Home / پروفائيل / ڪامريڊ سلام بخاري، سنڌ جنهن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي
above article banner

ڪامريڊ سلام بخاري، سنڌ جنهن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي

دنيا جي عظيم ماڻهن جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته هو عام زندگي ۾ ٻين کان بلڪل نرالا ۽ الڳ سوچ ۽ عمل تي گامزن رهن ٿا. ذاتي زندگي ۾ ٺاهه ٺوهه، پذيرائي، وڏائي، نمائشي انداز ترڪ ڪري مقصد ۽ فڪري ڌارا جي ساک رکي سدائين جدوجهد، عمل ۽ ڪم ۾ رڌل رهن ٿا.مطلب نه آرام ۽ سک پر پنهنجي آدرش ۽ ايمان سان نينهن لڳل نطرايندا، آسائش، سڪون، سندن لاءِ حرام آهي. مرشد لطيف اهڙن ماڻهن لاءِ فرمايو آهي ته

کاهوڙي کجن پسي پورهيت ويسرا

نڪي کڻن پاڻ سين نڪي ساڻن پاڻ،

اهڙا جن اهڃاڻ،آئون نه جيئندي ان ريءَ

اهڙن انسانن جي ڪري هي دنيا آباد آهي سنڌ ڌرتي ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار ملندا جن زندگي ۽ ديس وارن لاءِ وقف ڪري ڇڏي، پرڪي اهڙا به انسان آهن جن جي ماتر ڀونءَ سنڌ نه هئي ، هجرت ڪري آيا ۽ حقيقت کي مڃيندي اصل هن ڌرتي سان اهڙو ناتو جوڙي ويٺا جو اصلي ڌرتي ڌڻين کان ٻه وکون اڳتي، اهو ظرف ۽ سچائي جو عمل اڄ جي ڌرتي ڌڪاڻن لاءِ مثال آهي. ڌرتي ڌڪاڻن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتراقومي اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ منهنجي ذهن ۾ آهن جيڪي هاڻوڪي دور جي دهشتگرديءَ جي باهه ڀڙڪائيندڙ، جلاءُ گهيراءُ  ۽ آدمخوري جي منهن تي چماٽ آهن.

هڪ ڪردار جنهنجو ڇا مثال ڏجي ڪامريڊ عبدالسلام بخاريءَ جو به چنڊ وانگر واضح ۽ چٽو آهي، جيڪو پيدا ته 1911ع ۾ گونڊا (اترپرديش انڊيا) ۾ ٿيو پر ورهاڱي کانپوءِ ملتان کان ٿيندو اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو. ميٽرڪ گونڊا مان پاس ڪيائين تمام خوشحال طبقي سان واسطو رکندو هو، سندس شادي هڪ وڏي زميندار محب الله جي ڌيءَ سان ٿي. 1932ع ۾ ۽ لڏپلاڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ 1984ع ۾ گذاري وئي. سندن وڏا بخارا کان آيل هئا، پاڪستان ۾ اچڻ کان پوءِ خاندان جا ماڻهو نوڪرين ۽ ڪاروبار ۾ جنبي ويا پر سلام بخاري جي ذهن ۽ ضمير ۾ شروع کان هڪ متحرڪ انسان واسو ڪريو ويٺو هو، هن گڏيل هندستان جي ورهاڱي کان اڳ ئي سنڌ ۽ پنجاب جو وسيع دورو ڪري ۽ معروضي حالتن جو تجزيو ڪيو- سکر ۾ رهيو، گذرسفر لاءِ پانڊيور جي هڪ ٽيڪسٽائل فيڪٽري ۾ مئنيجر رهيو هو، اتي مزدورن سان سندس تمام همدردي وارا رويا رهيا، جنهن ڪري سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿيو ۽ دل ۾ پورهيت سان محبت جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو.بمبئي ۾ سندس لاڳاپا ترقي پسند دوستن سان ٿيا.فڪري طرح ٿيندڙ ميڙميڙاڪن ۾ شريڪ ٿي کاٻي ڌرجي مختلف پروگرامن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. الله آباد ۾ موسيقي ۽ ناچ سيکارڻ جا ڪلاس به وٺندو هو، نوجوانن جي سکيا ۾ لڳو رهندو هو.

1947ع ۾ ڪراچي اچڻ کانپوءِ جلدي مزدور تحريڪ ۾ سرگرم هئڻ ڪري جيل جا عذاب برداشت ڪيائين،1950ع ۾ عوامي ليگ ۾  شامل ٿيو،. سهروردي وٽ سندس لاءِ وڏي عزت هئي ان جو ڪارڻ سندس اصول پرستي هئي. جڏهن عوامي ليگ ڇڏيائين ته سهروردي سندس وڏي ضرورت محسوس ڪندي کيس واپس آڻڻ لاءِ وس ڪيا پر ڪامريڊ سلام بخاري هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو، سندس تبديلي پسند سوچ اها هئي ته هاري منظم ٿين ته قومي جمهوري انقلاب اچي سگهي ٿو.

1954ع ۾ ترقي پسند لڏي خلاف وڏي وٺ پڪڙ ٿي ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي پئجي وئي. ڪامريڊ بخاري پاڻ بنا مصلحت جي عام خلق جي ترجماني ڪندي سخت جدوجهد ۾ رهيو.سندس جدوجهد جو مدار هاري تحريڪ تي هو. 1958ع ۾ هزارين هارين جي اڳواڻي ڪندي نواب شاهه مان ڪراچي جهانگير پارڪ ۾ ڪامياب وڏو جلسو ڪيائين . اهو سنڌ جي تاريخ ۾ هارين جو وڏو جلسو هو، پاڻ وقت جي صدر اسڪندر مرزا سان هارين جي حقن لاءِ ملاقات ڪيائين- تڏهوڪي اوڀر پاڪستان ۾ مولانا ڀاشاني عوامي ليگ ڇڏي نيشنل عوامي پارٽي ٺاهي- سنڌ ۾ ڪامريڊ بخاري، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد سان گڏ هئا. مولانا ڀاشاني سندس خدمت عيوض کيس اوڀر پاڪستان گهرايو- جتي به سندس هارين جي جلسن کي خطاب ٿيا، وڏو داد مليو. اَيوب خان 1958ع ۾ مار شل لا لاڳو ڪيو، سياسي چرپر صفا ماٺي ٿي وئي پر سلام بخاري نواب شاهه کي مرڪز ٺاهي مقامي هارين ۾ زبردست هلچل شروع ڪئي- زندگي عملي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. 1968ع ۾ ترقي پسند تحريڪ بلاڪن ۾ ورهائجي وئي هڪڙا روس نواز ٻيا چين نواز بڻيا ته وڏو ڀونچال آيو، پر ڪامريڊ بخاري انهن اختلافن کان بالاتر ٿي هارين جي مفاد ۽ مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جاري رکي.سندس ايمان هو ته هارين جا مفاد اهڙا آهن جو سندن ڪو به ڌڻي سائين ڪونهي، سندن جدوجهد ئي سک آرام جو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿي. مٿس مائوزيتنگ جو فڪر حاوي رهيو پر چين ۾ ثقافتي تبديلي ٿي سندس راءِ هئي ته اتي جي ماڻهن کي ثقافتي ۽ ٻولي جي مسئلي ۾ اختيار هجڻ کپي. انهي مسئلي ۽ سنڌ جي قومي مسئلي تي ڪامريڊ سلام بخاري جي پاليسي مثالي رهي. سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حق ۾ صفا واضح موقف رکندو هو، پاڻ سنڌي سکيو لکندو ۽ پڙهندو هو. سندس پارٽي ميمبر لاءِ اهو ضروري هو ته سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ لکي سگهي، جي اڻ پڙهيل ڪارڪن هوندو ته ان کي ڇهن مهينن ۾ سنڌي پرهائي تيار ڪندا هئا.

اهڙا مثالي ڪردار خوشحال گهرڇڏي هارين ۽ مزدورن جي ڀلائي لاءِ جهرجهنگ جهاڳيندا رهيا.سندس ذاتي زندگي تمام فقيراڻي هئي، پويون سڄو وقت پس پرده رهيو-جنهن ڪامريڊ وٽ وڃي رهندو هو ته گهر جي ڀاتين کي به خبر نه هوندي هئي ته هي ڪير آهي ؟ رڳو ماستر مولوي صاحب سڏبو هو، اسان جو بزرگ ۽ ڀلوڙ انسان چاچو غلام نبي بهراڻي ٻڌائيندو هو ته ڪامريڊ سندس گهر ۾ اڪثر اچي رهندو هو-چوندو هو مونکي گهرجي ڪم ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڏيو، زوري ٿانو پيو ڌوئيندو – ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ جتن ڪندو، ٻارن کي وهنجارڻ، مطلب ته سندس دل سدائين مطمئن نه  رهندي هئي جيستائين پنهنجي حصي جو ڪم نه ڪندو هو.چاچا غلام نبي جي گهر واري ايجوڪيشن ۾ وڏي عهدي تي هئي، پر ايم ڪيو ايم جي وزارت جي دور ۾ کيس تنگ ڪيو ويو-ڊپٽي ڊائريڪٽر هئي، هڪ ڏينهن آپا آمنه گهر پهتي ته ڪاوڙ ۾ ڪامريڊ بخاري ڏانهنس ڏسي چيو “ هي مهاجر گهر ۾ ويهاريون ويٺو آهين- هن جي مهاجرن مونکي رت ڪري ڇڏيو آهي”۽ اندر هلي وئي- چاچا غلام نبي چيو “ ڪامريڊ بخاري اچي ٿو روئڻ ۾ جُٽي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو-گهڻو پرچائڻ جي ڪيم پر بخاري صاحب ڏري پيو- چئي مون پنهنجا مٽ مائٽ ڇڏيا، سڀ واسطا ڇڏيا  پاڻ کي سنڌي ثابت ڪرڻ لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي، پوءِ به مونکي اوهان قبول نٿا ڪريو” حساس ماڻهو هو تمام گهڻو رنج پهتس – پوءِ  چاچي غلام نبي گهر واري کي سمجهايو ۽ آپا بخاري صاحب کان معافي ورتي . سندس گهڻو رهڻ قاسم ملاح وٽ به ٿيندو هو پر اصل گهرجي ڀاتي وانگرٽنڊو محمد خان سندس مرڪز رهيو هڪ عجيب انسان هو. شگر مل جي ڪنهن ڪامريڊ وٽ رهيل هجي- تڏهن ليٽرين ۾ ڊبليو سي نه هوندي هئي فضلو صبح جو ڀنگي اچي کڻندو هو. بس چلهه وانگر ليٽرين ۾ ويهڻ جي جاءِ هوندي هئي پر ڀنگين جي اڻاٺ سبب ڪڏهن ڪڏهن پاڻ فضلو صاف ڪندا هئا.ڪامريڊ جي گهر واري بخاري صاحب لاءِ مڙس کي چوڻ لڳي ته پرايا ڪاڪوس به آئون صاف ڪريان، مون سان ظلم آهي- سلام بخاري ٻڌي ورتو. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ اٿي سڄو ليٽرين هٿن سان صاف ڪري ڇڏيائين گهر ڌڻي ڏاڍا پشيمان ٿيا، ڪامريڊ چئي خير آهي، مون تي به ڪا ڊيوٽي هجڻ کپي. مطلب تمام حساس انسان هو ڪنهن تي بار نه ٿيندو هو.

سائين قادر بخش طالباڻي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن پندرهن سالن جي معصوم نينگر کي مون وٽ وٺي آيو چئي “ هي اٿئي حسن درس، مستقبل جو تمام وڏو شاعر ۽ عظيم انسان اڃا ستين ڪلاس ۾ پڙهي ٿو پر سندس شاعري ته ٻُڌ”

اعجاز جسڪاڻي، مقبول نظاماڻي، حسن درس، حيدرآباد ۾ رهندا هئا، ڪامريڊ بخاري به اچي وٽن رهندو هو پر سندس اسرار هوندو هو ته مونکي ماني کارايو ٿا ته ان جو شيئر مون کان وٺو” پوءِ يار بهانا ڪندا هئا ته “ ڪامريڊ هي سڀ سامان شفقت جو آهي- مقبول ڳوٺان اٽو آڻيندو آهي، اعجاز ٽنڊو ڄام مان گهرجي ڀاڄي آڻيندو آهي، حسن گيهه کنڊ گهران کڻي ايندو آهي پر ڪامريڊ مڃي ئي نه. پوءِ ڀلا ماني پچائڻ، ٿانو ڌوئڻ ۾ آئون مدد ڪندس. سڄي حياتي ڪامريڊ بخاري جدوجهد ۾ گذاري قومي خودمختياري تي سندس واضح راءِ هئي ته قومن کي اهو حق هجڻ گهرجي ته هو خودمختيار رهن ٿيون اهو سندن مرضي تي ڇڏڻ گهرجي، سندس ڪوششن سان هاري تحريڪ سنڌ ۾ زورن تي رهي، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، لقمان لغاري، عثمان لغاري، باقر سنائي ۽ ٻين جي ساٿ ۾ هاري تحريڪ چمبڙ ۾ هاري ڪورٽون قائم ڪيون جتي زميندارن تي ڪورٽ وانگر ڪيس هلندا هئا. ڪافي ماڻهو به سندس صحبت ۾ هوندا هئا. خاص ڪري حيدر علي لغاري، محب علي نظاماڻي، قادر بخش طالباڻي، سندس محبت جو دائرو تمام وسيع رهيو. حيدر چوڪ کان پنڌ نڪري ته ڪاري موري تائين سخت گرمي يا سردي ۾ وقت تي پهچندو- تمام ذميوار انسان، جو مثال مشڪل ملي. ساڃاهه، سجاڳي ۽ ترقي پسند ڌارا جي ترقي ۾ ڪامريڊ سلام بخاري جو ڪردار ڀرپور رهيو آهي. 1 فيبروري 1986ع تي هن عظيم انسان جي ساهه پرسويا، ان وقت سائين حيدر علي لغاري وٽ رهيل هو،سندس  تدفين مشهور انقلابي شهر ٽنڊو قيصر جي قبرستان ۾ آڌي رات جو ٿي جنهن ۾ صرف چند ماڻهو شريڪ هئا.ابراهيم جويو، محب علي نظاماڻي، حيدر علي لغاري، مقبول ۽ هڪ ٻه ٻيا ڪي همراهه. هن سڄي حياتي گمنام گذاري، ڪيئي انسانن جي دلين کي سيراب ڪري ويو پر وري وفات به گمنامي ۾ ٿيس.

هي عظيم ڪردار مستقبل جي نسلن لاءِ مثال آهي،حق سچ ، عمل ۽ جدوجهد جو بي مثال نمونو، سندس سڄي حياتي جي ڪوشش ۽ محنت آهي- سلام آهي، اهڙن کاهوڙي ماڻهن کي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا، تاريخ ۾ سائين زندهه رهندا.

سندس مرڻ کانپوءِ هن جي ذاتي ملڪيت ۾ صرف ٻه جوڙا ڪپڙا –هٿ جا لکيل مضمون ۽ ڪجهه ذاتي ڪتاب، پراڻو جوتو مليا. البت سندس باذوق هئڻ جو هڪ ثبوت سندس پراڻي ( روليڪس) گهڙي هئي-آئون حيران آهيان ته اڄ روليڪس گهڙي 3 لک کان 80 لک تائين وڪامجي ٿي ڪامريڊ کي ڪاتحفي ۾ مليل هئي يا خانداني ورثو، جو آخر تائين گڏ رکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو