Home / ڪرنٽ افيئر / ٻٽي شهريت: متحده وڪالت ڪرڻ لڳي
above article banner

ٻٽي شهريت: متحده وڪالت ڪرڻ لڳي

ايم ڪيو ايم ٻٽي شهريت واري قانون جي منظوري لاءِ تمام گهڻي سرگرم آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اڪيلي اهڙي سياسي جماعت آهي جنهن جو پرڏيهه ۾ وسيع نيٽ ورڪ آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ رٿيل ايجنڊا کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم انتهائي چالاڪي سان انهي تي ڪم ڪري رهي آهي، پرڏيھه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ تازو حڪومت پاران اوورسيز فون ڪالز تي لڳايل ٽيڪسز تي سينيٽ ۾ سخت احتجاج ڪري رهي آهي، ۽ ان لاءِ هُن ايوان مان واڪ آئوٽ به ڪيو آهي. جڏهن ته سينيٽ جي قانون ، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي چونڊن ۾ بيهڻ جو حق ڏيڻ لاءِ آئين ۾ 22هين ترميم ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل اجلاس ۾  فيصلو ڪيو آهي ته پهرين پارليامينٽ اندر موجود سياسي پارٽين جي سربراهن سان صلاح مشوري   بعدآيل تجويزن جي روشني  ۾   فيصلوڪيو ويندو. جڏهن ته پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل سياسي پارٽين جي اڳواڻن کان راءِ وٺڻ لاءِ خط به لکيا ويندا، ان سلسلي ۾ قانون واري وزارت هڪ ڊرافٽ تيار ڪري روانو ڪندي. ڪميٽي جو اجلاس  سينيٽر محمد ڪاظم خان جي صدارت ۾ ٿيو ، جنهن۾ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ٻٽي شهريت جي قانون جا مخالف پيپلز پارٽي جا انتهائي ٻه اهم سينيٽر اعتزاز احسن ۽ ميان رضا رباني شريڪ نه ٿيا، جڏهن ته اي اين پي جو حاجي عديل به صدر زرداري سان گڏ آذر بائيجان دوري ته وڃڻ سبب موجود نه هو، جڏهن ته باقي سينيٽرن ۾ ايم ڪيو ايم جو ڊاڪٽر فروغ نسيم، پيپلزپارٽي جو جهانگير بدر، احمد حسن، نواب زاده سيف الله مگسي، قانون وارو وفاقي وزير فاروق ايڇ نائيڪ، مسلم ليگ جو سيد ظفر علي شاھ، راجا محمد ظفرالحق،  ۽ بي اين پي  عوامي جي سينيٽر ڪلثوم پروين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فروغ نسيم ٻٽي شهريت جي قانون لاءِ جي حمايت ڪندي دليل ڏيندي چيو ته پاڪستان مان انتهائي ذهين ۽ دولت مند طبقو ٻاهر وڃي چڪو آهي، ۽ انهن جا تمام گهڻا رابطا به آهن .ان ڪري انهن جي صلاحيتن مان  ملڪ کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو،  پرڏيھه ۾ رهندڙ پاڪستاني دولتنمند به آهن، ۽ اهي پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

سينيٽر نواب زاده سيف الله مگسي فروغ نسيم جي دليلن جي حمايت ڪرڻ باوجود اها ڳالھه ڪئي ته انهي  آئيني ترميم لاءِ اسان کي حالتون بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ وچ  وارو رستو  ڪڍڻو پوندو، جڏهن ته 80 لک پاڪستاني جيڪي پرڏيھه ۾ رهن ٿا انهن ۾ اڪثريت پورهيتن جي آهي. مسلم ليگ (ن) جي راجا ظفرالحق چيو ته  1973ع جو آئين ذوالفقار علي ڀٽو اتفاقِ راءِ سان پاس ڪرايو هو، اڄ 40 سال گذري ويا آهن پر انهي شِق کي ڪنهن به نه ڇيڙيو آهي ،انهي ڪري انهي کي تبديل ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪئي وڃي، صرف 40 يا 50 ماڻهن کي بچائڻ لاءِ انهي قانون کي پاس ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪئي وڃي. سيد ظفر علي شاھ چيو ته ذوالفقار ڀٽو جنهن 1973ع جو آئين تخليق ڪيو. موجوده پ پ پ حڪومت انهي جيVision کي پٺي ڏئي رهي آهي. ڪلثوم پروين به چيو ته انهي قانون ۾ تبديلي ڪرڻ سان پارليامينٽ ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي؟ جڏهن ته جهانگير بدر انهي بل تي ڳالھائڻ بدران بل جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ، انهي موقعي تي وفاقي وزير قانون  بل جي حامين ۽ مخالفت ڪندڙن جي ڳڻپ ڪئي ته صورتحال تبديل ٿيڻ لڳي، ۽ ايئن محسوس ٿيو ته بل پاس ٿي ويندو، پر ڪميٽي جي چيئر مين پاران به انهي بل تي تحفظات پيش ڪرڻ ۽ اجلاس ۾ بدمزگي کان بچڻ لاءِ راجا ظفرالحق ۽ ڪجھه ٻين ميمبرن جي تجويز تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهي ۾ پارليامينٽ اندر موجود سياسي پارٽين جي سربراهن سان انهي سلسلي ۾ صلاح مشورو ڪيو ويندو. جڏهن ته پارليامينٽ کان ٻاهر سياسي پارٽين کي پڻ خط لکياويندا، وفاقي وزير قانون ٻڌايو ته انهي سلسلي ۾ هڪ ڊرافٽ تيار ڪري سمورن اڳواڻن کي موڪليو ويندو، هن اهو به ٻڌايو ته پرڏيھه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنل آهي پر هاڻي پوسٽل بيلٽ ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪرائڻ  لاءِ ڪم هلي رهيو آهي، انهي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن سان به رابطو ڪيو ويندو، جنهن مهل اجلاس ختم ٿيو ته مون راجا ظفرالحق کي چيو ته ڳالھه ته اوهان جي هٿن مان نڪري وئي هئي، پر اوهان ڪامياب ٿي ويا، جنهن تي هُن کِلي ڏنو، سندس کِل ۾ فتح موجود هئي، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ(ن) انهي جي مخالف آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو