن ئي شهيدن جي وارثن لاءِ پ پ پروٽس بڻجي وئي آهي. اڄ سنڌي عوام پ پ اڳواڻن خلاف احتجاج جو اهو رستو اختيار ڪيو آهي جيڪو جنرل ضيا خلاف ڪيو ويو هو. اڄ انهن اڳواڻن جا علامتي جنازا ڪڍيا پيا وڃن ۽ سندن نالا گڏهن ۽ ڪتن تي نظر اچي رهيا آهن جيڪي سينو تاڻي چوندا هئا ته کانئن وڏو قومپرست ڪير به ناهي. ڌرتي جي مفاد ۾ پر امن احتجاج ڪندڙن کي لاڪپ ڪيو وڃي ٿو، مٿن گوليون وسايون وڃن ٿيون. شازيه مري کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته نام نهاد قومي ميڊيا تي اچي ڌرتي ڌڻين کي شرپسند قرار ڏئي. پ پ قيادت کي ياد رکڻ گهرجي ته هي اهائي سنڌ پوليس آهي جنهن ايم آرڊي ۾ عوام جو ساٿ ڏنو، جيڪا هاڻي سنڌ دشمن فيصلن خلاف سنڌ جي پاسي بيهي سگهي ٿي.

1983 ۾ جڏهن ضاءُالحق دادو پهتو ته عوام جو احتجاج جاري هو جنهن ۾ ميجر ان وقت جي ايس پي کي چيو ته لٽ بازي ڪيو، شيلنگ ڪيو ۽ جيڪڏهن گولي به هلائڻي پوي ته به دير نه ڪريو پر روڊ رستا خالي ڪرايو، جنهن جي انڪار تي ميجر ايس پي کي چماٽ هنئين ۽ جواب ۾ ايس پي جي ميجر کي لڳل چماٽ عوام جي همت وڌائي ڇڏي. جنهن کان پوءِ دنيا ڏٺو ته ماڻهن جنرل ضياءَ سان ڪهڙي ويڌن ڪئي. ان وقت به پ پ قيادت کي اندازو نه هو ته آمريت خلاف تحريڪ ايڏو زور وٺندي ۽ قيادت ٿڪجي پئي پر عوام اڳي کان اڳڀرو هو ۽ عوام جي طاقت اڳيان حڪمرانن جو زور نه هلندو. ايوانن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيا آهن ۽ جيلن ۾ به رهيا پر ميمبري ۽ مال ميڙڻ پٺيان حواس وڃائي ويٺا آهن.هنن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪلهن تي کڻي ايوانن تائين پهچائيندڙ عوام کين پيرن هيٺان لتاڙي به سگهي ٿو.

ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت عيوض اقتدار ماڻيندڙن جي هوڏ ته ڏسو هو سنڌ جي سياستدانن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي ٽيوشن وٺڻ ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي صلاح ٿا ڏين. سندن نظر ۾ سڄي سنڌ نااهل آهي جيڪڏهن سندن سوچ اها آهي ته ڌارين تي ڪهڙي ميار ڏجي جيڪي هميشه سنڌي عوام کي جاهل ڪوٺيندا رهيا آهن.

مهاڏاهو ۽ دانشور سمجهيو ويندڙ پ پ اڳواڻ تاج حيدر ذوالفقارآباد ۽ مڪاني نظام جي وڪالت ڪندي ڪونه ٿو ٿڪجي هو سنڌي ماڻهن تي ٺٺوليون ڪرڻ وقت اهو وساري ويهندو آهي ته سندس قيادت سنڌي هئي ۽ آهي. مير جعفر جهڙن ڪردارن سبب اينٽي سنڌي مائنڊ سيٽ جون ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ آهن. نام نهاد ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهو سانڊي وانگر رنگ مٽيندي سنڌ ۽ سنڌين کي پٺي ڏيندي نظر آيا پر هاڻ کين سمجهڻ گهرجي ته سنڌي عوام سندن منافقت ۽ مڪاري کي پروڙي ويو آهي ۽ انهن جي چال کي لبيڪ چوندڙ مفاد پرستن ۽ موقعي پرستن کي پنهجي عمل جو جواب ملي رهيو آهي،. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌي عوام هاڻي ذاتي مفادن تي ٽڪ ٻڌي بيهڻ بجاءِ سنڌ جي اجتماعي مفاد کي اوليت ڏئي ٿو ۽ سنڌ دشمن عملن ۾ ملوث ليڊرن جا ڏوهه نه وساريندو ۽ نه ئي درگذر ڪندو.

سنڌ جو عوام روڊن تي آهي سنڌ بچايو ڪميٽي تحريڪ شروع ڪري چڪي آهي. عوام جي ڪاوڙ مان حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ اهو نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي تنهن ڪري هنن کي پير پوئتي ڪندي بل واپس وٺڻو پوندو. سنڌ جون قومپرست جماعتون ته عمل جي ميدان ۾آهن پر جن پارٽين جهڙي طرح سان ان معاملي تي اسٽينڊ ورتو آهي ۽ سنڌ جو دورو ڪري عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ان سان به قوم جي همت وڌي آهي. سنڌ بچايو ڪميٽي ۾ شامل جماعتن جي قيادت کي آرڊيننس جاري ٿيڻ شرط سنڌ جو دورو ڪري عوام کي متحرڪ ڪرڻ گهربو هو جنهن سان شايد پ پ کي اهو بل اسيمبلي ۾ آڻڻ جي همت نه ٿئي ها پر خبر ناهي ڪهڙو سبب ۽ مصلحتون هيو ن جو ايئن نه ٿي سگهيو.

حڪمران پر امن احتجاجن وسيلي عوام جو اٿيل آواز ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، ان سان هو سنڌي عوام کي ڪيڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا ؟ ڀوتارن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جيڪڏهن ڪو ٻيو رستو اختيار ڪيو ته اهو کين به لوڙهي ويندو.

ڪالهه اسٽيبلشمينٽ ڇا به پئي سوچيو پر اڄ جي حقيقت اها آهي ته “ سڄاڻ سنڌ پيپلز پارٽي مان جند ڇڏائڻ چاهي ٿي.”

memon44@gmil.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو