Home / افيئر / پراسرار سيف الملوڪ جي واءِ
above article banner

پراسرار سيف الملوڪ جي واءِ

بدين ضلعي جي ڏاکڻي قديم شهر ڪڍڻ کان ڏکڻ طرف اٽڪل 9 ڪلوميٽر پري ڪڍڻ علي بندر روڊ کان فقط هڪ ڪلو ميٽر اوڀر طرف واري جي هڪ ڀٽ آهي، جنهن ڀٽ جي اترين الهندي ڪُنڊ تي ڀٽ جي چوٽي تي هڪ قديم پر اسرار پڪو کوهه آهي، جنهن کي سيف الملوڪ جي واءِ وارو تاريخي ماڳ سڏيو وڃي ٿو. سيف الملوڪ جي نالي سان منسوب ان ڀٽ ۽ پراسرار واءِ ( پڪو کوهه) سان هڪ رومانوي دلچسپ لوڪ داستان ان طرح سان منسوب ٿيل آهي، جهڙو ديو مالائي داستان هتان کان هزارين ڪلو ميٽر پري وادي ڪاغان ۾ ناران جي ويجهو سيف الملوڪ جي حسين ترين ڍنڍ سان وابسته آهي. سيف الملوڪ جي ئي نالي سان منسوب وادي ڪاغان جي ان دنيا جي خوبصورت ڍنڍ واري علائقي ۾ جيڪو ديو ماليائي قصو مشهور آهي جنهن ۾ چيل آهي ته مصر جي هڪ شهزادي سيف الملوڪ جو بديع الجمال نالي، وادي ڪاغان جي هڪ پري سان عشق ٿي ويو ۽ هڪ  درويش جي مدد سان اهو شهزادو ان پري جي تلاش ۾ مصر جي ملڪ کان وڏا ڪشالا ڪري اچي وادي ڪاغان ۾ پهتو.لوڪ داستان موجب ناراڻ جي ان جنت نما گلن جي وادي ۾ اڄ ڏينهن تائين انهن ٻنهي پيار ڪندڙ اعاشقن جي غارن مان مهڪ اچي ٿي. شهزادي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال پري جو اهو رومانوي لوڪ داستان ٿوري رد بدل سان سنڌ ۾ پڻ مشهور آهي ۽ تقريبن ساڳئي ان لو ڪ داستان جا ساڳيائي ٻئي عشقيه ڪردار سيف الملوڪ جتي ڀٽ ۽ پراسرار کوهه سان منسوب ٿيل آهن.وادي ڪاغان واري ان داستان ۾ ان ئي خوبصورت ڍنڍ جو ذڪر آهي جتي اڄ ڏينهن تائين سڄي دنيا جا سياح ان کي ڏسڻ لاءِ هر سال پهچن ٿا. ان لوڪ داستان ۾ درياهه ڪنهار جو پڻ ذڪر ٿيل آهي جيڪو اڃا تائين وهي رهيو آهي. ساڳي طرح سيف الملوڪ جتي ڪڍڻ وهندو هو جنهنجو هڪ بڙ وار ڍورو ان ڀٽ جي بلڪل ڀرسان اتر طرف کان وهندو هو . ڀٽ جي اوڀر ۾ هيٺاهين تي هڪ ترائي آهي جنهن چئو طرف ڀٽون آهن جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو پرين جو تلاءُ هو، جنهن تلاءَ ۾ بديع الجمال پري پنهجي سهيلين سان گڏ جي وهنجڻ ايندي هئي. شهزادو سيف الملوڪ بديع الجمال پري جي تلاش ۽ تاڙ ۾ ان ڀٽ تي اچي ديرو ڄمايو ۽ ان ئي ڀٽ چوٽي تي اهو پراسرار کوهه تعمير ڪرايو ۽ ان کوهه مان هڪ زير زمين سرنگهه پڻ تعمير ڪرائي هئي جنهن سرنگهه جو منهن اوڀر طرف پرين واري تلاءَ تائين هو. رات جي چانڊوڪين ۾ بديع الجمال پري جيئن ئي ان تلاءِ ۾ سهيلن سان گڏ وهنجڻ ايندي هئي ته شهزادو سيف الملوڪ ان کوهه ۾ داخل ٿي ان سرنگهه رستي بديع الجمال پري جو وڃي درشن ڪندو هو. جيئن ته قابل ذڪر هي ديو مالائي رومانوي لوڪ داستان واري ڪاغان ۽  بدين جي هن ڀٽ وارو تقريبن هڪ جهڙو آهي. پر ڇا هن ڀٽ ۾ به ان وقت  ڪاغان جهڙي خوبصورت وادي هئي جتي جي هڪ تلاءِ ۾ چانڊوڪين ۾ پريون وهنجڻ اينديون هيون ؟ ۽ بديع الجمال پري جي تلاش ۾ مصر جو هڪ سهڻو شهزادو هتي اچي پهتو جنهن هن ڀٽ تي هڪ وسندي آباد ڪئي ۽ ڀٽ جي چوٽي تي هڪ پراسرار کوهه کوٽايو ؟ ان جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هتي اهو ٻڌائڻ لازمي آهي ته وادي ڪاغان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي خوبصورتي سان موجود آهي.

ڪنهار درياهه ساڳي طرح سان وهي رهيو آهي، سيف الملوڪ جي ڍنڍ ۾ اها ساڳي صديون اڳ وادي خوبصورتي سان موجود آهي. ناراڻ جو قديم ڳوٺ هن وقت هڪ خوبصورت شهر ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪو دنيا جي سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. جنهن 10 کان 15 هزار بلند برف پوش پهاڙن کي چيري ناراڻ تائين بيهندي پڪا روڊ تعمير ڪرايا وياآهن جنهن ڪري اتي هر سال هزارين سياحن جي پهچ آهي، پر بدين جي سيف الملوڪ جي ڀٽ جي خوبصورت وادي اهو لاوارث ننڌڻڪو تاريخي ماڳ ويران آهي جتي سڃ واڪا ڪري رهي آهي. پاسي وارو پراڻو درياهه سڪي ويو، ان درياهه جي پيٽ مان (ايل بي او ڊي) جي ديو وارو گٽر نالو  (ڊي پي او ڊي) ٺاهي وادي پراڻ ۽ شڪور، ڪنڊڙي جهڙين مٺي پاڻي جي لاتعداد خوبصورت قديم ڍنڍن ۽ ڍورن کي زهر آلود ڪري تباهه ڪيو ويو آهي. سيف الملوڪ جي ڀٽ وارو تاريخي وڻ آهي، جنهن ڪنڊي جي وڻ لاءِ هن علائقي جي فطرت دوست سيلاني فقير مرهيات ڪانڊيرو جت جنهن جا وڏا بڙجي ڍوري واري قديم تاريخي ماڳ جا قديم واسي آهن جنهن بڙجي ڍوري تي، فقيرعبدالعظيم جت، سائين شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو پهريون قديم رسالو “ گنج شريف”پنهنجي هٿن سان لکيو هو، انهي ئي ڍوري جي جتن جي نسل سان تعلق رکندر ڪاڪي ڪانڊيري هن راقم کي ٻڌايوهو ته سندن پڙ ۽ تڙ ڏاڏا چوندا هئا ته هنن سيف الملوڪ جي ڀٽ واري ڪنڊي کي ساڳي طرح سان هنن پنهنجين اکين سان ڏٺو هو، ڪنهن حساب سان اُهو ڪنڊي جو تاريخي وڻ اٽڪل 400 سال قديمي لڳي ٿو. ڪڍڻ شهر ۽ ولاسي جي قديم نسلُ جا جُهونا ماڻهو پڻ اها ساڳي ڳالهه ڪن ٿا. اهي وڏڙا اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته ڀٽ جي چوٽي وارو اهو ڪنڊي جو وڻ ايڏو ته گهاٽو ۽ چهچ سائو هو جيڪو رڻ ڪڇ جي ڪنڌيءَ وارن ماڳن گهه ڪوٽ ڪانجي ڪوٽ، رحمڪي، بازار، روپا ماڙي، شيخاڻي گهاڙي ۽ بدين شهر کان رحمڪي بازار ۽ ڪڇ ڀڄ واري قديم تاريخي واٽ تي لنوراي شريف وٽان پڻ چٽو نظر ايندو هو، جنهن مان لڳي ٿو ته ڪنڊي جو اهو وڻ، هن وقت سڄي سنڌ جو سڀ کان قديم ۽ جهونو وڻ آهي، جيڪو اڃا تائين حيرتناڪ طور تي سلامت ۽ سائو آهي. هن عيد وارن ڏينهن ۾ گذريل 28 آڪٽوبر تي، “افيئر” جي هڪ ٽيم ان تاريخي ماڳ جو معائنو ڪرڻ لاءِ ڀٽ تي پهتي جتي ان تاريخي کوهه، تاريخي ڪنڊي ۽ ماڳ جي رضاڪاراڻي طور سار سنڀال ڪندي ڀٽ جي ڪنڌي واري ڳوٺ يار محمد بروهي جي علي احمد بروهي ٽيم سام تمام گهڻو سهڪار ڪندي سڄو تاريخي ماڳ گهمايو، علي احمد بروهي سڀ کان پهرين ڀٽ واري ماڳ ڏاکڻي ڪنڌي تي ستل صوفي درويش ابراهيم شاهه جي مزار ڏيکاري جيڪا باقي قبر جي ٿوهر جي گهاٽن وڻن ۾ گهيريل هڪ قبر جي صورت ۾ هئي جنهن جي چئني پاسن کان کٽ جي پاڳن جهڙا تراشيل چار پٿر لڳل هئا، جيڪي قديم هئا ۽ پاسي ۾ ٻيون ڪيتريون ئي پراڻيون ۽ نيون قبرون هيون. هن سيد ابراهيم شاهه جي قبرستان جو متولي پڻ علي احمد بروهي آهي. اڻ ٿڪ محبت ڪري اتي زائرين لاءِ مٺي پاڻي جو هڪ هٿ وارو نلڪو پنهنجي خرچ تي لڳايو آهي، جنهن مٺي پاڻي تي هن هڪ ننڍڙو پارڪ ۽ باغيچو پڻ لڳايو آهي، جنهن ۾ هن ڪيترائي وڻ پڻ پوکيا آهن ۽ قبرستان جي حفاظت لاءِ هن ڪنڊن جو هڪ لوڙهو پڻ ڏنو آهي .

تازين برساتن بعد اتي ٿر جا ڪيترائي گاهه پڻ نظر آيا، جيڪي هاڻي تيزي سان سڪي رهيا هئا، ڀٽ جي چوٽي تي چڙهڻ کان اڳ علي احمد اسان کي هڪ لهڙي ماڳ تي وٺي آيو جتي چو طرف سرن جا ٽڪر ڀڳل ٺڪريون ۽ پٿر نظر آيا، اتي پهچندي علي احمد رڙ ڪندي چيو ته يار هتي تمام گهڻيون وڏيون پراڻيون سرون هيون، شايد ڪو سرن جو  بٺو هو، پر افسوس جو سال 2002ع ۾سرحدي رکوالا هتان لهي سموريون آثار قديمه واريون سرون ڪڍي کڻي ويا، ان جاءِ تي ٺڪر جي ڀڳل ٿانون جون ٺڪريون ۽ ڪجهه ڪارا سروٽا پنهنجي هٿ ۾ کڻندي ٽيم ميمبر آثار قديما، تاريخ ۽ ثقافت وارن شعبن جي پارکو احمد علي جمالي “افيئر” کي ٻڌايو ته هي سرون  ۽ ٺڪر باهه ۾ سڙيل آهن، امڪان آهن ته هن خوبصورت وسندي واري ماڳ کي ڪنهن حملا آور لٽيري لٽ مار ڪرڻ بعد باهه ڏيئي ڇڏي هجي ڀٽ جي مک چوٽي جنهن تي پڪو کوهه ٺهيل آهي، ان کوهه ۽ ڪنڊي جي وڻ جو معائنو ڪرڻ کان اڳ اسان چئني طرفن کان جڏهن نهار ڪريون ٿا ته دنگ رهجي وڃون ٿا، رڻ ڪڇ رحمڪي بازار سميت ولاسو جي سڄي قديم ڪشمير جهڙي اڳوڻي وادي نهار تائين نظر اچي ٿي. آئون احمد علي کي جڏهن سڄو نقشو سمجهائيندي چوان ٿو ته هتان سامهون اولهه طرف روپاماڙي ۽ ٻهڊمي آهي ڏکڻ طرف رحمڪي بازار ۽ وڳو ڪوٽ آهي، اتر طرف ڪڍڻ ۽ لنواري شريف آهن، اوڀر طرف پراڻو درياهه واري ونگو وارو آهي، انهن سڀني جي وچ ۾ ٺهيل هي وادي جي قدرتي ڀٽ واري وادي ان وقت ڪيڏي نه خوبصورت هوندي. جڏهن ڀٽن جي اوڀر طرفان کان قدم درياهه پراڻ جي پاڻي جون مستيون هيون ۽ اتر طرف هن ئي ڀٽ کان چند وکن جي فاصلي تان بڙ جو ڍورو وهندو هو، سامهون ٻن ميلن تي اولهه طرف بڙ جو ڍورو آهي، ان دور ۾ هي سڄو وراسو باغن ۽ گلن سان ڍڪيل هو، هتان 5 درياهه وهندا هئا، هٿان مندائتي مينهن جا وسڪارا ٿيندا هئا، تڏهن ڀٽ واري وادي جو ڪهڙو نه نرمل ۽ روح پرنور نظارو هوندو. سڄو نقشو سمجهندي ۽ ماڳ جو تفصيلي جائزو وٺندي احمد علي جمالي فدا ٿي وڃي ٿو ۽چوي ٿو ته هاڻي مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته جيڪڏهن پرين جو ڪو وجود هو ته اُهي هن ڀٽ تي ضرور آيون هونديون ۽ مصر جو شهزادو سيف الملوڪ ان جي پيڇو ڪندي ضرور هتي پهتو هوندو، ڇاڪاڻ ته ان قديم دور ۾ هن ڀٽ جهڙي جنت نما وادي سندس سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ مشڪل سان هوندي. ڪاغان ۽ ڪوهه ڪاف جون پريون سير لاءِ ضرور هتي اينديون هونديون، ڀٽ جي چوتي تي چڙهي چئني طرف کان جائزو وٺڻ بعد ساڳي هنڌ تي اسين جڏهن سيف الملوڪ جي ان قديم پر اسرار تاريخي واءِ  (کوهه) کي ڏسون ٿا ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن سوين فوٽ بلند ڀٽ جي چوٽي تي کوٽيل اها واءِ وڏي وڏي مهارت سان اڇي چوني واري سيمنٽ (چروبي) سان ٺهيل آهي، هتي جا جهونا ماڻهو چون ٿا ته اها واءِ تمام گهڻي اونهي هئي جنهن ۾ پاڻي موجود هو، هاڻي اها تمام گهڻي لٽجي ويئي آهي، جنهن ڪري ان ۾ پاڻي نظر نٿو اچي، تاريخي کوهه هن وقت ديوين جي جهنگ سان ڍڪجي ويو آهي. واءِ جي ڪنارن سان ٻڌل ديوار(جنگلو) ڊهي پٽ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ان تاريخي کوهه اندر ڪرڻ جو هر وقت خطرو موجود آهي. علي احمد، حاجي شاهه محمد بروهي  ۽ ٻيا مقامي ڳوٺاڻا پاڻ ان راءِ تي سهمت آهن ته تاريخي کوهه کي جنگلو نه هئڻ ڪري ممڪن آهي ته هن کوهه ۾ هيل تائين ڪيترائي جنهگلي ۽ پالتو جانور ان ۾ ڪري موت جو شڪار ٿي ويا هجن.

آثار قديمه ۽ ثقافت کاتي جي اهلڪارن کان هيل تائين ايترو به ٿي نه سگهيو آهي جو هن تاريخي کوهه کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ لاءِ ان جي چئوطرف چوديواري ڏيارين کوهه جي ڪنارن وٽان ڪا ڀت ڏيارن کوهه جي پاسي واري ڪنڊي جو قديم تاريخي وٽ جيڪو 19 مئي 1999ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان ۾ هيٺ ڪري پيو هو، جنهن کي علي احمد ۽ علي حسين بروهي ساگهرون وجهي هڪ ٽريڪٽر جي مدد سان ڇڪي سڌو ڪيو ۽ ڪاٺ جي ٿوڻين جو سهارو پڻ ڏنو جنهن عمل ڪري اهو ناياب قديم تاريخي ڪنڊي جو وٽ فنا ٿيڻ کان بچي ويو. علي احمد بروهي هتي “افيئر” کي اها حيرت ناڪ ماجرا پڻ ٻڌائي ته 1994ع واري برساتي ٻوڏ، 2003ع واري ايل بي او ڊي جي ڀيانڪ ٻوڏ ۽ گذريل سال 2011ع جي مها ٻوڏن ۾ سڄو علائقو ٻڏڻ ڪري ولاسي جي متاثر ماڻهن سيف الملوڪ جي هن ڀٽ تي اچي پناهه ورتي ۽ اهي ٻوڏ متاثرن مهينن تائين هتي خيما کوڙيو ويٺا هئا.اٽڪل 600 ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل هي خوبصورت وادي واري ڀٽ هر ڊزاسٽر ۾ هن علائقي جي اڪيلي محفوظ پناهه گاهه آهي، جتي زير زمين پاڻي پڻ مٺو آهي، هڪ ميل جي فاصلي تي راجھوراهه شاخ پڻ وهي ٿي، ان ڪري حڪومت آٽار قديما ۽ ثقافت کاتي سميت بدين ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز وارن کي منهنجي اپيل آهي ته خدارا هن سيف الملوڪ جي ڀٽ واري اجڙيل خوبصورت تاريخي ماڳ کي آباد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪو اهڙو منصوبو، جنهن سان هي ماڳ بحال تي سگهي. جوڙيو، هنگامي ڊزاسٽر ڪميونٽي سينٽر ٺهرائڻ سان گڏ هتي اهي سڀ گهربل سهولتون فراهم ڪيو جنهن سان هي تاريخي ماڳ محفوظ رهڻ سان گڏ هڪ پناهه گاهه ۽ هڪ دفعو ٻيهر هي ماڳ هڪ خوبصورت تفريح گاهه بڻجي سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو